مٺڙا عظيم توهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيا، ساري فورم تي سرهائي ڇائنجي وئي۔ ادو وحيد ڦلپوٽو، ۽ مٺو علي علي ڄاڻ ڪي آيو، اهي مور ماڻهو هر مهمان جي آجيان گُلن ۽ ڦُولن سان ڪندا آهن مٺا سندن گُل مرجهائجي سگهن ٿا پر اُنهن جو پيار ۽ انهن جو قُرب ڪڏهن به مُرجهائجي نٿو سگهي۔ اسين خاص شڪر گُذار آهيون ڀاءُ اسدي صاحب جا پڻ جنهن جي سنيهي تي توهان هتي قرب جا قدم ڀري آيا۔ مٺا سائين ڀلي ڪري آيا۔ جي ڪري آيا۔ شل سدا سلامت هُجو سنڌ جي هر ڪنول جي گُل وانگيان، سنڌ جي هر موتئي جي گُل وانگر۔ (آمين) اميد ۽ آس ٿا ڪريون ته پنهنجي قرب ونڊيندڙ لکڻين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سدائين معطر ڪندا رهندا۔