گهڻ پاسائين شخصيت مولابخش چنڊ سان ڳالهه ٻولهه

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گهڻ پاسائين شخصيت مولابخش چنڊ سان ڳالهه ٻولهه​

    [​IMG]
    انٽرويو: عبدالحميد جويو

    آ: اوهان سماجي، سياسي، فني ۽ ادبي ميدانن ۾ سٺي ساک رکو ٿا، اوهان پنهنجي زندگيءَ جي سفر بابت ڪجهه ٻڌايو؟

    ج: آءُ هڪ غريب گهراڻي جو فرد آهيان، والد صاحب هارپو ڪندو هو ۽ ضعيف العمر هئڻ سبب منهنجي ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا جنهن بعد پوئتي هڪ ننڍو ڀاءُ ۽ چار ڀينرن کي سنڀالڻ جو بار مون تي اچي پيو، منهنجو جنم سنڌ جي سياسي ۽ سماجي طور سڃاتل شهر مورو جي ويجهو ڳوٺ محمد رحيم چنڊ ۾ ٿيو ۽ شروعاتي تعليم به ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيم. والد صاحب جي وفات بعد جيئن ته گهر جو وڏو آءُ هئس ۽ ذميواريون مون تي هيون پر ننڍو هئڻ ڪري وڏيون پريشانيون ڏسڻيون پيون. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ مون کي منهنجو ماسات محمد اويس چنڊ ڪراچي وٺي آيو. هو پاڻ ملڪ جي هڪ اهم ڳجهي اداري ۾ نوڪري ڪندو هو جتي سنڌي ماڻهون نه هئڻ برابر هئا. هو ان بعد هندستان ۾ پاڪستان جو اتاشي به رهيو ۽ آخر ۾گهرو وزارت مان جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن مونکي هتي ماستري (SLT) جي نوڪري ڏياري پر ان کان اڳ پرائيويٽ اميدوار طور نائين ڏهين جو گڏيل امتحان ڏياريو، جنهن بعد مون نوڪرين جي دوران ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس پاس ڪئي، اهڙي طرح سموري تعليم پرائيويٽ پڙهيم.

    ع آ: اوهان ڪهڙي اداري ۾ نوڪري ڪئي؟

    ج: سنڌي لئگنويج ٽيچر کان شروعات ڪندي وزارت اطلاعات و نشريات اسلام آباد، وزارت صنعت (TIRDC) ڪراچي، سنڌ ايرڊ زون ڊولپمينٽ اٿارٽي کانپوءِ آخر ۾ وڏي عرصي تائين نيشنل انشورنس ڪارپويشن ۾ اهم ذميواريون نڀائيندي سن 2000ع ۾ جبري رٽائر اسڪيم تحت رٽائر ٿيم. اين آءِ سي ۾ آءُ ليبر يونين جو اڳواڻ رهيس جنهن تحت يادگار خدمتون سرانجام ڏنم.

    ع آ: سماجي خدمتن وارو جذبو ڪڏهن ۽ ڪيئن پيدا ٿيو؟

    ج: زندگي جو سفر ماڻهو کي سيکاري ٿو، ننڍپڻ ۾ وڏا ڏک ۽ ڏولاوا ڏٺم، پاڻ جهڙن مسڪينن ۽ يتيمن جي حالت کي ڏٺم، ذاتي مشاهدو رهيو انڪري خواهش هئي ته رب تعاليٰ سگهه ڏيئي ته پاڻ سان گڏ ٻين لاءِ به ڪجهه ڪري سگهان. الله تعاليٰ جا لک شڪرانا جو ڪراچي ۾ ماستريءَ دوران سنڌي لئنگويج ٽيچرز ايسوسئيشن جي پليٽ فارم تان اهم عهدو ملڻ ڪري سماجي ڪم جي باقائدي شروعات ڪيم ۽ سکڻ جو مرحلو شروع ڪيم. ان بعد ڪراچي جي رمپا پلازا ۾ قائم سنڌي گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي دفتر ۾ پنهنجي مامي محمد اسماعيل چنڊ ڪنهن ڪم لاءِ موڪليو جتي هڪ پياري ۽ سڄي حياتي ارپڻ واري انسان پروفيسر مظهر ميمڻ سان ملاقات ٿي، اڳتي هلي ميمبر ٿيس ۽ سگا آفيس ۾ پابنديءَ سان وڃڻ ڪري زندگيءَ جو وڏو عرصو ڪارڪن طور خدمتون سرانجام ڏيندي آخر ڪراچي شاخ لاءِ ٻه ڀيرا جنرل سيڪريٽري طور چونڊيس ۽ پنهنجي وت آهر فرض نڀايم. سماجي ڪم جو ڏانءُ ۽ جذبو صحيح معنيٰ ۾ سگا مان سکيس. ان کان علاوه ڪيترن ئي فورمن ۽ پليٽ فارمن تي اهم عهدن تائين رسائي ٿي ۽ نوڪري باوجود حياتي جا اهم ڏينهن انهن ڪمن ۾ گذاريم.

    ع آ: اوهان فن جي دنيا ۾ به سڃاتا وڃون ٿا؟

    ج: ڪراچي جي مانائتي درگاهه اين جي وي اسڪول ۾ استاد هئڻ سبب بندر روڊ تي اسڪول جي سامهون ريڊيو پاڪستان ڪراچي جتان منهنجي مهربان محمد ايوب چانڊئي نياپو ڏنو ته ريڊيو تي هفتيوار ٻارڙن جي دنيا پروگرام لاءِ اسڪولي ٻارن جي ضرورت آهي ان جي مشوري تي نه رڳو منهنجي شاگردن پر انهن سان گڏ مون پاڻ به ان مشهور پروگرام ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. بس ريڊيو تي پير رکڻ بعد پوءِ ته زندگي جا 17 سال ريڊيو ڪراچيءَ کي ڏنم جتي وڏو عرصو مقامي خبرون پڙهيم، ڊراما، ادبي پروگرام، شاگردن جي پروگرام ۽ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حصو ورتو. ريڊيو تمام گهڻو ٻڌو ويندو هو ۽ تفريحي خط ملڻ سبب همت افزائي ٿيندي هئي اتي مونکي ننڍپڻ ۾ عظيم انسانن سان گڏ ڪم ڪرڻ، واقفيت هئڻ جو موقعو مليو جن ۾ نور محمد لاشاري، اي آر بلوچ، انور سولنگي، قربان چنه، ريحانه، شازيه ممتاز، ممتاز شيخ، گل بانو، اقبال سعيد انصاري، اردوءَ جي اهم اداڪارن ۽ مشهور پروڊيوسرن ڪوثر ٻرڙو، گل حسن قريشي، جهانگير قريشي، ممتاز اعواڻ، ارشاد اعواڻ، ابراهيم شيخ، محمد خان لغاري، محمد علي پٺاڻ، نصير سومرو، نثار ميمڻ، عبدالله ويسر ۽ الائجي ڪيترن ئي عظيم انسانن سان صحبت رهي. ريڊيو کان علاوه ٽيليويزن جي پرک، اوطاق، لطيفي لات ۽ ڊرامن ۾ به ڪم ڪيم. فن جي دنيا جا منهنجا پروڊيوسرن ۽ ساٿين ۾ جيڪي نه وسرندڙ هئا يا آهن انهن ۾ سڪندر سرواڻ، علي نواز سومرو، اياز گاد، رسول بخش ڏاهري، احمد ميمڻ، ڪرم الدين پنهيار، سڪندر چانڊيو، ڪوثر ٻرڙو، ياسمين خواجه، قمر النساءِ هڪڙو وڌيڪ ويجها رهيا ۽ ياد آهن.

    ع آ: اوهان ادبي دنيا ۾ ڪيئن پير رکيو؟

    ج: سماجي ۽ ادبي سرگرميون گڏ رهيون، سگا کانسواءِ منهنجو پيارو دوست عبدالستار ڀٽي ۽ اڪادمي ادبيات جي آغا نور محمد پٺاڻ کان علاوه علي نواز وفائي جن جي ساٿ ۽ صحبت ادب ۾ پڻ حصو وٺرايو. آءُ ريڊيو جي زماني ۾ مشهور ڪالم جهاتيون ۾ لکندو هئس جنهن کي معروف صحافي ۽ اديب عبدالڪريم سعدي جن ترتيب ڏيندا هئا. اسان کي لکڻ جو ڏانءُ ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ جڳ مشهور ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، پروفيسر نعيم تقوي، اياز قادري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ارشد انڍڙ ۽ ٻين جي پاران مليو جنهن سبب سکيا ملي ۽ پوءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻيون شايع ٿيون. اطلاعات کاتي جي پيغام رسالي ۾ پڻ دوست آفتاب جي مدد سان شايع ٿيون، مون سنڌ جي معتبر ۽ منفرد صحافي ۽ اديب علي نواز وفائي جي لکڻين تي تبصرن ۽ راين کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏني ۽ باقاعده سنڌي ادب ۾ نالو داخل ڪرايو. نثار ڀٽي ۽ مونکي ادبي سنگت جي دوستن انعام شيخ، رزاق سهتو، رمضان نول، غفار تبسم، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ سهڻي شاعر تاجل بيوس سان ملڻ جلڻ کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪيترائي ميڙاڪا ڪرائڻ جو شرف حاصل ٿيو.

    ع آ: اوهان ڪراچي جي مني سنڌ سچل ڳوٺ ۾ رهو ٿا ۽ هتي به پنهنجو ڀرپور سماجي ڪردار ادا ڪيو پيا ان مان مطمئن آهيو؟

    ج: ادا حميد هتي سچل ڳوٺ ۾ جيڪا ٽيم آهي اها اسانجي سٺن ۽ سچن دوستن تي ٻڌل آهي، اهي پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي هن ڳوٺ جي ترقي لاءِ قربان ڪن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو مالڪاڻن حقن کان علاوه سڀ سهولتون موجود آهن ۽ اهو سفر جاري آهي. آءُ به هڪ ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي وس آهر سندن ساٿ ڏيندو آهيان. سچل ڳوٺ ۾ بجليءَ جو جيڪو مسئلو هو انکي ختم ڪرڻ ۾ منهنجو حصو وڌيڪ رهيو آهي. ڪي اي ايس سي جي انگريز چيئرمين مسٽر ششمٽ کي مون دعوت ڏئي گهرايو جنهن جي ڪري ڪيترن بلاڪن ۾ ڪرندڙ ڪمزور تارن کي تبديل ڪيو ويو، ٻه ٽرانسفارمر لڳايا ويا، ميٽر لڳايا ويا، ڪنڊن ڪاٽڻ واري مهم کان بچايو ويو، لوڊشيڊنگ کان نجات ڏياري وئي، شهر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿي وڃي ٿي پر هتي جنهن مهل فون ڪر ته ويٺل دوست فورن پاور بحال ڪن ٿا. بلاڪ ايف ۽ ان جي ڀروارن وٽ بجلي به ڪانه هئي اتي به پي ايم ٽي ملي جنهنڪري سوين گهرن کي روشني ملي. جڏهن ته انهن مان ڪنهن به ڪنيڪشن لاءِ درخواست ڪانه ڏني هئي، هتي باوجود کوڙ رنجشن جي اسان گڏ آهيون. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي ڀاڄائي نازيه چنڊ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪائونسلر ٿي ۽ ننڍو ڀاءُ الهه بخش چنڊ صحافي جي حيثيت ۾ خدمتون ڏنيون.

    ع آ: اوهان کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو مليو آهي؟

    ج: هونئن ته ملڪ جو ننڍو وڏو شهر گهمي ڏٺو آهي پر سريلنڪا، بمبئي، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور وڃڻ جو الله تعاليٰ موقعو فراهم ڪيو، هاڻي ڪابه طلب باقي نه رهي آهي سڀ خواهشون پوريون ٿيون آهن.

