زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي دنيا گهمڻ جو ٽولو گهمندي گهمندي ملاحن جي ڳوٺ ۾ پهتو جيڪي ڳوٺ ڀرسان ئي موجود ڍنڍ منجهان مڇيون پڪڙي گذر سفر ڪندا هئا۔۔۔ مسافرن ڏٺو ته ملاح صبح جي وقت ٿوري دير ۾ ئي مڇيون پڪڙي ايندا هئا ۽ مڇي کپائڻ کان پو سارو ڏينهن واندا وقت گذاريندا ۔۔۔۔
    اهڙي وارتا ڏسي هڪ مسافر هڪ ملاح کان پڇيو ته توهان صبح جو مڇي مارڻ کان پو سارو ڏينهن ڇا ڪندا آهيو۔۔؟
    ملاح جواب ڏنو ته ”مڇي ماري کپائڻ کان پو اسان سارو ڏينهن دوستن عزيزن سان ملڻ، خوشيون غميون ونڊڻ، ٻارن ۽ گهر وارين کي وڌيڪ وقت ڏيڻ، راڳ رنگ ۽ موسيقي ٻڌڻ کان سوا آرام کي گهڻو وقت ڏيندا آهيون“
    مسافر کيس چيو ته ”توهان کي گهرجي ته توهان وڌيڪ وقت پنهنجي روزگار کي ڏيو۔۔۔۔ جنهن توهان جي واپار ۾ اضافو ٿيندو۔۔۔۔ ۽ توهان جون ننڍيون ٻيڙيون وڏين ٻيڙين ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ وڌيڪ واپار ڪرڻ سان توهان هزارين رپيا ايندا۔۔۔“
    ملاح وراڻيو۔۔”هزارين روپيا۔۔۔! پو ڇا ٿيندو۔۔۔؟“
    مسافر چيو۔۔ ته ”گهڻا پيسا ڪمائي توهان پنهنجا گهر وڏن شهر ۾ حاصل ڪري وٺندو۔۔۔ اتي اڃان سٺي طرح توهان پنهنجو واپار ڪري سگهندو۔۔۔۔ جنهن سان توهان وٽ لکين روپيا ٿيندا “
    ملاح پڇيو ۔۔ ”لکين روپيا۔۔۔۔! پر اهو سڀ ڪجهه ڪيتري وقت ۾ ٿيندو۔۔۔۔؟“
    مسافر جواب ڏيندي چيو ته۔۔۔ ”وڌ ۾ 20 يا 25 سالن ۾“
    ملاح پڇيو ته ۔۔۔ ”پو ڇا ٿيندو۔۔۔؟“
    مسافر کلندي چيو ته۔۔۔ ” توهان آرام سان زندگي گذاريندو ۔۔۔۔ دوستن عزيزن سان ملندو۔۔۔ ٻارن کي وڌيڪ وقت ڏئي انهن جي درست تربيت ڏيندو۔۔۔ ۽ بس سک ۽ شانتي ، کل ۽ خوشي ۾ زندگي گذاريندو۔۔۔۔”
    ملاح جواب ڏنو۔۔۔” پر منهنجا مٺڙا سائين اهو سڀ ڪجهه ته اسان کي هيئنر به حاصل آهي ۔۔۔ پو ان لاءِ 20 يا 25 سال انتظار ڇو ڪجي۔۔۔۔۔؟“

    سبق؛ پنهنجي زندگي کي غور سان ڏسو۔۔۔ ته ايتري محنت ۽ مشقت کان پو به توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔؟ ڪاٿي توهان ساڳي ئي جڳهه تي ته نه آهيو۔۔۔۔؟
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    تمام بهترين سٺي سمجهاڻي آهي

    توهان جي هر ٿريڊ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ سمجهاڻي هوندي آهي

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    بهترين سٺي سمجهاڻي آهي
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    زبردست سمجهاڻي آهي۔۔ انسان جي باري ۾ مشهور آهي ته ڪڏهن به موجوده رزق، شان و شوڪت، عزت شهرت مان خوش نه هوندو آهي۔ سدائين وڌيڪ چاهيندو آهي۔۔ توهان جي هي سمجهاڻي تمام زبردست آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    ادا رشيد مهرباني اهڙي شيئرنگ جي۔ خبر ناهي ڇو مونکي اڃان وڌيڪ سٺو ڪرڻ جي هڪ هٻڇ رهندي آهي۔ نيڪي ۽ چڱائي جي ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ڪونهي پر جي دل ۾ کوٽ آهي ته پوء ماڻهو جتي آهي اتي ئي هجي ته بهتر۔ ان ڪري هميشه خلوص نيت سان ڪم ڪجي ان ۾ ئي چڱائي آهي جيئن لطيف سرڪار ٿو چوي ته :

    چائُتِ پائي چِتَ ۾، سَنهو ڪَتيو جَنِ؛
    تِنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نه ڪَيو.

    مُحَبَتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
    تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگھائِيو.

    سو دوستو ادي رشيد جو مقصد آهي ته ماڻهون لالچ ۾ اچي سک چين برباد نه ڪري۔ پر يار سنڌ سلامت کي ايئن ڇڏڻو ناهي ان لاء ته ڪجه وڌيڪ ڪرڻو ئي پوندو۔ نه ته اها نڀاڳي بئنڊ وڊٿ هر مهيني آخري هفتو خراب ڪندي رهندي
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    بهترين سائين
     
  8. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: زندگي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو۔۔۔!

    سائين عبدالرشيد سمون صاحب تمام بهترين شيئرنگ ۽ لاجواب سمجهاڻي شيئر ڪرڻ جي مهرباني زندگي تي بلڪل غور ڪرڻ گهرجي۔ ڇو جو سوچڻ سان ڪي به پئسا ته خرچ نه ٿا ٿين۔ ڇو جو عقلمند ماڻهو ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ سئو دفعا سوچيندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو