عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
سڀني دوست کي سلام۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ ياعلي مدد۔
سنڌ سلامت جا محنتي ساٿيو۔ ۽ محبتي انتظاميه۔اُميد ته سڀ ڀائر خوش هوندا۔
جيئن ته مان ڪجھ ڏينهن لا ڳوٺ ويل هيم۔جڏهن مان ڳوٺان واپس اچي سنڌسلامت کوليم ته اصلي طاق لڳي ويا۔
دوستن وٽان خبر پئي ته اُهو ساڳيو مسئلو آهي۔
خير ڀائو وساڻ مان کي ٻڌايوته پهرين تي وري پنهنجي اوطاق جا در کولندا۔سو مان کي ڀائو وساڻ ئي ٻڌايوته ادا اوطاق کُلي وئي آهي۔ مان به گهڻن ڏينهن جو ستايل اُصلي دير ئي نه ڪئي۔ کولي ويهي رهيس۔
سنڌ سلامت جي بند هئڻ سان مان به بور پيو ٿيان ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي وڃي پهچان۔
هڪڙو سٺي شاعري ملي سابه سنڌي ۾ سوچيم ته ڇونه دوست ڀائرن سان شيئر ڪجي سو حاضر آهي سرويچ سجاولي
جي شاعري۔
نوٽ وڌيڪ شاعري پڙهڻ لا هن لنڪ تي وڃو۔
[/COLOR]http://www.sindhiadab.netfirms.com/poetry/serwach/index.html

هن پنهنجيءَ پاڪ پياريءَ ڌرتيءَ مانجھي مڻيادار ڄڻيا؛
هن سچل گھوٽ ڀٽائيءَ جھڙا ڪامل ڪلنگيدار ڄڻيا؛
هن دودي هوشو بلوءَ جھڙا جري ۽ جونجھار ڄڻيا؛
هن پنهنجي سنڌ سونهاريءَ يارو ارڏا اڻ جھل ٻار ڄڻيا؛
هن جوڌا جوڌا جُنگ ڄڻيا هن ٻاونگ ٻاون وير ڄڻيا!!
اي ساٿي سنڌ امڙ جي مٽي ڪهڙا ڪهڙا مير ڄڻيا!!
اڄ سنڌ وطن جي ساري آ ۽ پنهنجي ناماچاري آ؛
اڄ رت اوهانجي لائي ٻچڙا گھر گھر ۾ گلزاري آ؛
هيءَ جنگ جبر سان جوٽيل پنهنجي جاري جاري آ؛
اڄ مارئي ٻاگھي رزقا سنڌ جي هر ڪا ناري ناري آ؛
اڄ اختر مائي ملوڪان ڀاڳي جھڙيون ڄايون ڀاڳين ۾!!
ڇا سوز سمايل آهي شاعر! پنهنجن گيتن ڪافين ۾ !!
ڪجھ پنهنجن دردن سورن جي اڄ يارن سان ڪا ڳالهه ڪجي؛
جو ماڻهن تي هت گذري ٿو، سو اندر جو احوال ڪجي؛
جو حال حبيبان آهي سوئي سارو عرض پريان نال ڪجي؛
هت جيئون ڪئين ٿا سوئي سارو عرض حقيقت حال ڪجي؛
هت ڪئين ٿو مارن ماڻهن جو بس جيئري پٽيو ماهه وڃي!!
۽ ڪئين ٿو ساڙيو سانگين جو ير سورن ۾ هت ساهه وڃي!!
هر وک مٿي هت ويٺا آهن واڳن جيڏا وات گھڻا؛
هر ڪُنڊ مٿي سي قاتل کڻيو بيٺا آهن واڳن جيڏا ڪات گھڻا؛
بس ماڻهوءَ جو ڪو ماس ملي ايءَ! تسبيح تي ڪن تات گھڻا؛
هي هيڏو سارو دوکو ماڻهن سان پيا ڪن ڏينهن رات گھڻا؛
ڪي ملان مارُن ماڻهن جون هت ٻيڙيون ويٺا ٻوڙين ڙي!!
هو مذهب کي منجھڙايو خالي هٿ جون ويٺا جوڙين ڙي!!
هت ماڻهن جو ويو ماس سُڪي ۽ رت جي تن ۾ ناهي رتي؛
ٿي ڀونگا تن جا ڀينگ ويا ۽ ڌرتي تن لئي تيز تتي؛
سڀ چور وڏيرا ڇورائي ويا تن جا پوکيل چيٽ ڪَتي؛
هت مسڪينن لئي آهي سائين ڪاري ڪاري قيام متي؛
هي ريهون ڪريو راتو ڏينهان رت جا ڳوڙها روز روئن!!
هي لاکيڻا لک بار لُڇن ۽ لڙڪن سان ٿا مُنهن ڌوئن!!
ڪو ڪنهن جو ٻچڙو کير ڦڙي لئي ساري ساري رات رڙي؛
ڪا ڪنهن جي ڌيءُ نماڻي ننڊڙي سورن ۾ سڀ مند سڙي؛
ڪا ڪنهن جي ڀيڻ بکن جي ماريل بک جا ويٺي باب پڙهي؛
۽ ڪن جي ساريون ساريون راتيون چُلهه تي ڪُنڙو ڪون چڙهي؛
لک چير سندن چم منجهه پيا هو چهڪن کان ڏس چور ٿيا!!
هي مورن جھڙا مارو ماڻهو مانيءَ لئي مجبور ٿيا!!
اڄ سونهن وڃايل سانگياڻين جو سورن ساڙيو ساهه الا؛
ٿو پئيسي پائي سير وڪامي ماروئڙن جو ماهه الا؛
اڄ ويل ٻري ويو واٽن تي ۽ ويئي ويچارين واهه الا؛
هو ليڙ لٽي ۽ ڀور ڳڀي لئي ڳوٺياڻيون ٿيون ڳاهه الا؛
هو مرضن ۾ هر مهل مرن ۽ درمل دارون ڪون ٿئي!!
هت هر ڪو ڏاڍو هيڻن جو ٿو رونشا ڪريو رت پئي!!
ڪي پير پڳدار سڏائي پلپل ڪن پيا پاپ وڏا؛
ڪي مير چٻاڙي ماڻهن جا ويا کائي رت چم ماس هڏا؛
ڪي رئيس رڳو ئي ماڻهن تي ڪن ڪاهون ڪوڙا ڪيس ڦڏا؛
ڪي ملان ويٺا مسڪينن جي لولن تي بس لاهي لڏا؛
ڪو مُرشد ويٺو آهي مريدن جو اڄ سارو مال تڪي!!
ها مال تڪڻ سان گڏ هو ٻي ڪا موچاري پيو زال تڪي!!
ڪن ٽرڙن ڪامورن جي هت پئي لوڪ سڄي ۾ لانگ لڳي؛
هت رشوت جي اي راڻا ڀاءُ ڀڙ ڀڙ ڪريو باهه ڌڳي؛
هت مسڪينن اڄ ماڻهن کي آ ٺوڳين ڇڏيو خوب ٺڳي؛
هن پنهنجن وانگين ويڙهيچن سان ورڌيو ويري روز وڳي؛
اڄ انهن جو ڪو داد نه ٿئي بس ڏاڍو آ انڌير هتي!!
هن بيداديءَ ير ننگري ۾ آ هيڻن جو چئه ڪير هتي!!
هت چور وڏيرا ڪامورا بس ٽيئي جھڙا ڀاءُ سڳا؛
ٿا مسڪينن کي ماريو ڦريو پائن عمدا ويس وڳا؛
ڪن ٻنيون ونيون ڀيليون ۽ ڪاهي ويا سڀ ڍور ڍڳا؛
اڄ لويارن جي لڄ لٽڻ لئي لاهي پاهي لُنب لڳا؛
هي هيڏو سارو ويل ٿئي هت وانگين سان هر ويل ميان!!
جي حق گھرن اڄ تن جي لاءِ سوريون سختيون جيل ميان!!
اڄ جھانگيئڙن جي جوين کي آ گج ڇنل ۽ گوڏ ٻڌل؛
اڄ سانگياڻين جا سَنڌ سڪي ويا سيرون چم ۾ سينڌ سڪل؛
ٿو لوڪ مٿانئن ٽوڪ ڪري آ هو هو جي هر پار هڪل؛
هي سج نئين ٿئي ناحق تن سان نيرانيون ۽ نيڻ ڀنل:
اڄ اهڙن ڌيئن جي ڪو ڪريون دردن جو درمان ميان!!
جيئن مانيءَ تي وڪجن نه ڪڏهن هِت ماروئڙين جا مان ميان!!
هي پنهنجن مٺڙن مٺڙن مارُن هيڻن جا حالات ڏسو؛
هيءَ هيڏي سانگين جي اڄ سِر تي سورن جي سڪرات ڏسو؛
هيءَ هيڏي بيمارين جي تن جي ڀونگن تي برسات ڏسو؛
هي هيڏا ويرين جا اڄ تن تي واڳن وانگر وات ڏسو؛
هو واچوڙن جيئن ويڙهي ويا اڄ وانگيءَ وانگيءَ وانگيءَ کي!!
ير! ڪئين نه ڏاڍن آهي ڪُٺو هن قوم نڌڻڪيءَ نانگيءَ کي!!
هي ماڙين جھڳين جي هت جيسين رهندي جنگ ميان؛
هت ڏاڍا هيڻن کي پيا جيسيتائين هڻندا ڏنگ ميان؛
هي دولت جو آ جيسيتائين اونڌو ابتو ڍنگ ميان؛
بس تيسيتائين ڪنگالن جي گھر ۾ رڙندا ڪنگ ميان؛
سڀ ٻار سندن بکيا ۽ جاهل رهندا رهندا پيا!!
هو آني اڌ لئي رستن تي رت روئندا رلندا پنندا پيا!!
اڄ ننڊن مان بيدار ٿيو اي! ملن جا مزدور اٿو؛
اي هاريو! پنهنجا حق وٺڻ لئي ڀيڙا ٿي ڀرپور اٿو؛
اي جوان اٿو! ۽ ٻار اٿو! سڀ پوڙها پوڙها جھور اٿو؛
۽ ظلم کي اڄ زير ڪرڻ لئي کوڙ کڻي انبور اٿو؛
اڄ سنڀري سڀ ”سرويچ“ اٿو! اڙٻنگ اٿو اڻ موٽ اٿو!!
۽ ڏاڍن کي اڄ ڏارڻ لاءِ ڪونڌر ڪونڌر گھوٽ اٿو!!