سنڌ سلامت جي دوري ۽ دوستن جون پريشانيون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو هڪ دفعو وري ڪجه ڏينهن سنڌ سلامت اسان کان پري رهي يا اسان ان کان پري رهياسين۔ اها دُوري مون سميت سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي مايوس ڪري رهي آهي۔

    پر اڄ وري سنڌ سلامت جي بحالي سان دل باغ بهار ٿي وئي آهي۔ انتظاميه انهن ڪوششن ۾ لڳي پئي آهي ته بئنڊ وڊٿ وڌائجي ۽ دعا آهي ته انهن ڪوششن ۾ ڪاميابي ٿي۔ 
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي دوري ۽ دوستن جون پريشانيون

    ادا انهن بينڊوڊٿ به اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي مهنهجي انتظاميه کي اها گذارش آهي جيترو جلدي ٿي سگهي ان جو مسئلو حل ڪن. مهرباني.
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي دوري ۽ دوستن جون پريشانيون

    ادا مهرباني ڀا جو اوهان مانکي اطلاع ڏنو۔
    واقعي ڀائو۔ الائي ڇو سنڌ سلامت کان سوا مان پاڻ کي اڪيلو پيو محسوس ڪيان۔
    مان اوهان جو ٿورائتو آهيان شال جڙيو هجين ڀا
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي دوري ۽ دوستن جون پريشانيون

    محترم ڀاء محمد سليمان صاحب اها بالڪل ڳالهه درست آهي ته سنڌ سلامت هن وقت اسان سنڌي ڀائرن لاء هڪ بهترين پليٽ فارم آهي هڪ ٻئي کي آگاهي ڏيڻ ،نين ڳالهين کان با خبر رهڻ ، ڪمپيوٽر جي معلومات ۾ اڳڀرو ٿيڻ ۽ ڪافي ڪجهه سکڻ سيکارڻ جي عمل ۾ هن فورم تمام وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي ۽ ڏئي رهيو آهي ليڪن حالات کان توهان با خبر آهيو انتظاميه ۾ توهان اسان سڀ دوست شامل آهيون هي فقط هڪ ٻن فردن جي ڪوشش سان ڪم نه هلندو ليڪن هن ۾ سڀ دوست جڏهن گڏجي ڪوشش ڪندا ته ڪم بهتر نموني هلندو رهندو بهرحال اوهان تعاون ڪري رهيا آهيو اوهان جي تمام وڏي مهرباني انشآءالله توهان جهڙن پيارن جو ساٿ رهيو ته هي فورم اڃان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندو.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي دوري ۽ دوستن جون پريشانيون

    هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون ۔۔۔

    سنڌ سلامت جو ور ور ڪري بند ٿيڻ دوستن سميت اسان سڀني کي پريشان ڪندڙ آهي، پر ادي رشيد سمي صاحب جي ڳالهه جيئان ته بينڊ وڊٿ وڌائڻ ضروري آهي ۔۔۔ انڪري اسان سڀ دوست ادي رشيد کي عرض ڪنداسون ته مهرباني ڪري اهڙو ڪو بلو ڪيو وڃي ۽ دوستن جي مدد ورتي وڃي ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو هي هر دلعزيز اوطارو قائم ۽ دائم رهي ۽ سنڌ سلامت ساٿ سلامت جو نعرو گوجندو رهي ۔۔۔

    اميد ته دوستن جي سچائي ۽ مدد سان هي اوطارو قائم رهندو ۽ اڳ کان اڳرو ٿيندو رهندو ۔۔۔

    دوست سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
    ٿئي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي دوري ۽ دوستن جون پريشانيون

    دوستو!۔۔۔ نه پڇو ته سنڌ سلامت کان سواءِ‌ پاڻ تي ڇا گذري ٿي۔۔۔
    پهرين پنج ڏينهن وري پوءِ هن مهيني چار ڏينهن اهي به هڪ هڪ سيڪنڊ‌ڳڻي گذاريو آهي، ادا سليمان وساڻ، سائين رحيم بخش ۽ سائين نثار ابڙو جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي مان چوندس ته سنڌ سلامت هاڻ پاڻ سڀني جي گهر مثل آهي پاڻ ان جي ڀاتين وانگر آهيون۔۔ جڏهن گهر کان ماڻهو هڪ ڏينهن به ڏور ٿئي ٿو ته ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو۔ گهر ۾ ڪو مسئلو ٿئي ٿو ته سڀئي گهر ڀاتي گڏجي حل ڪن ٿا۔ هينئر سنڌ سلامت کي بينڊ وٿ جي ٽيڪنيڪل مسئلي جي ڪري ڏاڍي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي۔ ان سلسلي ۾ انتظاميه ڪوششون وٺي رهي آهي۔ پر دوستن کي به گذارش آهي ته انتظاميه سان ان سلسلي ۾ تعاون ڪن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو