ادا رشيد سمون ۽ سنڌ سلامت جي انتظاميه کي سنڌ سلامت جي ويب پيج تي سنڌ سلامت گيت جيڪو حميرا چنه بهترين آواز ۾ ڳايو آهي کي پيش ڪرڻ تي مبارڪ۔ مان هميشه چوندو رهيو آهيان ته نواڻ هجي ۽ هڪ نواڻ آندي وني ان لاء قرب۔
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت ادا سليمان وساڻ صاحب توهان کي حيمرا چنه جو ڳايل گيت وڻيو ۽ سنڌ سلامت فورم جي ويب پيج تي لڳايل گيت وڻيو ان تي توهان جي قيمتي را۽ پڙهي ڪري دل خوش ٿئي وئي سنڌ سلامت فورم جي انتظاميه سان گڏ اوهان کي پڻ مبارڪ هجي جو توهان به سنڌ سلامت فورم جا سينيئر ميمبر آهيو اهو اعزاز پڻ انتظاميه جي برابر آهي ان ڪري توهان کي پڻ مبارڪون هجن سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت ڀا ڦلپوٽه اوهان جا اهي وڙ جو اسان کي سينير ميمبر جو اعزاز پيا ڏيو باقي ادا سنڌ سلامت جي انتظاميه ههڙي ڏکيي دور ۾ وقت ڪڍي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سجايون پئي اچي۔ اسان کي آئي هن اڱڻ تي مهينو به مس ٿيو هوندو ۽ دوست اسان کي سينير وانگر عزت ٿا ڏيو اها اوهان جي نظر ڪرم آهي اسان مٿان۔
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت واه سائين واه تمام بهترين ادا اهو ڪم توهان کي گهڻو ٽائيم اڳ۾ ڪرڻو هيو پر خير دير آيو درست آيو.
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت ٻن ٽن ڏينهن کان، مطلب ته جڏهن کان سنڌ سلامت کولڻ سان ئي ”سنڌ سلامت “ جو گيت پاڻ مرادو هلي پوي ٿو، تڏهانڪر سوچيم پئي ته، ڪيترو نه سٺو ٿو لڳي جو سنڌ سلامت جي اوطاق کلڻ سان ئي سنڌ جو پيارو گيت شروع ٿئي ٿو، وڻندڙ ڪم ٿيو آهي ۔۔۔ لک ٿورا ان دوست جا جنهن ايترو سهڻو گيت سنڌ جي سلامتيءَ جو ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ ڪهڙو اهڙو سنڌي هوندو جيڪو سنڌ جي سلامتيءَ تي هٿ مٿي نه ڪندو هوندو؟ دعا آهي ته سنڌ هميشه دائم ۽ قائم رهي ۽ تا قيامت سنڌ ۽ سنڌ آباد ۽ شاد هجي ۔۔۔ اسان سڀني جو اخلاقي، ديني ۽ قومي فرض آهي ته سنڌ جي خدمت ۾ پاڻ پتوڙيون ۔۔۔ رب توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت سائين هي ڪلام تمام بهترين آهي ۽ سنڌ سلامت جي مقصد سان ٺهڪندڙ آهي۔ مون کي هن ڪلام کي ٻڌڻ سان ايئن لڳي ٿو ته اهو ڪلام سنڌ سلامت جي دوستن جي فرمائش تي لکيو ۽ چيو ويو هجي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت ڀائو گلال گهڻو ٽائيم اڳ مطلب۔؟ هي ڪلام حميرا چنه چيوئي اڃا تازو آهي۔ وڏا خيال ته ڪر۔هتي ڳالھ حميرا چنه جي گيت جي ٿي هلي۔
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت ها ادا بلڪل تمام سٺو ڪلام ٿو لڳي۔ ڇا اهو ڪلام وزٽ ڪرڻ وارا به ٻڌي ٿا سگهن يا صرف ميمبر۔؟
جواب: سنڌ سلامت جي نواڻ حميرا چنه جو سنڌ سلامت گيت ادا سنڌ سلامت جو مُک صفحو جيئن کلي ٿو ان تي اهو ڪلام هلڻشروع ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڀلي اوهان رڪن جي حيثيت سان موجود هجو يا مهمان جي حيثيت سان