ليجنڊ اداڪار نورمحمد لاشاري عوامي آواز رپورٽ ڏکئي ۾ ڏکيو فن ٻين کي متاثر ڪرڻ ۽ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ آهي. ان ڏکئي ۽ اڙانگي سفر جو راهي اداڪار نورمحمد لاشاري به آهي جنهن پنهنجي اداڪاريءَ جي ڏات وسيلي ماڻهن کي اهڙو موهي وڌو جو هر ماڻهو سندس اداڪاري ڏسندڙ سندس هر ڪردار تي داد ڏيندو هو. نورمحمد لاشاري ڀان سيد آباد جي اڀرندي ڪچي جي ڳوٺ ڪوٽ لاشاريءَ جو رهواسي هو. سندس فن جو قد ڪاٺ به اوترو ئي قداور آهي جيترو تاريخي شهر ٽلٽي آهي. نورمحمد لاشاري شروعاتي تعليم شمس العلماءُ عمربند محمد دائود پوٽي جي جنم ڀومي ٽلٽيءَ ۾ حاصل ڪئي. اتان ئي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ سيوهڻ تعلقي جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان عرصي ۾ دادو ضلعي ۾ تمام ٿورڙيون ناٽڪ منڊليون هونديون هيون. دادو تعلقي ۾ استاد بخاريءَ جي ناٽڪ منڊلي ڊراما ڪندي هئي جنهن ۾ ناليوارو شاعر الهنواز رڪڻائي، دين محمد ٻورڙائي، حاڪم علي شاهه بخاري، دادن ڀنڊ، قاسم شاداب، عظيم کوکر ۽ ٻيا اسٽيج ڊراما ڪندا هيا. استاد بخاريءَ بحيثيت هيرو جي سسئي پنهون ڊرامو ڪيو جنهن جون هدايتون به استاد بخاري پاڻ ڏيندو هو جڏهن ته سيوهڻ تعلقي ۾ نورمحمد لاشاريءَ جي ناٽڪ منڊلي هئي جيڪي سيوهڻ تعلقي جي مختلف شهرن ۾ ڊراما ڪندا هئا. نورمحمد لاشاري ماستريءَ جي ٽريننگ دوران اليمينٽري ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ هڪ اسٽيج ڊرامو ”ٻيجل“ ڪيو جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو هو. نورمحمد لاشاريءَ کي صداڪاريءَ جي شوق ريڊيو حيدرآباد آندو. سندس آڊيشن ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊرامي سيڪشن جي انچارج ناليواري اداڪار مصطفيٰ قريشي ورتي ۽ کيس آڊيشن ۾ پاس ڪيائين ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامي جا جيڪي صداڪار هوندا هئا انهن ۾ عبدالحق ابڙو، اي آر بلوچ ساقي، عبدالڪريم بلوچ، مصطفيٰ قريشي، صالح محمد شاهه، اداڪار محمد علي سندس ساٿي فنڪار هوندا هئا. جڏهن ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تان 25 منٽن جو هفتيوار سنڌي ڊرامو ”ناٽڪ رنگ“ شروع ٿيو ته عبدالڪريم بلوچ نورمحمد لاشاريءَ کي به ڪراچيءَ وٺي آيو. اهڙيءَ طرح نورمحمد لاشاري پنهنجي ماستري نوڪري جي به بدلي ڪرائي ڪراچي هليو آيو. ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي هي اهو دؤر هو جو سنڌي پروگرامن جو اڪيلو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ ئي هو جڏهن ته ٽي وي ڊرامه علي بابا، امر جليل، آغا سليم ۽ ٻيا لکندا هيا. نورمحمد لاشاري جي اداڪاري ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويندا هئا. هڪ طرف نورمحمد لاشاري هوندو هو ته سندس سامهون اي آر بلوچ، انور سولنگي، يعقوب ذڪريا، سڪينه سمون، گلاب چانڊيو وغيره هوندا هيا. نورمحمد لاشاريءَ کي جيڪي به ڪردار مليا انهن ڪردارن ۾ اهڙو ته حقيقت جو رنگ ڀريندو هو ڄڻ اداڪاري گهٽ پر اصل جو گمان وڌيڪ ٿيندو هو. سندس ڊائيلاگن جي ادائيگي لفظن جي بيهڪ ۽ تاثرات به ڪمال جا هوندا هئا. هن جي جسم جي چرپر چهري جا انداز نه ڳالهائڻ باوجود به اهو ٻڌائيندا هئا ته سندس اندر ۾ ڪهڙي آنڌ مانڌ آهي. نورمحمد لاشاري پي ٽي وي جي سڀني ڊراما ڊائريڪٽرن سان گڏ ڪم ڪيو جن ۾ هارون رند، بيدل مسرور، محمد بخش سميجو، اقبال سعيد انصاري، بادل جمال ۽ فيض ٻگهيو شامل هيا. هن تمام گهڻا ڊراما ڪيا پر سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي ۽ ان کي ٻيهر ديوارين جي نالي سان هلايو ويو هو جنهن لاءِ ماڻهو چوندا هئا ته جڏهن اهو ڊرامو ٽي وي تي هلندو هو ته روڊ رستا ويران ٿي ويندا هيا ۽ ماڻهو ڊرامو ڏسڻ لاءِ ٽي وي سيٽ جي اڳيان هوندا هيا. نورمحمد لاشاري پنهنجي زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ايوارڊ حاصل ڪيا. هن اڪثر طور پيءُ جا ڪردار ڪيا يا وڏيري جي بيوس هاريءَ جا ڪردار ادا ڪيا. هن لاءِ مشهور هو ته هن کي ڪردار ادا ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به ميڪ اپ جي ضرورت نه پوندي هئي نورمحمد لاشاري جي يادگار وڊيوز http://www.youtube.com/watch?v=Ht1cKFU7yKk&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=YY5vs6RBrDQ
جواب: ليجنڊ اداڪار نورمحمد لاشاري سنڌ جو هڪ ليجنڊ نور محمد لاشاري جنهن جيڪو ڪردار ڪيو اهو حقيقي ڪردار لڳندو هئو۔ ان ۾ ڪا مصنوئيت نظر ڪانه ايندي هئي۔ مهرباني ادا اوهان جون ڪوششون هميشه جيان بهترين ۽ لاجواب
جواب: ليجنڊ اداڪار نورمحمد لاشاري ادا وساڻ صاهب توهان جا اهي لک ٿورا چئبا جو توهان منهنجي هر ونڊ تي نظر رکو ٿا ۽ انهيء ونڊ تي جواب ڏئي ڪري پنهنجي خيالات کان آگاهه ڪريو ٿا، اميد ته آئينده به پنهنجا جواب ڏيندا رهندا ۽ توهان جا جواب منهنجي لاء هڪ وڏي وٿ کان گهٽ نه هوندا آهن۔
جواب: ليجنڊ اداڪار نورمحمد لاشاري ادا عاشق صاحب اهي توهان جون مهربانيون ۽ قرب آهن جو توهان منهنجي هر ونڊ تي نظر رکر ڪري پنهنجا خيالات جو اظهار ڪندا آهيو، جنهن لاء مان توهان جو ٿارائتو آهيان، اميد ت آئينده به منهنجي تحريرن تي پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندا رهندا۔ مهرباني،