هن هڪ آرٽيڪل ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي اندر ٻوڏ جيڪا تباهي مچائي آهي، ان جا بنيادي عنصر ۽ سبب ڪهڙا آهن جي بابت مان ڪجهه بيان ڪريان۔۔ مان ڪيتري حد تائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو آهيان، اهو فقط توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا۔ هي آرٽيڪل هڪ محسن جي ٿورن سان 30 سيپٽمبر 2010 تي مختلف اخبارن (روزنامه هلالِ پاڪستان، روزنامه خبرون، روزنامه پاڪ، روزنامه مقدمو ۽ روزنامه تعميرِ سنڌ) ۾ ڇپيو هو۔ سنڌ سلامت ٽيڪنيڪل مسئلن جي ڪري بند هجڻ سبب مان آرٽيڪل وقت سر هتي ونڊ نه ڪري سگهيس۔۔ ڇا تباهي صرف سنڌوءَ جي ڪري ؟ اسد ميرجت آفتون ته ٿلهي ليکي قدرتي ئي هونديون آهن، ٻوڏ، زلزلو، طوفان ۽ ڏڪار اهڙين آفتن جي قدرتي هجڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر جڏهن انهن ۾ پراون جي سازش ۽ پنهنجن جي غيرذميواري ۽ خودغرضي شامل ٿي وڃي ته نقصان وري ڳڻپ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو. ان جو تازو مثال سنڌ توڙي پاڪستان ۾ آيل تاريخي ٻوڏ آهي. ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجي گهرن کان بي گهر ڪري دربدر ڪرڻ لاءِ، سوين ماڻهن جون حياتيون کسڻ لاءِ فقط هي ٻوڏ ذميوار نه آهي. پراون جي سازشن جي ڳالهه ته هر باعقل کي چڱي ريت خبر آهي، پر پنهنجن به وسان نه گهٽايو. سنڌوءَ تي اڏيل ڊيم يا چور ڪئنال جي تعمير جو مقصد هڪ طرف ته سنڌ سُڪائڻ آهي پر انهن کي سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو ويو، هڪ ته ڊيمن کي اڳ ۾ ئي ڀريل رکيو ويو ۽ ٻئي پاسي عام وهڪري ۾ وهندڙ فلڊ ڪئنالن کي اهڙي سُپر فلڊ ۾ نه وهائڻ به هڪ طبقي جي سنڌ سان دشمنيءَ کي چڱي ريت ظاهر ڪري ٿو. اها ته هئي پراون جي ڳالهه پر هاڻي تاريخ جي ورقن تي ٿورو نظر ڀريندي سنڌ ۾ آيل تازين ٻوڏ ۾ نقصان ڏيندڙ ماڻهن يا ادارن جو عڪس ڏسي وٺون. هڪ ڳالهه ته سوچيل سمجهيل آهي ته ايڏن سالن جي ڏڪار کان پوءِ نيٺ ته هي ٻوڏ ته اچڻي هئي “درياءُ بادشاهه عاشق ۽ سمنڊ معشوق” واري ڳالهه ته سنڌ جي تاريخ به ٻڌائيندي رهي ٿي، ايڏا سال جو درياءُ بادشاهه جي پاڻيءَ کي ڊيمن ۽ بئراجن ۾ قيد ڪري سمنڊ تائين پهچڻ کان روڪيو ويو ته ان جو ردِ عمل ته نيٺ ٿيڻو هو. عاشق ته گهيرا ٽوڙي به پنهنجي معشوق وٽ پهچي ٿو. پوءِ ان تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ سنڌو درياءُ جو اهو دستور صدين کان هلندو پيو اچي. ڏوهي ته اهي ٿيا جن ان دستورِ فطرت سان هٿ چراند ڪئي. اڳ ۾ ته سنڌوءَ جي وهڪري ۾ ڪنهن قسم جي رنڊڪ رڪاوٽ نه هوندي هئي پر جيئن وقت گذريو رڪاوٽون ايئن وڌنديون ويون، جيئن هاڻ پنهنجي ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي پئي وڃي. پهرين انگريز حڪومت جي طرفان وقفي وقفي سان درياءُ بادشاهه کي بئراجن جا پهرا هنيا ويا، انهن بئراجن جي ذريعي سنڌوءَ جهڙي مست درياءَ جي وهڪري کي قابو ڪيو ويو ۽ ان جي رخ مٽائڻ واري عادت تي ضابطو آندو، اهي بئراج سنڌ ۾ زراعت جي سرشتي لاءِ فائدي وارا ٿيا ته ان سان گڏ وڏي نقصان جو سبب به بڻيا. درياءُ تي پهرن جي شروعات اتان ئي ٿي. وري پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي نالي تي ڊيمن جي تعمير ٿيڻ جي شروعات ٿي. اهڙي طرح جڏهن پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجڻ شروع ٿيو ته درياءُ جي وهڪري کي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ جيڪي مختلف متبادل ذريعا ڇنڊڻ ۽ واهڻيون وغيره هئا اهي سڪندو ڏسي بيڪار سمجهي مختلف ماڻهن برادرين انهن تي قبضا ڪري پنهنجا ڳوٺ اڏي ڇڏيا. تاريخ ٻڌائي ٿي روهڙي کان وٺي حيدرآباد ڪراچي تائين مختلف جڳهين تي ست ڇنڊڻ هيون جيڪي درياءُ جي پاڻي وڌي وڃڻ جي صورت ۾ متبادل وهڪري طور استعمال ٿينديون هيون ۽ عام آباديون پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻوڏ کان بچيل رهنديون هيون، صرف ڪچي جا علائقا سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي وهڪري سان ڀربا هئا، جيڪو اتان جي مالوندن لاءِ خوشيءَ جو موقعو هوندو هو. ان کان بعد درياءَ جي حد اندر به حد دخليون وڌڻ شروع ٿيون، درياءُ جي پيٽ کي گهٽائڻ جو مرحلو شروع ٿيو، اهو سنڌو درياءُ جنهن کي انگريزن پهرين نظر ۾ ڏسڻ سان ئي سمنڊ سان تشبيهه ڏني هئي، جيڪڏهن ٿورو سوچيو ته ان درياءُ جو وهڪرو ۽ درياءُ جي ويڪر ڪيتري هوندي؟ ڏيڍ کان ٻه ميل پيٽ رکندڙ سنڌو درياءُ جي پيٽ اندر ايتري ته حد دخلي ڪئي وئي جو گهڻين جڳهن تي هاڻي درياءُ جو پيٽ ڪلوميٽر ۾ ماپڻ به مشڪل آهي. خاص ڪري سکر کان ويندي ٺٽي تائين درياءُ سان جيڪا حالت روا رکي وئي، اها باضمير سنڌين کي روئارڻ لاءِ ڪافي آهي، درياءُ جي پيٽ گهٽائڻ جو تازو مثال دادو- مورو پل کان پوءِ خيرپور- لاڙڪاڻو پل به آهي، جتي پُل تي ايندڙ خرچ گهٽائڻ لاءِ ۽ پل جي ڊيگهه کي گهٽ رکڻ لاءِ مختلف “مظبوط” هٿرادو بند ڏنا ويا جيڪي وقت اچڻ تي ريتيءَ جي وانگر درياءُ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا ۽ آبادين لاءِ نقصان جو باعث پڻ بڻيا. اهڙي طرح وري جڏهن درياءُ جي حد اندر آباد ٻنين کي پاڻيءَ جي وهڪري کان بچائڻ لاءِ زميندارن طرفان ذاتي طور تي ننڍا بند ڏنا ويا يا پاڻيءَ جي کوٽ دوران مختلف زميندارن پنهنجن ٻنين کي آباد رکڻ لاءِ ذاتي ڊيم اڏڻ شروع ڪيا ته مسئلو ويتر وڌي ويو. ڪچي جي مختلف علائقن ۾ وڏن ماڻهن پاران وسايل ڪيٽيون ۽ بڻايل شڪارگاهون به ته درياءُ جي حد جي اندر ايندڙ زمين ۾ ٺهيل آهن. اهڙن علائقن ۾ جيڪڏهن اکين سان وڃي ڏسجي ته يقين ئي نه ايندو ته ڪو هي ڪچي جا علائقا آهن، اتي بنگلا ۽ ذاتي فاريسٽ هائوس، عيش و آرام ۽ شهري سهوليتون ڏسي ايئن لڳندو ته ڄڻ ڪنهن شهر ۾ بيٺا آهيون. سنڌوءَ جي وهڪري کان نقصان جو وڏي ۾ وڏو سبب جيڪو تازو ٿيل تباهيءَ جي مُک ڪڙي به آهي اهو هو درياءُ جي بندن جي مرمت کان لاپرواهي. سنڌو درياءُ جي وهڪري جي حد بند ڪندڙ اصلي بندن توڙي آبادين کي محفوظ رکڻ لاءِ حفاظتي (ڊفينس لائين) بندن جي مرمت کان ڏهاڪو کن سالن تائين جيڪا لاپرواهي روا رکي وئي، ان جو نتيجو به ته نيٺ ظاهر ٿيڻو هو. توڙي جو حڪومتي ڪاغذن ۾ انهن بندن جي مرمت جي نالي انهن ڏهن ٻارهن سالن ۾ اربين رپيا جاري ڪيا ويا، پر اهي اربين رپيا ويا ڪاڏي، ڪنهن جي کيسي ۾ ويا ڪا خبر ناهي؟ درياءُ جي پيٽ ۾ مختلف جڳهين تي جزيرن وانگر جيڪي واريءَ جا دڙا ٺهي ويا آهن، انهن تي به ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. ايترا سال درياءُ جو پيٽ اڌ کان مٿي خالي رهيو ۽ عام وهڪري جي مقابلي ۾ 30 سيڪڙو پاڻي مس هوندو هيو ته ان دوران به انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ضروري قدم نه کنيو ويو. نتيجي ۾ درياءُ جي، بئراجن جي پاڻيءَ جي گنجائش گهٽجندي وئي. مختلف جڳهين تي درياءُ جي بندن جي حفاظت لاءِ بيهاريل مشينري وقت سان گڏ ناڪاره ٿيندي وئي ۽ پوءِ فروخت به ٿي وئي، ڪنهن کي ڪجهه خبر نه پئي. درياءُ، ڪئنالن ۽ واهن جي بند جي مظبوطيءَ لاءِ جيڪي قسمين قسمين وڻ ڪنارن تي پوکيل هئا، انهن کي به سرڪاري يا غير سرڪاري طور وڍي وڪرو ڪيو ويو. نتيجي ۾ بند ته ويتر ڪمزور ٿي ويا. اهي بند ته فقط اهڙن وڻن جي ڪري ڄمي قابو ٿي بيٺا هئا، نه ته انهن کي فقط پٿرن جي پچنگ ۽ مٽيءَ جا ڍير ڪيترو قابو ڪندا؟ سنڌوءَ جو وهڪرو به ته ڪا شئي آهي، جيڪو شينهن جا هانءَ به ڏاري ٿو. دهشت دم درياهه ۾ جت ڪڙڪو ڪن ڪري توڏي تاڪڻ وچ ۾ مٿان وير وري (شاهه لطيف) اهڙيون فاش غلطيون ڪندڙ حڪومتون، ادارا، ڪامورا ۽ فرد شايد انهيءَ اميد کان ناواقف هئا، جيڪا ماروئڙن ۽ غريبن جي دلين ۾ هئي ته درياءُ جي بادشاهي موٽي ضرور ايندي. اهي غريب جن درياءُ جي موجن جي موٽڻ لاءِ باسون پڻ باسيون هيون، نيٺ سندن اميد پوري ٿي ۽ دعا قبول ٿي، افسوس جو درياءُ جي بادشاهي موٽي آئي ته نقصان به غريب، مسڪين ماروئڙن کي پهتو. درياءُ جي ڀرسان رهندڙ ماڻهو ته متاثر ٿيڻا ئي هئا پر اهي شهر جن ڪڏهن درياءُ جو منهن به نه ڏٺو هو، ڪامورن جي غلطين ۽ خودغرض پاليسين جي ڪري تباهيءَ جي ور چڙهي ويا. ڪروڙين ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ مان متاثر ٿيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ بعد لکين ماڻهو اڃان تائين ڪئمپن ۾ دربدري ۽ ڪسمپرسي واري حالت ۾ آهن، اهي هٿ جيڪي ڏيڻ وارن هٿن جي طور مشهور هئا، اهي سخي هٿ اڄ گهرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. مڇي ماني کائڻ وارا پنڻ تي مجبور ٿي ويا، اهي سنڌي جيڪي سدائين ٻين کي اجهو ڏيندا رهيا آهن، هينئر پاڻ اجهي لاءِ سڪي رهيا آهن، ڌرتيءَ جا ڌڻي بک وگهي مري رهيا آهن. توڙي جو انهن سنڌي متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجي سنڌي ڀائرن وڏي همت ڏيکاري ۽ عام ڏينهن توڙي عيد تي به پنهنجي حصي جا کاڌا، ڪپڙا لٽا انهن جي لاءِ آندا، انهن جي ٻارن کي خرچيون ڏئي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪري انهن جي درد کي ونڊيو ۽ انهن کي پنهنجي گهر جو احساس ڏيارڻ چاهيو پر پنهنجو اجهو ته وري به پنهنجو اجهو هوندو آهي. اڄ به ٻه مهينن کان مٿي وقت گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن تڏهن ته پاڻي ماهرن جي نظر ۾ هي دنيا جي وڏي عرصي تائين برقرار رهڻ واري ٻوڏ آهي. ڇا ڪنهن سوچيو هو ته ٽوڙهي بند مان وهندڙ درياءُ جو پاڻي اچي منڇر ڍنڍ منجهه پوندو ۽ جهانگار باجارا به پاڻي ۾ ٻڏل هوندو. تت هي آهي ته نقصان جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، ڀلا جيڪڏهن اسان جي وزيرن چواڻي هن کي قدرتي آفت به چئجي کڻي ته ڇا اڳتي اهڙي قدرتي آفت کي روڪڻ جي ڪا پاليسي اسان ٺاهي رهيا آهيون؟ ڇا اڳتي اهڙي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ اسان ڪو قدم کڻي رهيا آهيون. جيڪڏهن نه ته پوءِ اسان ته اها قوم ليکباسين جيڪا پنهنجي تاريخ مان ڪو سبق نه ٿي سکي ۽ اهڙي قوم ته سدائين ڏکيائن جو شڪار رهندي آهي. اڳتي اهڙي نقصانن کان بچڻ لاءِ درياءُ جي بندن جي مضبوطيءَ، حد دخلين جي خاتمي تي ڌيان ڏنو وڃي. انڊس لنڪ جهڙا ڪجهه منصوبا متعارف ڪرايا وڃن، متبادل وهڪري جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي. اڳ ۾ غلط منصوبا بنديءَ جي ڪري متبادل وهڪري واري ڇنڊڻن کي ختم ته ڪيو ويو پر ان جڳهه تي اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا جيڪي ٽيڪنيڪل لحاظ کان سنڌ جي نقصان ۾ هيا. آر بي او ڊي، ايل بي او ڊي جهڙي منصوبن به ٻوڏ ۽ طوفان جي وقت ۾ سدائين سنڌ کي نقصان پهچايو. هينئر صرف ڄامشورو جي علائقي ۾ به سم نالي جي ڪري ئي ڪيترائي ڳوٺ متاثر ٿيا. جيڪڏهن هينئر به سنڌ سان سچائي ڪئي وڃي ته ٻوڏ جي متاثر ڳوٺن ۾ ٻيو ڪجهه ڏيڻ جي ضرورت نه آهي اتي انهن کي زراعت جي لاءِ ٿوري گهڻي مدد ڪئي وڃي ته به هو پاڻ ڀرا ٿي ويندا. ختم شدهلال پاڪستان ۾ ڇپيل آرٽيڪل جو عڪس....
جواب: ڇا تباهي صرف سنڌوءَ جي ڪري۔۔؟ ڀا مست اوهان جو ڪالم ته مان ڪاله ئي پڙهي ڇڏيو هو پر يار مجبوريون هيون جو آفيس ۾ ڪجه وڌيڪ ڪم ملي ويو۔ رات وري سنڀري ڪو جواب لکڻ پئي چاهيم ته بي وفا بجلي بغير شيڊيول جي صفا گم ٿي وئي۔ رات الائي ڇا پئي لکڻ چاهيم پر صبح سان ڳاله ئي وسري وئي۔ ادا سنڌ سان هن ٻوڏ ۾ جيڪو قهر ٿيو آهي ان جا اثر ڪافي سالن تائين رهندا ۔ پر افسوس جو اسان وٽ ڪا ميچوئر قيادت ڪانهي ۽ نه وري پيپلز پارٽي جو ڪو ٻيو نعم البدل آهي۔ اسان جي قوم پرست قيادت سڄي قوم کي مايوس ڪيو آهي۔ پيپلز پارٽي ان جو فائدو ته وٺي ٿي پر سنڌي عوام جو درد سمجهڻ جي باوجود ڪو اهڙو عملي ڪم نه ڪري سگهي آهي جنهن مان اهو لڳي ته، نه ڪٿي ڪا اميد آهي۔ اوهان جو ڪالم اسان لاء اميد جو سبب بڻيو اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو۔
جواب: ڇا تباهي صرف سنڌوءَ جي ڪري۔۔؟ ادا مست توهان ڪوشش جي جيتري ڳاله ڪجي اها گهٽ آهي بهرحال تمام بهترين ڪوشش آهي اوهان جي