    ع آ: اوهان سماجي ڪارڪن ۽ آرٽسٽ رهڻ سان گڏ سياست ۾ ڪيئن پير پاتو؟

    ج: ننڍي هوندي کان ئي والد صاحب جن کي ڏٺم ته ريڊيو ڪن تي رکي ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير ٻڌندو هو ۽ جڏهن هارين جي حق ۾ ڪا ڳالهه ڪندي ٻڌندو هو ته بابا ڀٽو صاحب جي واکاڻ ڪندو هو. ان ڏينهن کان ڀٽو ذهن ۾ ويهي رهيو. ڪراچي اچڻ دوران ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ سياسي جلسا جلوس پابندي سان ڏسندو ۽ شرڪت ڪندو هئس، ڀٽو خاندان سان ٿيل ڏاڍاين ۽ ظلمن جون ڳالهيون ٻڌي جنون جي حد تائين ڀٽو جو شيدائي ٿي ويس ان عشق 70 ڪلفٽن تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان ملڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بس پوءِ وارڊ جي عهدي، سٽي ايريا جي عهدي کانپوءِ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ڪراچي ڊويزن جو صدر منتخب ٿيس ۽ اها مقرري به شهيد راڻي پاڻ ڪرائي. ان دوران حاجي مظفر علي شجراع جن جي مدد ۽ شفقت حاصل رهي ۽ سندس تعاون سان پارٽي ۾ چڱي حيثيت به ملي ته مون گهڻو ڪجهه ڪري به ڏيکاريو. ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي نيو ڪراچي جو سينيئر اڳواڻ ڄام علي اڪبر چنڊ جيڪو منهنجو مامو هو لساني دهشتگردن هٿان قتل ڪيو ويو جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو نه رڳو تعزيت ڪئي پر هڪ لک جو چيڪ به ڏنو. اها وڏي ڳالهه آهي مونکي پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن راشد رباني، تاج حيدر، اقبال حيدر، اقبال يوسف ۽ نجمي عالم کان علاوه کوڙ سارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سکيا ملي. اسان پارٽي پليٽ فارم تان مثبت ڪم ڪيو جيڪو يادگار آهي.

    مون زندگي ۾ پنهنجي مستقبل کي داءَ تي لڳائي سرڪاري نوڪري باوجود تعميري ۽ تاريخي ڪم ڪيا آهن ۽ رڳو لٻاڙ ڪانه هنئي آهي يا فوٽو ڇپرائڻ جي سياست ڪانه ڪئي آهي پر عملي ڪم ڪيو آهي. مون نه رڳو نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون پر يادگار ڪم ڪيا آهن، مون ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ جيڪي ڪم ڪرايا اهي اسيمبلي نمائندو به نٿو ڪرائي. ڳوٺ کي نيشنل هاءِ وي کان ڏيڍ ڪلوميٽر پڪو رستو ڏياريم جيڪو منهنجي نالي تي آهي ۽ اهو روڊ سنڌ جي عملي سياست ڪندڙ سيد مراد علي شاهه (اڳوڻي وزير) ڏنو. 26 لکن جو بنيادي صحت مرڪز قائم ڪرايم. ڳوٺ کي 15 سال اڳ سندون ڏياري ريگيولر ڪرايم، ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايم، گرلس اسڪول جي چوديواري، مفت طبي ڪئمپون ۽ کوڙ سارا تعميراتي ڪم مون ناچيز ڪرايا جيڪي سدائين ياد رهندا.

    ع آ: شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان ڪڏهن ملاقات وغيره ٿي؟

    ج: آءُ خوشنصيب ٿو سمجهان پاڻ کي جو کوڙ سارن اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏن عهديدارن کي به شهيد راڻي عظيم پيءُ جي عظيم ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات جو موقعو نه مليو هوندو جيڪو مون ادنيٰ ڪارڪن کي مليو. شهيد قائد بينظير ڀٽو صاحبه سان پهرين ملاقات 1987ع ۾ پيپلز هائوس ڪراچي ۾ (منهنجي عمر تمام ننڍي هئي) ٿي، ٻئي ملاقات 70 ڪلفٽن ۾ ٿي جڏهن تازو ڪنوار بڻي هئي. ان بعد 92 يا 97 جو دور هئو جڏهن ٽيليفون ڪري مون سان منهنجي مامي جي دهشتگردن هٿان شهادت تي تعزيت ڪيائين ۽ امدادي چيڪ موڪليائين. ان بعد جلاوطن ٿي ته ٽي ڀيرا ڪلچرل ونگ پاران ڪيل بهترين ڪارڪردگيءَ تي مون کي تعريفي خط موڪليائين. وري جڏهن 2007ع ۾ آئي ته ساڻس مسلسل ٽي ملاقاتون تفصيلي طور ڪراچي جي جناح ٽرمينل جي VIP لائونج ۽ ايئرپورٽ اندر ٿيون. پاڻ هڪ دفعو مخدوم جميل الزمان، ساجد جوکيو ۽ حميرا علواڻي جي سامهون جهاز مان ايندي ئي سڌو سنئون مونکي مخاطب ٿي ڪلچرل ونگ بابت معلومات ورتائين. ايتريون ملاقاتون منهنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه هيون جيڪي نصيب ٿيون انڪري پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گهڻ پاسائين شخصيت مولابخش چنڊ سان ڳالهه ٻولهه

    بهترين سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو