خانصاحب استاد منظور علي خان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    خانصاحب استاد منظور علي خان​

    [​IMG]
    ذوالفقار علي

    ننڍي کنڊ جي سڀني کان اول، پراڻي موسيقيءَ جي گهراڻي، گواليار جي ترجمان راڳي استاد منظور علي خان صاحب کي اسان کان وڇڙي 30 سال ٿي ويا آهن. پر اڄ به هن امر راڳي جو آواز سدا حيات لڳندو آهي.
    سنڌ ۾ راڳ جي حوالي سان صوفي فڪر جي ڪري هر مذهب ۾ موسيقيءَ جي علم يا فن جو پرتو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نظر اچي ٿو. جيئن رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سنڌ جي ٻن صوفين جا باقاعده ميلا ٿيندا آهن جنهن ۾ چوٿين تي فقير ولي محمد ۽ چوڏهين تي هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو ميلو لڳندو آهي، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي بلا تفريق سڄو سال راڳ جو سلسلو جاري و ساري رهي ٿو.
    خانصاحب استاد منظور علي خان صاحب سنڌ جي هر مشهور ۽ غير مشهور صوفيءَ تي پنهنجي راڳ سان حاضري ضرور ڏني آهي. ڇا چوندا آهن ته جيئن جو کائجي جي تنهن جو ڳائجي!
    مڙني جو استاد ۽ ڪلاسيڪل ۾ جگت استاد منظور علي خان جڏهن نواب ولي محمد فقير تي چوٿين تي حاضري ڏيندو هو ته سندس سڀ شاگرد جنهن ۾ محمد يوسف، وحيد علي، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، دين محمد دمساز، محمد عرس محمد اڪرم ۽ ڍولڪ تي ڀلو ۽ طبلي تي ديدار حسين ساٿ ڏيندو هو.
    ان سان گڏوگڏ ڪلام هوندو هو، ”آهيون عبديت جي اولي وويار.“ خوبصورت ڳالهه اها اهي ته عام طور تي ان درگاهُن تي سنگ وارو انداز ڳايو ويندو آهي، پر خانصاحب منظور علي خان ان کي ڪلاسيڪل جي آميزش سان ويتر سگهارو ۽ دائمي ڪري ڇڏيو. اهڙو جو جڏهن سهراب فقير ان رنگ کي پنهنجو ڪيو ته سنڌ ۾ سهراب فقير جو نالو چمڪي پيو. لوڪ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ کي استاد منظور علي خان راڻي ۾ شاهه عبداللطيف جي ميلي تي ملائي پنهنجي سڀني شاگردن کان علاوه فقير عبدالغفور، علڻ فقير، حسين بخش خادم، غلام محمد فقير ۽ ........
    ان زماني ۾ سهراب فقير خورشيد علي خان سان طبلو ۽ ڪڏهن ڪڏهن باجو وڄائي ڏوهڙو به ڏيندو هو.
    استاد منظور علي خان سچل جي ميلي تي خاص حاضري ڏيندو هو، جنهن ۾ هر رنگ ڳائيندو هو، ڪلاسيڪل، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ آخر ۾ خيال ۽ ترانو به استاد منظور علي خان نه رڳو شاگردن کي پاڻ گڏ ڳارائي انهن جو نالو مشهور ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو، پر پاڻ وٽ رهائي، ٻچن وانگر رکي کارائڻ پيارڻ کان وٺي شادي ڪرائڻ تائين شاگردن سان سهڪار ڪندو هو.
    استاد منظور علي خان هڪ سچو انسان هو. پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ثقافت، پنهنجي ٻولي پنهنجي راڳ سان جيڪا ڀلائي خانصاحب پنهنجي زندگي جي مطالعي ۾ نظر اچي ٿي ٻين کي گهٽ حصي ۾ آئي.
    استاد منظور علي 1922ع ۾ شڪارپور سنڌ ۾ پيدا ٿيو جتي هن ورني ڪيولر اسڪول مان پرائمري پاس ڪئي. راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان عرف جمالو خان، ان کان پوءِ استاد وسينڌو خان (محمد فقير کٽياڻ تي رکيل) کان ورتي.
    خانصاحب استاد منظور علي خان پنهنجي دور جي سڀني وڏن ڪلاسيڪي راڳن جي صحبت ۾ رهيو. جنهن ۾ پٽورڌن اوم ڪارناٿ ٺاڪر، ڊي وي پلوسڪه کان علاوه استاد بي بو خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد الله ڏنو نوناري، استاد بڙي غلام علي خان وغيره وغيره.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ استاد منظور علي خان جو هڪ مشهور ڪلام ”پرچن شال پنهوار ڍولا مارو مون سان“ صنم ماروي ۽ راحت فتح علي خان جي آواز ۾ پي ٽي وي جي پروگرام ”ورثه“ ۾ ميان صلاح الدين صل، ساحر علي بگا ۽ معروف پروڊيوسر فرخ بشير جي پروڊڪشن ۾ پيش ڪيو ويو. تنهن تي محسوس ٿيو ته هي سنڌ جو شهنشاهه راڳي صرف سنڌ جو نه پر پاڪستان بلڪه ننڍي کنڊ ۾ اڃا به ٻڌو وڃي ٿو. اها الڳ ڳالهه آهي ته صنم ماروي ۽ راحت فتح علي خان جو آواز sopranos هئڻ جي ڪري ڪلام مان مردانه آواز جي خوبصورتي جي کوٽ رهي. جيڪا استاد منظور علي خان جو خاصو هو.
    نه رڳو راحت فتح علي خان پر نصرت فتح علي خان به استاد منظور علي خان کي ڪاپي ڪيو هو. استاد منظور علي خان جو ڳايل ڪلام ”سُڌ نه سورن جي ڪل ڪا ماکي ڏاڍو برهه بڇايو ٿئي.“ راڳ ڀيم ۾ ڳايل ان ڪلام کي ٻڌڻ کان پوءِ جڏهن نصرت فتح علي خان جو ڪلام ”دم مست قلندر مست مست“ ٻڌو وڃي، خانصاحب منظور علي خان جو ڳايل ڪلام Classicized لڳندو. سگهارو ۽ دائمي محسوس ٿيندو. جڏهن ته نصرت فتح علي خان جو دم مست ٻڌڻ سان، نوشاد علي موسيقار اعظم جو ڪمپوز ٿيل فلم گانو، لتا منگيشڪر جو ڳايل
    اس دنيا ۾ سب چور چور
    ڪوئي ڇوٽا چور ڪوئي بڙا چور
    جي کنيل ڌن لڳندي.
    سنڌ، پاڪستان توڙي ننڍي کنڊ جي راڳ جي راڻي استاد منظور علي خان جڏهن سچل سرمست جي ڪلام
    ڇڏ رسامان آءُ تون يار
    مون کي تنهنجي سار سنڀار
    درازا شريف ۾ ڳايو هو ته ماڻهن استاد منظور علي خان کي لنگيون، نوٽن، گلن جا هار ۽ نرڙ تي چميون ڏيئي اجرڪون ۽ ٽوپيون اوڍايون هيون.
    هڪڙي ڏينهن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي تي استاد خانصاحب منظور علي خان کان پڇيو هو ته چاچا! اهي سڀ شاگرد توهان جا ڪلام ڳائي ويندا آهن، توهان جو جڏهن آخر ۾ وارو ايندو ته توهان ڇا ڳائيندو سائين وراڻيو، اسان جڏهن رڳو آ...... ڪنداسين ته اهوئي ڪافي هوندو.
    خانصاحب منظور علي خان واقعي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافي کي جنهن مرتبي ۽ مقام تي گائيڪي جي انداز ۾ پڄايو آهي اهو خانصاحب جو ئي ڪارنامو آهي.
    اها ئي وجهه آهي ته اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خانصاحب جا ڳايل ڪلام تمام عزت و احترام سان ٻڌا ويندا آهن.

    نوٽ استاد منظور علي خان جي هڪ رپورٽ ۽ انٽرويو ٻڌڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: خانصاحب استاد منظور علي خان

    سنڌي موسيقي جي ڳاله ڪجي ۽ استاد منظور علي خان جو ذڪر نه ڪجي ته ڄڻ اڌوري ڳاله ڪئي سين۔ لطيف سرڪار کي پنهنجي روايتي ۽ ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائڻ وارن مان استاد هڪ هئو۔

    مهرباني دوست ونڊڻ جي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: خانصاحب استاد منظور علي خان

    بهترين ونڊ سائين
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: خانصاحب استاد منظور علي خان

    بهترين آ ادا.
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: خانصاحب استاد منظور علي خان

    بهترين سائين
     
  6. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو