ڪهاڻي ڀوڳنــــــــــــــــا نسيم حيدري [justify]يونيورسٽي کان جيئن ئي گھر پهتس ته ڪمري ۾ ٽيبل تي پيل ” مُرڪَ “ جو خط مليو، سندس شاديءَ کانپوءِ هي پهريون خط هو ... هوءَ انقلابي سوچ رکندڙ، سماج ۾ موجود غلط ۽ فرسوده رسمن ۽ رواجن جي خلاف هئي ۽ نه فقط سماجي ڪارڪن پر تمام سٺي شاعره ۽ ڪهاڻيڪار پڻ ... سندس ڪهاڻين جا موضوع اهي عورتون هيون جي انساني تاريخ جي ارتقائي مرحلن ۾ به پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري نه سگھيون ۽ ڄمار ساري غير فطري ۽ هٿرادو ٺاهيل قانوني ٻڌڻن جي پيڙا جي چڪيءَ ۾ پسجنديون رهن ٿيون، عورتن سان گڏوگڏ اهي مظلوم مرد پڻ ڪهاڻين جا ڪردار هوندا هئا جي جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه نظام هيٺ پنهنجي فڪري ۽ شعوري آزادين کي وساري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا آهن ... ساڻس پهرين ملاقات مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو هو جنهن۾ پاڻ قوم ۽ قوميت تي بحث ڪندي سنڌ جي شهرن تي ڳالهايو هو ... مرڪ سنڌ جي شهرن تي ڳالهائيندي جذباتي ٿيندي چيو هو ” تاريخ شاهد آهي ته سنڌي پنهنجا شهر پنهنجن هٿن سان ٺاهي سنواري ڌارين جي حوالي ڪندا رهيا آهن ۽ پوءِ اهي ڌاريا سنڌ جي شهرن کي ڦري لٽي تباهه ڪري کنڊرن جو اضافو ڪري هليا ويندا آهن ۽ اسين وري نوان شهر ٻڌڻ شروع ڪندا آهيون ... ياد ڪر سمن جو ٺاهيل تاريخي، خوبصورت ۽ علمي خزانن سان مالامال شهر ” ٺٺو“ ، ارغونن جي حوالي ٿيو ۽ هو کيس ڦري، تباهه ڪري، علمي خزانا ساڙي کنڊرن ۾ اضافو ڪري ويا ...“ هن دور جو ئي مثال وٺجي ته ... ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور، نوابشاهه، سکر ۽ ٻيا اهم تاريخي ننڍا واڏا شهر ڌارين جي حوالي ٿي چڪا آهن ... روشنين جو شهر ، مورڙِي جو ماڳ، سسئي جو گس ۽ سنڌ جي معاشيات جي شاهه رڳ ”ڪراچي“ ته مورڳو اسانجي هٿن کان ئي نڪري چڪو آهي ... سنڌ جي دل ”حيدرآباد“ ڪلهوڙن جي هٿن جو سنواريل، سنڌين جو مقتلگاهه آهي ۽ ڌاريا راڄ ڪري رهيا آهن ... مائي بختاور جو ماڳ، سنڌ جو اوائلي شهر ميرپور ... اڄ اتي سنڌ وارثن جون لڄون به خطري ۾ آهن ...درياءِ سنڌ جي ڪنارن تي آباد سکر بکر ۽ روهڙي سنڌ جي تاريخ جا اهڃاڻ ... اڄ ان مورچي تان به سنڌين تي حملا جاري آهن ۽ سنڌين جون جانيون به محفوظ نآهن ... مطلب ته جن شهرن تي سنڌين جو راڄ هو، اڄ اتي دهلوين، لکنوين، بهارن، بنگالن، پٺاڻن ۽ پنجابين جو قبضو آهي ... سنڌي شهرن جا سمورا وسيلا ڌارين جي مُٺُ ۾ آهن ... آهي ڪو پير ۽ مير، سمون ۽ سومرو، ڄام ۽ ڄامڙو، ابڙو ۽ اڙٻنگ، پليجو ۽ پالاري، چنو ۽ چاوڙو، ڪوري ۽ دل، شورو ۽ شاه جو هنن شهرن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد ڪرائي؟ “ مرڪ جي ڄاڻ، بهادري ۽ قومپرستيءَ واري جذبي منهنجي اندر کائنس لاءِ احترام پيدا ڪيو هو جنهنکانپوءِ پنهنجو اڪثر ملڻ ٿيندو هو ۽ ڳالهين جو موضوع ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمون هوندو هو ... هوءَ جھڙي پاڻ پياري هوندي هئي انکان وڌ سندس ڳالهائڻ موهيندڙ ۽ پيارو هو ... پنهنجي هر نئين تخليق يا ڪاوش کڻي مون وٽ ضرور ايندي هئي ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ خيالن جي ڏي وٽ ٿيندي هئي ... سندس محبت جو واحد مرڪز ”سنڌ “ هئي ... قومي جلسن ۽ جلوسن، مظاهرن ۽ احتجاجي ميڙن ۾ دل ۽ جان سان حصو وٺندي هئي ... عورتن کي گڏ ڪرڻ، گڏجاڻين ۽ ڪتابن وسيلي انهن ۾ نئين سوچ ۽ ولولو پيدا ڪرڻ سندس زندگيءَ جو مقصد هو ... هن پنهنجي جوانيءَ ۽ حسن کي تيز اُسَ ۽ رولڙن حوالي ڪري قومي جاڳرتا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو ... آءُ ساڻس آخري ڀيرو ريگل چوڪ تي ٿيل مظاهري ۾ ملي هيس، هوءَ عورتن جي ميڙ جي اڳواڻي ڪري رهي هئي ، مظاهري ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار نٽهڙ اُس جي گرميءَ ۾ روڊن ۽ رستن تي ايئن نڪري آيا هئا ڄڻ مهراڻ اٿلي پيو هجي ... هڪ وڏو سيلاب هو جنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جي ديوارن کي لوڏي وڌو هو ... ڪراچي شهر ڪالهه پنهنجو هوندي به اوپرو ٿي لڳو ۽ اڄ انهيءَ شهر جي هر گھٽيءَ ۽ هر چوراهي تي، هر بس ۽ گاڏيءَ تي سنڌي قوم جي بقا جا نعرا ۽ بينر لڳل هئا ، هر سنڌيءَ جي ٻانهن تي احتجاجن ڪاري پٽي ٻڌل هئي، قومي اتحاد جا اڀُ ڏاريندڙ نعرا گونجي رهيا هئا ... تاريخ گواهه آهي ته جڏهن مظلوم پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ميدان ۾ ايندا آهن تڏهن ظالمن جون ننڊون حرام ٿي پونديون آهن ۽ هو پنهنجي پوري طاقت سان ان آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن ... اڄ به تاريخ پاڻکي ورجائي رهي هئي، اڄ به مظلومن جي جياپي جو سوال هو، قوم جي بقا جو مسئلو هو نه ته اهي عورتون جن ڪڏهن پنهنجي گھر کان ٻاهر قدم نه رکيو هو ۽ جيڪي ٻهراڙي جي ڪوٽن ۾ بند، زندگي جي هر گس کان ناواقف، اڄ اهي عورتون ڳوٺن ۽ ٻهراڙين مان نڪري شهر جي پڪن رستن تي سخت گرميءَ ۾ پنهنجن ابهم ٻارڙن کي ڪڇ تي کڻي نڪري نه پون ها ... مرڪ! عورتن جي قافلي جي اڳواڻي ڪندي، جوشيلا نعرا هڻندي اڳتي وڌي رهي هئي ... ريگل چوڪ تي بيهي مڙئي اڳواڻن جوشيلن تقريرن سان ستل قوم ۾ نئي روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ... مرڪ جا وار وکريل ۽ چهرو پگھر ۾ تر ... تقرير ڪرڻ کان اڳ زور زور سان نعرا هڻائيندي رهي ... سندس جوشيلي ۽ جامع تقرير سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو ... مظاهري کانپوءِ جڏهن هوءَ پاسيري ٿي ته آءُ به ساڻس ملڻ لاءِ وڃي ڀر ورتي ۽ کيڪاريندي چيو؛ ” هاءِ مرڪَ! “ ” اڙي زيب تون! هن مظاهري ۾ هئينءَ ڇا ! “ ” جي ها خلق گھڻي هئي ۽ ملڻ مشڪل هو ... سوچيم ته ڀلي تون فارغ ٿيءُ ته پوءِ ملجي “ مظاهري جي حال احوال کانپوءِ مسڪرائيندي رازدارانه انداز ۾ مرڪ پنهنجي مڱڻيءَ جي خبر ڏني ... ” مڱڻي! ڪنهن سان؟ “ مون خوش ٿيندي چيو ” نوابشاهه جي زميندار گھراڻي جو آهي ... نالو ” شبير “ اٿس ... “ ” ڇا ؟ تون ته ڪنهن هاريءَ جي پٽ سان شاديءَ کي ترجيح ڏيندي هئينءَ ! هوش ۾ ته آهين ! “ مونکان ذري گھٽ رڙ نڪتي هئي ... ” زيب! آءُ اهو هوش ۾ ئي قبول ڪيو آهي ... برابر آءُ ان نظام جي خلاف جاکوڙيان پئي پر شبير هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند نوجوان آهي ... وڏيرڪي ۽ رجعت پسند سوچ نٿو رکي ... مون کيس هرطرح سان پرکيو آهي، هو منهنجي ئي سوچ جو آهي ۽ اڄ هن مظاهري ۾ پڻ موجود آهي ... پاڻ ٻئي سماجي ۽ قومي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين ... مونکي اهڙي ئي ساٿيءَ جي ڳولها هئي ... “ ” اهڙي ڳالهه آهي ته پوءَ منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمناعون توسان آهن ... مولا تنهجي رهنمائي ڪري “ مون اهو چئي کائنس اجازت ورتي جو وقت ڪافي ٿي ويو هو... ” شاديءَ ۾ توکي اچڻو آهي “ حجت ڪندي چيو هيائين ” جي خبر ڪندينءَ ته ضرور اچبو “ آءُ الوداع چئي گھر هلي آئي هيس سندس جي هن خط مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو... خط ۾ ڪو به احوال نه، بس پاڻ ڏانهن اچڻ جي التجا ڪيل هئي ... آخر مون ساڻس ملڻ جو ارادو ڪري ٻي ڏينهن تي پنهنجي ننڍي ڀاءَ کي ساڻ ڪري خط ۾ ٻڌايل نوابشاهه واري پتي تي وڃي پهتس ... دروازي جي ٻاهران نوڪرن واري ڪمري مان هڪ پوڙهو بابا نڪري آيو ... مون کائنس وڏيري شبير حسين جي حويلي جي هجڻ جي پڪ ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته آءُ بيگم صاحبه سان ملڻ ڪراچيءَ کان آئي آهيان ... ” امڙ ٿورو ترسو ... نياپو ڪريان ... سانئڻ اڄڪلهه ڪنهن سان ملي ئي ڪونه! “ ” حيرت جي ڳالهه آهي! مرڪ ۽ ڪنهن سان ملڻ پسند نه ڪري! هوءَ ته ڪچهرين جي ڪوڏي ۽ ملنسار هوندي هئي !!! “ ” امڙ اندر هلو “ ساڳي پوڙهي جي آواز سوچ ٽوڙي مکيه دروازي کان شروع ٿيندڙ پڪين سرن جي راهداري جي ٻنهي پاسن تي گلاب جون ڪونڊيون پيل ۽ عاليشان باغيچا ... حويليءَ جي ڀتين تي چنبيليءَ جون وليون لٽڪيل ۽ ڀر ۾ ناريل جا وڻ ... باغيچن جي پاسن کان رابيل جون قطارون وچ وچ ۾ رات جي راڻي ۽ سدا بهار ... شام جي پهر سبب رات جي راڻيءَ ۽ ٻين گلن جي هٻڪار ذهن کي هڪ نئين تازگي ٿي بخشي ... پريان ڪنڊ ۾ آسٽريلوي طوطن جا پنڃرا جن ۾ طوطن جي چهڪار لڳي پئي هئي ... ڪوٽ جي وچ واري عمارت جي ڪشادي ورانڊي مان گذري اچي مهمانخاني ۾ پهتاسين ... ايراني قالين، هالا جو فرنيچر، درين ۽ درن تي انگريزي قسم جا پردا، ڀتين تي ننڍيون وڏيون تصويرون لڳل ... آءُ اڃان ان سحرانگيز منظر ۾ ئي گم هيس ته ٻانهي مائيءَ اچي کيڪاريو ... ” اچو سانئڻ “ ڀر واري ڪمري ڏانهن اشارو ڪيائين اندر داخل ٿيندي ئي هندوري ۾ ويٺل مرڪ تي نظر پئي ... سائي پشمي وڳي تي سنڌي گج لڳل ... مٿان قيمتي ۽ وزني ڳهه ... چهري تي تهه ميڪ اپ جا ... ” واه ! مرڪ تنهنجي قسمت “ هڪ خيال وڄ جيان ڊوڙيو ... مونکي ڏسندي ئي جھٽ ڏئي هندوري مان لهي ٿر جي ڪنهن اڃايل جانور جيئان ڊوڙ پائي اچي ڳراٽڙي پاتائين ... ” مونکي پڪ هئي ته تون ضرور ايندينءَ “ سندس اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ ۽ ڀريل آواز م...ر...ڪ ! يار اصل رئيساڻي پئي لڳين ! “ مون کيس نهن کان چوٽيءَ تائين گھوريندي چيو ” چڱو ڇڏ ان ڳالهه کي ! ٿڪل هوندينءَ، اچ ويهه“ ڀاڪر ۾ وٺي وڃي پينگھي ۾ ويهاريائين ” سفر ڪيئن گذريو؟“ ” سٺو ۽ آرامداه ... پڙهائي ڇڏي هڪ ڏينهن لاءِ آئي آهيان ... خط لکي گھرائڻ جو ڪو خاص سبب ... خط ۾ نه هو حال۽ نه احوال خئير ته آهي ! “ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ” زيب! ڪيترن ڏينهن کان دل چاهيو ٿي ته ڪو اهڙو ساٿي هجي جنهن سان پنهنجي اندر جو حال اورجي ، هت ڪير به ته ناهي جو احساسن کي سمجھي ... تون ئي ته منهنجي نظرياتي دوست آهين جا اندر ۾ جھاتي پائي پيڙائن کي محسوس ڪري سگھي ... “ سندس اکين جي چمڪندڙ آلاڻ محسوس ڪندي مون پڇيو ” مرڪ! تنهنجي اکين ۾ لڙڪ؟“ ” گھڻي عرصي کانپوءَ جي ملي آهيان توسان!“ لڙڪَ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين... ” ڏس مرڪ! مونکي پنهنجو سمجھين ٿي ته ڪجھه به نه لڪاءِ ۽ جو ڪجھه تنهنجي من ۾ آهي ٻاهر آڻ “ مون کيس پيار ڀري ڳراٽڙي پائيندي چيو سندس سمنڊ ڀريل اکيون منهنجي اکين ۾ کتل ... چپن تي چُپِ جا تالا ... ” آخر ٿيو ڇا آهي ؟ ڪجھه ته ٻڌاءِ، هي ٺاٺ باٺ ۽ خوش زندگي! عاليشان گھر ۽ نوڪر چاڪر! پنهنجي چونڊيل ۽ هم خيال ساٿيءَ جو ساٿ جنهنجا سپنا هرهڪ ڇوڪري ڏسندي آهي پر نصيبب ۾ ڪنهن ڪنهن جي ايندا آهن ... ان هوندي به تنهنجون اکيون آليون! منهنجي حساب سان ته تون خوشنصيب آهين جو هي سڀ تنهنجي حصي ۾ آيو آهي ۽ شهزادين واري زندگي گذاري رهي آهين !!!“ ” ها زيب! شايد تون سچ ٿي چوين ... مون ته آئڊيل ساٿيءَ جي تمنا ڪئي هئي ... ڪنهن ٻي شيءَ کان هٽي ڪري ... شايد انهيءَ جي سزا ڀوڳي رهي آهيان ... شوڪيس ۾ سجايل خوبصورت مجسما ۽ پڃري ۾ قيد پکي انسان جي تسڪين جو سبب ته بڻجن ٿا پر ڪوئي انهن کان پڇي ته آزاد فضا ڇا ٿيندي آهي ... زندگي ته تحرڪ جو نالو آهي ... زندگي ته اها آهي جنهن ۾ هلچل هجي ... زيب! آءُ بيٺل ۽ خاموش پاڻيءَ جيئان ٿي پئي آهيان، منهنجون سوچون، آدرش ۽ سپنا ريت جي محل جيئان ڊهي اچي پٽ پيا آهن ... آءُ ماڻهن جي دنيا کان ڪٽجي پنهنجي زندگيءَ جا سڀ مقصد وڃائي ويٺي آهيان ... ڪوٽن ۾ بند عورتن جون ڪهاڻيون لکندي لکندي پاڻ انهن ڪهاڻين جو ڪردار بڻجي وئي آهيان !!!“ ” اوهانجو ته پاڻ ۾ پيار هو ۽ تنهنجي چواڻي ته ذهني هم آهنگي پڻ، پوءِ هي مايوسي ڇو؟ ...“ مون چاهيو ٿي ته مرڪ ڳالهائيندي رهي ۽ پنهنجي اندر جي پيڙائن کي ڪڍي هلڪي ٿئي ... ” ڇا اهو پيار آهي ! جنهن۾ ٻئي جي احساسن، جذبن ۽ سوچن کي ڪابه اهميت نه ملي ! جنهن۾ ڪنهنجي پيڙائن کي محسوس ڪري نه سگھجي ... فيصلن کي هميشه اهو چئي قبول نه ڪجي ته عورت ڪم عقل ۽ هميشه غلطيءَ تي هوندي آهي ... پيار ڪرڻ جي سزا هڪطرفي ڇو؟ ڀوڳنائون صرف منهنجي ئي نصيب ۾ ڇو؟ زيب ! اهو پيار نه پر خودغرضي، مطلب پرسستي ۽ انا آهي ... پيار ته انهن سڀن ڳالهين کان مٿاهون هوندو آهي ... ” ماني لڳي وڃڻ سبب هوءَ منهنجو هٿ وٺي هندوري مان لهي سڌو ٽيبل ڏانهن هلڻ لڳي ... ماني کائيندي اسين ٻئي سوچن جي ساگر ۾ گم ... مونکي مٿس رحم اچي رهيو هو ... کيس چئي نه سگھيس ته اهو سندس ئي فيصلو هو، مون ته کيس احتياط ڪرڻ لاءِ چيو هو ... جذباتي فيصلي ذهين ۽ بردبار ڇوڪريءَ کي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو آهي ... ” زيب “ ” جي “ مون سندس ساگر جهڙين اکين سان اکيون ملايون ” ايئن به ٿيندو آهي ته اسان ڪنهن ماڻهونءَ کي اميدن جو مرڪز ٺاهي پنهنجون سڀ اميدون ان سان وابسته ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ سمجھندا آهيون ته هو اسانجي معيار مطابق هوندو ... پر ويجھڙائي کان پرکڻ تي خبر پوندي آهي ته سندس ظاهر ۽ باطن ۾ تمام گھڻو فرق آهي ... ظاهر جيترو خوبصورت اندر ايتروئي ڀوائتو ۽ ڏکوئيندڙ ...“ ”زيب! انسان کي ٻيو ڪوئي ايترو برباد نٿو ڪري جيترو هو پنهنجي هٿان پاڻ برباد ٿئي ٿو ... سندس ڪيل فيصلن جي چڱي خاصي سزا ملي ٿي ... ڀوڳنا ۽ پيڙا هڪ بڇڙي ۽ ڀوائتي شيءَ آهي جا انسان جي اندر کي اڏوهي جيئان کائي کوکلو ڪري ٿي ... “ مرڪ حوصلي ۽ همٿ واري ڇوڪري هوندي هئي سندس خوبصورت چهري تي مرڪ زنده دليءَ جو ثبوت هوندي هئي ... اڄ سندس ڪومايل چهري تي لڙڪ ڏسي منهنجو اندر وڍجي رهيو هو ... کاڌي تان اٿي ٻاهر باغيچي ۾ آياسين، رات پنهنجي ڪاري چادر ڦهلائي چڪي هئي ... چنڊ جي چانڊاڻ سبب هر شيءَ چٽي ۽ صاف نظر ٿي آئي ... پکي پکڻ، وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا هر شيءَ خاموش ڄڻ زندگيءَ جو عمل رڪجي ويو هجي ... مرڪ جي خاموشيءَ ماحول کي ويتر شانت ڪري ڇڏيو هو ... رات وڌيڪ گھري ۽ ٿڌي ٿيڻ لڳي هئي ... وڻندڙ هوا جا جھوٽا سرسراهٽ ڪرڻ لڳا ... گلن ماحول کي مهڪائي ڇڏيو هو ... ڪجھه دير تائين چهل قدمي ڪرڻ کانپوءِ واپس سمهڻ واري ڪمري ۾ آياسون ... مرڪ پنهنجو پاڻکي بستر تي اڇلايو ۽ پنهنجن هٿن سان مٿي کي زور ڏيڻ لڳي ... ” مٿي ۾ سور آهي ڇا؟ “ مون کيس ويجھي ٿيندي چيو ” نه “ سندس اندر جو آتش فشان ڦاٽي ٻاهر نڪتو ۽ هوءَ ٻارن جيئان اوڇانگرو ڏئي ويهاڻي ۾ منهن هڻي روئڻ لڳي ... هوءَ روئيندي رهي ... مونکي مٿس ڏاڍو پيار ٿي آيو .. جڏهن سندس حيانءُ هلڪو ٿيو ۽ ڪجھه سونت ۾ آئي ته مون سندس ويهاڻي مان منهن مٿي ڪندي ... وارن ۾ پيار جو هٿ ڦيرائيندي چيو ... ” مرڪ! توکي جو ڪجھه چوڻو هو سو تو چيو ۽ روئي ڪي قدر پنهنجو اندر هلڪو ڪيوئي ... چڱو ڪيوئي جو مونکي سڏائي پنهنجو حال اوريئي ... پر منهنجي جان! روئڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا ... مسئلن جي حل لاءِ وڏي حوصلي، همٿ ۽ اٽل فيصلي جي ضرورت هوندي آهي ... توسان جو ٿي گذريو انجو افسوس ۽ ڏک آهي ... پر جيڪي ٿيو سو ته ٿيو، هاڻ اڳتي لاءِ سوچڻو آهي ... زندگيءَ کي ڪيئن لاڀائتو بنائڻو آهي ... ڇا اندر ئي اندر ۾ فنا ٿيندي جيئڻ چاهين ٿي يا نئين امنگن ۽ آدرشن سان پنهنجي جيون ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀرڻ چاهين ٿي ...؟“ مون جڳ مان پاڻي جو گلاس ڀري کيس ڏيندي چيو ” سنڌي سماج جي هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ناري کي انجو مرد کيس گھر جي چئوديواريءَ ۾ ٿانوَ، ٻهاري کان وٺي ٻارن جي ڄڻڻ ۽ پالڻ تائين هڪ مشين سمجھندو آهي ۽ عورت جون سڀ واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکي پتليءَ جيئان نچائيندو آهي ... سنڌ جي مٿين طبقي جو مرد عورت کي هار سينگار کانوٺي ڳالهائڻ تائين پنهنجي مرضيءَ جو غلام رکندو آهي ... هر صورت ۾ عورت کي قيد ئي رکيو ويندو آهي ... هِتِ نه ته هُتُ ئي سهي !!!“ مرڪ جو مٿو پنهنجي جھوليءَ ۾ رکندي اڳتي وڌيس ” پنهنجي وڏي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، جت بيماري، بک، بيروزگاري ۽ جھالت کانسواءِ ڪجھه ڪونهي ... شعور جي ضرورت عورت کان وڌ اسانجي مرد کي آهي ... پڙهيل لکيل نوجوان به پنهنجي سوچ ۾ تبديلي نٿو آڻي ... عورت کي ٽي درجي جي مخلوق سمجھي ٿو ... ادا شبير جو مثال ئي وٺجي، تو کيس پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال سمجھي پسند ڪيو پر ان جي اندر موجود وڏيرڪي سوچ کان اڻواقف رهينءَ ... اڄ سوچن جي ان تضاد ۾ تنهنجو جيون زهر بڻجي ويو آهي “ ”منهنجي مرڪ ! اسين پڙهيل لکيل ڇوڪريون به همٿ هاري پاڻکي حالتن جي حوالي ڪري چپ ڪري ويهي روئينديوسين ته پوءِ ڪنهنکي همٿ ٿيندي اڳتي وڌڻ جي ... هِتِ هرڪوئي ڏکي آهي ... هر ڪنهن وٽ ڏکن ۽ سورن جو وڏو داستان آهي ... هر سهڻي شيءِ پٺيان ڪو دکدائڪ امر ضرور آهي ... ماڻهونءَ کي فقط رنگن سان، سونهن سان ۽ زندگيءَ جي خوشين سان همنوائي رکڻ گھرجي ... ڏکن ۽ پيڙائن بابت جيترو گھٽ ڳالهائجي اوتروئي بهتر ... ڏکن جي انڌي دنيا مان نڪري خوشين جي روشن دنيا ۾ رهڻ گھڻو بهتر آهي ... تون ته خوشنصيب آهين جو تو وٽ تعليم جھڙو زيور آهي، سٺي سوچ آهي، فڪر جي آزادي آهي، جسم ته قيد ٿي سگھي ٿو پر روح ته آزاد آهي ... تنهنجي سوچ، زبان ۽ هٿ آزاد آهن تون انهن کان ڀرپور فائدو وٺي سگھينٿي ... غلاميءَ ۽ آزادي جي تفريق سمجھي سگهينٿي ... انسان جي پيڙا کي پنهنجي اندر محسوس ڪرڻ جي سگھه رکينٿي ... لاهي ڦٽو ڪر، اهو محرومين جو خول ۽ ڄار جو تو پنهنجو پاڻ تي چاڙهي ڇڏيو آهي ... قلم جي ذريعي پنهنجي اندر جي ڀوڳنا کي ٻاهر ڪڍ ۽ هڪ ڀيرو وري علم ۽ عمل جي دنيا ۾ هلي اچ ... مايوسين ۽ اونداهين مان نڪري اچ ... لِکُ ! انهن عورتن جون ڪهاڻيون جي توکان وڌ سماج جي ڏاڍاين جو شڪار آهن ... قلم کڻ ! معاشري جي تمام براين جي خلاف ... پاڻ بندوق ۽ بارود ته نٿا کڻي سگھون پر قلم ته کڻي سگھجي ٿو ... آس پاس علم ۽ مشاهدي جو وسيع سمنڊ آهي جنهن مان توکي هڪ ماهر گواس جيئان املهه ماڻڪ موتي چونڊڻا آهن ... ادا شبير جو وقت جاگير جي مسئلن ۽ دوستن ۾ ٿو گذري ته تنهنجو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذرڻ گھرجي ...“ رات پوري هڪٻئي سان حالي احوالي ٿيندا رهياسون ... خبر ناهي ته ڪڏهن ننڊ آئي ... صبح سان زندگي جو عمل ٻيهر شروع ٿيو، سج جا ڪرڻا دريءَ مان جھاتيون پائڻ لڳا ... پکي پکڻ پنهنجي پنهنجي کاڌي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦيراٽيون پائيندي دل موهيندڙ ٻوليون ٻولي رهيا هئا ... مون اٿيندي ئي مرڪ جي بستري تي نظر وڌي، هوءَ موجود نه هئي ! ايتري ۾ چانهن جي ڪپ ۽ مرڪندڙ چهري سان اچي اڳيان بيٺي ... ” آءُ ته توکي اٿارڻ ٿي آيس ... هي رهي سائينءَ جن جي چانهن ! “ ٽيبل تي ڪپ رکندي چيائين ، ڪاري رات جي گذرڻ کانپوءِ سج جي ڪرڻن سندس چهري کي وڌيڪ روشن ڪري وڌو هو ... ” ناشتو تيار آهي بس تنهنجو انتظار آهي “ کلندي چيائين ... ناشتو ڪندي سندس چهري تي ساڳي پراڻي مرڪ ۽ نئين اميدن ۽ خوشين جا آثار نمايان هئا ... آءُ ننڍي ڀاءُ کي تيار ٿيڻ لاءِ چئي کائنس موڪلائڻ لڳس ... ” منجهند ڪري وڃين هان نه “ ” نه نه پهچندي پهچندي رات ٿي ويندي ... بس آءُ پنهنجي مرڪ جي چهري تي دائمي مرڪ ۽ قلم سان جهاد جا جلوه ڏسڻ ٿي چاهيان ... “ مون ساڻس ڳراٽڙي پائي ” الله واهي چيو ... ” ها زيب ! تو منهنجي اندر جي خاموش تارن کي نئين جيون سان ڳنڍيو آهي ، رات کٽي نئون صبح ٿيو آهي ... هاڻ تون ڀل هل ... خطن ذريعي پنهنجو ملڻ ٿيندو رهندو .. الله واهي “ ڪراچيءَ واري رستي تي ” روسو “ جا چيل هي لفظ ذهن تي بار بار نقش ٿيندا رهيا ... ” انسان آزاد پيدا ٿئي ٿو پر ڪٿي نه ڪٿي هو قيد ضرور آهي “[/justify]
اسان جي مُعاشري ۾ زيب جهڙيون انمول ڪي ست اٺ سنڌي نينگريون ٻيون به پيدا ٿين، ته هڪ مُرڪ ڇا پر لکين مُرڪون سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ پکڙجي وڃن ۽ سنڌ سموري مُرڪ ۽ مُحبت جو مهراڻ بنجي وڃي ادي نسيم حيدري لکين کيرون لهڻي جو انتهائي لاجواب ڪهاڻي سنڌ سلامت تي سائين نثار ابڙو جي معرفت پيش ڪئي۔ ادا نثار مهرباني توهان جي جوڙي سلامت رهي شل آباد رهي (آمين)
جواب: ڀوڳنا .... از نسيم حيدري سائين محترم نثار ناز صاحب، اڄ محترمه نسيم حيدري صاحبه سان ويٺي سنڌ سلامت جو چڪر ٿي لڳايوسون ته هن ڪهاڻي تي اوهانجي خيالن کي پڙهي، محترمه اوهانجا ٿورا مڃيا، ۽ وڌيڪ لکڻ لئه به اتساهه پئدا ٿي ٿيس ۔۔۔ لک ٿورا اوهانجا ۔۔۔ ۽ دوست ڦلپوٽي فقير جا ۔۔۔