وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! صوفي حضور بخش حصو پهريون مون کاهوڙي لکيا گهرين نه گهارين، واحد لڳ وتمن ۾ رويو جر هارين، گوندر گذارين، جو ڏوٽي ڏٿ گڏ ٿيا. (شاهه عبدالطيف ڀٽائي) اچو ته اسان سڀئي گڏجي اڳتي وڌون جيئن سنڌي قوم سان درپيش غلامي، افلاس وجود جي بقا جهڙن پيچيده اڙانگا ڏکين مسئلن بابت ڪا راهه رستو ڪڍي سنڌي قوم کي غلامي بک، بيروزگاري، بدامني کان بچائي سنڌي عوام، سنڌ ڌرتيءَ کي هڪ آزاد ملڪ آزاد قوم جي حيثيت ۾ دنيا اڳيان آڻي سرخرو ٿيون. اها تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ صدين کان هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ پنهنجو وجود رکيو آهي موهن جي دڙي، لاکين جي دڙي سنڌو جي ڪنارن، سمنڊ جي سري ڪراچي، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، جاتي، بدين جي ساحلي پٽي تائين هر هنڌ ڦهليل بندرگاهن شهرن ڳوٺن ماڳن مقامن جا کنڊر ڪراچي، ڪاڇي، ڪارونجهر، ڪشمور، سکر، بکر، رني ڪوٽ، ٺٽي، مڪلي، ملتان سميت سڄي سنڌ جي ٿرن، برن، جبلن ۾ نظر ايندڙ آثار قديما. پنڊ پهڻ ٿيل وڻ ٻوٽا جانور اها شاهدي پيا ڏين ته سنڌ صدين کان آزاد ملڪ رهيو آهي. سنڌي قوم علم، فن، آرٽ، موسيقي، تهذيب تمدن جي علمبردار مذهبي مَت ڀيد کان مٿانهين خوشحال سکي ستابي سيڪيولر آزاد قوم هُئي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ مُلڪ جا آزاد خود مختيار دؤر عزت آبرو، انصاف ترقي سان ٽمٽار جنهن ۾ سنڌين وٽ اَنن جا انبار، مالن جا ڌڻ، کير، مکڻ، ماکيون، ايترو ته عام جام هئا جو ساهميءَ تور کي ڇڏي ڪوڏر جي لپن، ٺڪر جي لوٽن سان مکڻ ۽ ماکيون ماپي ڏنيون وينديون هيون. سنڌ جون لونگيون، اجرڪون، کيس، کرڙيون، کتا، ململ، مُوٺڙو، گربيون، گج، پڙا، پهراڻ، فراسيون، هندورا، کٽو، دهريون، نٿون، پازيب، ڇيرون، جهومڪ، جهالا، چوڙيون، چوٽا، چندن هار، مطلب سوين سونهن جا زيور. سنڌو درياهه سمنڊ جا ڪنارا جتان بندرگاهن تان هندستان، ايران، عراق ۽ ٻين عرب ملڪن جا واپاري ٻيڙا ڪاهي ايندا هئا ۽ وڻج واپار ڪري سنڌ مان ٻيڙا ڀري واپس وڃي سنڌ جي تهذيب، تمدن، خوشحال، امن، انصاف، علم، هنر جي واکاڻ ڪندا هئا. سنڌ ملڪ مذهبي هم آهنگي ۾ سڄي دنيا کان مٿانهون هو هر سنڌي نفرت کان پري محبت جو متوالو هو. سنڌين اڳيان چڱو عمل ئي اصل ايمان انسان کي سرخرو رکڻ جو شرط هو. ان پر نه ايمان جي ڪلمي گو ڪوٺائين، دغا تنهنجي دل ۾ شر ۽ شيطان، منهن ۾ مسلمان اندر آذر آهيين سنڌي ماڻهن جي مٺڙي ٻولي لاڙ، اُتر، ٿَر، ڪاڇي، وچولي، سمنڊ جي ماڻهن جو پنهنجو لَهجو پنهنجا لفظ هر لفظ جون ڪيئي معنائون، شعر شاعري، ڳجهارتون، نڙبيت، مولود، محفلون، رقص، موسيقي، راڳ رنگ، ميلا، ملاکڙا، ڪيئي قسمين قسمين جا ساز شهنائي، چنگ، الغوزو، بين بوڙينڊو، باجو، بانسري، سارنگي، دهل، يڪتارو، چپڙيون، سُر ۽ سازَ سان عشق به اهڙو جو حاڪم وقت اراج ڏياچ ساز جي سُر تي سر دَان، ”خيرات“ ۾ ڏئي ڇڏي بيشڪ دنيا ۾ ڪيتريون قومون رهن ٿيون پر سنڌي قوم جي پيار ۽ نفرت جو پنهنجو انداز آهي. سنڌي سادا سٻاجهڙا مهمان نواز انتهائي سيڪيولر نه لالچ نه لوڀ ڪنهن به قوم تي هلان ڪري ان کي غلام رکڻ سنڌين جي مذاج ۾ ڪونهي ڌريان ئي ڌار يا مٺ مئي جا نه ٿيا مدي ڏيرن من ۾ آئون کليو کيڪاريان!! پر افسوس ته سنڌي قوم جي ان سادگي، سچائي، صبر، سهپ مهمان نواز خوشحالي کي ٻين ڌارين قومن بکايل چالاڪ دوکي باز مڪار لالچي لوڀي قومن سنڌ ڌرتي سنڌي قوم کي سدائين کان مڪاريءَ واري ميري اک سان پي ڏٺو آهي. پوءِ جڏهن به هنن ڪو موقعو ڏٺو آهي تڏهن سنڌ تي حملو ڪري سنڌ جي سرسبز زمينن، مالن چراگاهن اناج معدني ذخيرن کي ڦري لٽي تباهه برباد ڪيو آهي ۽ پرامن سنڌين جو قتل عام ڪري رت جا درياهه وهائي دهشت ۽ وحشت جو راڄ قائم ڪيو آهي. انهن حملي آور قومن قاتلن رهزنن پنهنجي جارحيت، ڦرلٽ قتل غارت کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ سوين ڪوڙا بهانا دليل اٽڪلون طريقا، ترڪتاليون پئي ڪيون آهن ڪڏهن تهذيب، تمدن، انصاف، قانون ته ڪڏهن وري مذهب اسلام دين بي دين ڪفر، مسلماني جهڙا لفظ سامهون ڏئي سنڌ جي بربادي غلامي ۽ پنهنجي عياشي حاڪميت آقايت جارحيت کي جائز پي ٺهرايو آهي. 1400ع قبل مسيح ۾ آرين سنڌ جو رخ ڪيو 6 ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ايرانين سنڌ تي قبضو ڪيو جيڪي ٻه سئو سال سنڌ جا حاڪم رهيا چوٿين صدي قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر ايران فتح ڪيو ته هو سنڌ ۾ داخل ٿيو سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سنڌي آزادي لاءِ اٿي کڙا ٿيا سڪندر جي جنرل سلوڪس شڪست کاڌي راجا چندر گيت سنڌ جو حاڪم بڻيو. وري يونانين سنڌ تي قبضو ڪيو ان بعد سا ڪا قبائيلي سنڌ ۾ داخل ٿيا آخر سنڌين وڏي جنگاڻ بعد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي آزاد حڪومت قائم ڪئي. 631ع ۾ راءِ سهيرس جي موت کان پوءِ سندس وزير چچ برهمڻ حاڪم ٿيو چچ کان پوءِ راجه ڏاهر سنڌ جو والي بڻيو. راجا ڏاهر جي وقت ۾ سنڌ تمام گهڻي خوشحال هئي اها خوشحالي ڏسي عربن ڪيترا ڀيرا سنڌ تي حملا ڪيا. پر شڪست کاڌائون 711ع ۾ عرب سپه سالار محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. راجا ڏاهر جي سرواڻي ۾ سنڌين پنهنجي آزادي آبرو ۽ دنگ ۽ ننگ بچائڻ لاءِ وڏي جنگ ڪئي راجا ڏاهر سميت هزارين سنڌين آزادي جي راهه ۾ خون جو نذرانو ڏئي شهادت ماڻي. پر سنڌ تي عربن جو قبضو ٿي ويو. سرسبز سنڌ کي اجاڙي تباهه ڪيو ويو مڪليءَ کان ماڇڪي، ملتان تائين مندر ڦري سوين مڻ سون چاندي هيرا جواهراته سال گڏ سوين سنڌي عورتن ٻارن کي قيد عرب حڪمرانن حجاج بن يوسف ۽ ٻين لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون انهن عورتن ۾ سنڌ جي حاڪم راجه ڏاهر جون ڌيئرون به هيون جن سان جيڪي سلوڪ روا رکيو ويو ان جي منظر نگاري سنڌ جي عظيم شاعر دانشور شيخ اياز هيئن ڪئي آهي. راجا ڏاهر! تنهنجون نياڻيون سهڻيون سياڻيون ڪنهن هيئن آنديون مانديون بانديون چيلهه ۽ رسا ڇڪبا چُوٽا اڳتان گهوڙا پُٺ تان پياريون راج ڪماريون ننگيون ساريون ها پر آهي پو به انهن جي منهن تي نفرت عظمت جرئت آهن منهنجون ڄڻ ڪوتائون سنڌ عربن جي غلامي ۾ اچي وئي پر سنڌي ماڻهو خاموش نه ويٺا ۽ انهي غلامي خلاف جدوجهد ڪندا آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا. وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃو. اهو سوال اڄ اسان جي سامهون آهي...؟ جان وڍيو هئين ته ويهه نه ته وٺبو واٽ ونءَ تون هي تنين جو ڏيهه ڪاتي جنين هٿ ۾ وقت گذرڻ سان سنڌي ماڻهن سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ پنهنجون آزاد خود مختيار حڪومتون قائم ڪري ورتيون هيون پوءِ 11ع صديءَ ۾ محمود غزنوي سنڌ تي ڪاهه ڪري قبضو ڪيو ۽ پنهنجي طرفان سنڌ تي گورنر موڪلڻ شروع ڪيا پوءِ جڏهن ايبڪ دهليءَ ۾ نئين سلطنت جو بنياد رکيو ته سنڌ کي صوبي جو درجو ڏئي دهلي مرڪز جي ماتحت رکيو سنڌي ماڻهن پنهنجي جدوجهد جاري رکي جنهن کان تنگ ٿي دهلي جي شهنشاهه وقت به وقت سنڌ مٿان ڪاهي ايندا هئا ته جيئن سنڌ ۾ اڀرندڙ آزادي جي تحريڪن کي ڪچلي مرڪز جو ڌاڪو ڄمائين ۽ جڏهن امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو ته سنڌي ماڻهن انهن حالتن مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ پنهنجي قومي ٻڌي جي طاقت ذريعي آزادي جو علم بلند ڪيو آزادي ورتي. آزادي سنڌ ۾ سومرن جي حڪمراني جو دور 401هجري کان 707 هجري 1051ع کان 1351 تائين ٽي سئو سال تي آهي. انهي دورن ۾ اسان سنڌ واسين کي دودي سومري جو الاوالدين سان مقابلي جي تاريخ ملي ٿي جيڪا سدائين سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ جوڌن لاءِ مشعل راهه بڻجي وئي آهي. چون ٿا ته جڏهن ڌارين فوج آزاد سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿي ته الاوالدين دودي سومري ڏانهن نياپو موڪليو ته جي ڪڏهن اڃا به دودو ٻاگهي جو سڱ ڏي ته فوجون واپس ٿينديون جنهن تي ڪيترن دودي کي صلاح ڏني ته ڪنهن حسين ٻانهي کي ٻاگهي ڪري موڪلي ڏجي ته بچاءُ ٿي ويندو. جنهن تي دودي سومري چيو ته اهو سنڌين ۽ انهن جي حڪمرانن جو وڙ نه آهي. جي گُولي وئي گجرين ته پڻ چوندا دودي ڀيڻ ۽ پوءِ جنهن نموني سنڌي ماڻهو سومرا حڪمرانن سان گڏجي آزادي جي بچاءَ ۾ ڌارين سان جنگ وڙهيا تنهن کي ڏسي هر ڪنهن جي ڏندين آڱريون اچي ٿي ويون... جيئن لطيف سائين چيو آهي هڪ جوءِ ٻي جُوءِ ڇڏين ڪون جوان اهڙا ڀي انسان جيڪي ننگن تان نثار ٿيا. سنڌ جو شاعر شيخ اياز هيئن ٿو چوي. دودا تنهنجو ساهه ته ويندو ماڻهو ويساهه نه ويندو هر ماڻهوءَ ۾ جيءَ به آهي، تنهن ۾ هن جو پيءَ به آهي، ڏاڏو، پڙ ڏاڏو، تڙ ڏاڏو، روز اچي ٿو هُن کي آڏو، نانو پڙ نانو، تڙ نانو، هن کان ناهي ڪڏهن بيگانو، جي تن ۾ ڪو ڪانئر آهي، ٻُٽ ٻڌي ٿو هن تي ڪاهي، هن ۾ سچ گهٽ ٿو هر هر، رت پونءَ جو هي پتار ڇاهي، پيڙهيءَ جو پاڇائون آهي، جي تون وڙهندين ماريو ويندين هن وستيءَ تي واريو ويندين دودا تنهن جو ساهه ته ويندو ماڻهو جو ويساهه نه ويندو تنهنجا پٽ نه ته تنهنجا پوٽا رهندا توسان پور وڇوٽا آزاديءَ لاءِ رڙهندا آخر رڙهندي رڙهندي وڙهندا آخر تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ دودي سومري جي ڌرتي عزت ننگ ناموس لاءِ وڙهندي شهادت ماڻڻ جا مثال اڄ به سنڌ جي ماڻهن کي اتساهين ٿا سومرن کان پوءِ سنڌ ۾ سمن جي آزاد خود مختيار حڪومت جو دور جيڪو پوڻا ٻه سئو سال رهيو سما دور سنڌ جي ترقي خوشحالي انصاف، اَمن علم، هُنر جو شاندار دؤر هو سنڌ جي اها شاندار خوشحالي ڏسي آزاد سنڌ تي قبضي لاءِ قابل، قنڌار، هندستان جا جارح لالچي حڪمران بار بار حملا ڪندا رهيا پر سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ صالح سچار، بهادر حڪمرانن سنڌي قوم جي تنظيم اتحاد ٻڌي جي ٻل تي هر جارح حملا آور کي شڪست ڏئي ذليل خوار ڪري ڀڄڻ تي مجبور ٿي ڪيو. بشڪريه عوامي آواز
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! حصو ٻيو پوءِ جڏهن سنڌ جي سخي عالم اڪابر حاڪم ڄام نظام الدين المعروف ڄام نندي اک پوري. ته سندس نااهل پٽ ڄام فيروز جي غلط پالسين اقتدار جي بي انتها لالچ خود غرضي خوف جي ڪري سنڌ جي وفادار سرويچ سپه سالار دولهه دريا خان کي شڪ، حس، ساڙ، جي نظرن سان ڏسڻ لڳو جنهن ڪري دولهه درياهه خان هڪ پاسي خاموش ٿي وهي رهيو. ڄام فيروز ڌاريان آڻي ٺٽي ۾ رهايا جن سنڌي اڪابرين کي وڌيڪ پاڻ ۾ ويڙهايو ۽ ٻئي طرف سنڌي حڪمرانن جي اندروني ڪشمڪش ڪمزورين ڪوتاهين کان پنهنجي قنداري ارغونن حڪمرانن کي پل پل جي حقيقت کان واقف ٿي ڪيو. ڄام فيروز کي ته ايڏو خوف ڏنو جو هُن پاڻ شاهه بيگ ارغون کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني. اهڙي طرح شاهه بيگ ارغون جنهن کي مغل شهنشاهه بابر جي بار بار حملن پريشان ڪري رکيو هو ۽ هو قابل، قنڌار ڇڏڻ لاءِ مجبور هو جو کيس سنڌ ملڪ سڻڀي گرهه وانگر سامهون اچي ويو. شاهه بيگ ارغون وڏو لشڪر ساڻ ڪري قنڌار کان سنڌ تي ڪاهه ڪئي هن ارغوني لشڪر سنڌي قوم مٿان قيامت برپا ڪري ڇڏي. هزارين سنڌي جوڌا پنهنجي عزت آبرو آزادي بچائيندي شهيد ٿيا سنڌ جو سپه سالار دولهه دريا خان به هڪ وڏو لشڪر وٺي ارغوني آفت کي سامهون ٿيو ۽ وڙهندي وڙهندي پٽن سميت شهيد ٿي ويو. مخدوم بلاول کي بلاولي تحريڪ سنڌ جي آزادي لاءِ ويڙهه جي پاداش ۾ قنڌار کان گهاڻو پيڙاهي، شهيد ڪيو ويو . 927 هجري 1520ع سنڌ ارغونن جي حاڪميت ۾ اچي وئي اهڙي طرح سنڌ غلام بني ۽ خوشحال سنڌين جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا. شاهه بيگ ارغون سندس پٽ شاهه حسين جو والي بڻيو ان بعد تُرخان عيسيٰ خان سنڌ جو والي بڻيو دهلي جا مغل شهزادا به سنڌ مٿان آفت بڻجي ايندا رهيا ائين غلام سنڌ جي مالڪي تان ارغون، ترخان، مغل، پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ خون ناحق سنڌين جو وهندو رهيو هٿرادو پئدا ڪيل ڏڪار ، بک، بدحالي، بيمارين سنڌ کي اجاڙي برباد ڪري ڇڏيو، هڪ سئو سال جي لڳ ڀڳ ارغونن، ترخانن سنڌ مٿان حڪومت ڪئي اهي هڪ سئو سال سنڌي قوم پنهنجي آزادي لاءِ مسلسل رهي 1000 هجري 92- 1591ع ۾ سنڌ مغل شهنشاهه اڪبر جي قبضي ۾ آئي سنڌ تي دهلي مرڪز کان مغل سرڪار جا گورنر اچڻ لڳا! ان ڊگهي غلامي جتي سنڌي قوم ۾ ڪيتريون ڪمزوريون پئدا ڪيون اتي ڌرتي جا سرفروش سنڌي ڌارين جي خلاف مسلسل وڙهندا رهيا جيئن جيئن مغل سامراجيت انتشار جو شڪار ٿي ڪمزور ٿيڻ لڳي هئي ته سنڌ ۾ آزادي لاءِ جدوجهد تيز ٿيڻ لڳي. سنڌ ۾ دارالحڪومت ٺٽي، ”لاڙ“ واري حصي ۾ اونگزيب عالمگير (جنهن اقتدار جَي انڌَ ۾ بنياد پرستي مُلائيت جو بنياد بڻائي پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا شڪوه صوفي سرمد ۽ هزارين اهل تشيع کي شهيد ڪرائي پنهنجي تخت تاج کي محفوظ رکڻ لاءِ پيءَ شاهجهان کي گرفتار ڪرائي جيل ۾ رکيو) جي بنياد پرستي خلاف سنڌ جي قومي آزادي لاءِ طبقاتي استحصال جبر استبداد واري سڄي نظام کي پاڙان پٽي مسڪين مظلوم ماريل ستايل پورهيت مٽيءَ هاڻن ماڻهن جو آزادي انصاف امن تي ٻڌل سڪيولر نظام قائم ڪرڻ لاءِ صوفي شاهه عنايت الله شهيد رحه ۽ سندس هزارين صوفي آدرشي انسانن جي اڳواڻي ۾ صوفي جي هڪ منظم مضبوط انقلابي تحريڪ اڀري رهي هئي جنهن جو هيڊ ڪوارٽر جهوڪ ميرانپور ۾ هو پر صوفين جي هن انقلابي تنظيم جو دائرو ڪراچي، ڪيٽي بندر، ڪارونجهر، ڪشمور کان اچ، ملتان سبي ڍاڍر کان گجرا جئسلمير، دکن، دهلي، آگري تائين پکڙيل هو. ٻئي طرف اپر سنڌ واري حصي ۾ يار محمد ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ سنڌي ماڻهو مغل سامراج خلاف جنگ وڙهندي سرن جا نذرانه ڏئي رهيا هئا، مغلن جي عروج جو سج لهڻ شروع ٿي چڪو هو، مرڪز دهليءَ جو اثر ختم ٿي رهيو هو. هندستان جون ڪيتريون رياستون مرڪز مغل سرڪار خلاف بغاوتون ڪري آزاد حڪمراني هلائي رهيون هيون. يار محمد ڪلهوڙي مغل شهزادي معز الدين جا ڪيترا معرڪا ٿيا، آخر يار محمد ڪلهوڙي شهزادي معز الدين سان ٺاهه ڪيو شهزادي معز الدين يار محمد کي ” خدايارخان“ جو لقب ڏئي اپر سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ان معاهدي ۾ مرڪز دهلي طرفان شرط هئا ته مرڪز کي مقرر ڏن ادا ڪيو ويندو، ٺٽي جي مغل گورنر سان فوجي تعاون ايران جي سرحدن جون خبرون مرڪز سان ضرورت مهل هر تعاون ڪيو ويندو. اَپَر سنڌ ۾ يار محمد ڪلهوڙي سان ٺاهه کان پوءِ مغل سامراجين ۽ سندن حوارين سک جو ساهه کنيو پر دارالحڪومت ٺٽي جي جهوڪ ميرانپور مان اڀرندڙ صوفين جي تحريڪ سرگرمين تي مرڪز مغل سرڪار سان گڏ اورنگزيبي بنياد پرستي، ملائيت، ملان، جاگيردارن، پيرن کي ڏاڍي پريشان هئي ڇو ته شاهه عنايت جو نعرو هو (ارض الله ) زمين الله جي آهي جيڪو کيڙي سوکائي، حق موجود، سدا موجود نيٺ سڀني انقلاب آزادي جي دشمنن رجعت پسندن جي چغلين هاءِ گهوڙا شڪايت تي دهلي جي مرڪزي مغل شهنشاهه فرخ سير صوفين جي مرڪز ميرانپور جهوڪ تي فوجي چڙهائي جو پروانو جاري ڪيو پوءِ يار محمد ڪلهوڙي گورنر ٺٽي نواب اعظم خان، نواب ملتان، سبي ڍاڍر جي سردارن ڪامورن جي اڳواڻي ۾ هڪ زبردست فوج 18 ذوالقعد 1129 هجري 13 آڪٽوبر 1717ع جهوڪ ميرانپور ۾ صوفين جي مرڪز کي گهيرو ڪري جنگ شروع ڪئي. ٽي مهينا فوج هن انقلابي جوڌن سان وڙهندي رهي. شاهي فوجن شڪست سامهون ڏسي قرآن شريف کي ڍال ڪري اڇا جهنڊا کڻي مذاڪرات صلح جي نالي دوکو ڪري شاهه عنايت شهيد سندس ڀاءُ ڀائيٽي سميت پنجويهه هزار انقلابي آزادي پسند صوفين کي شهيد ڪري شهر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. اهڙي طرح دنيا جي هن پهرين ڪميون سسٽم جي قائم ٿيل اداري انقلاب آزادي واري تحريڪ کي ڪچليو ويو ۽ هن تحريڪ جي باني صوفي شاهه عنايت الله شهيد جو سر نيزي چاڙهي ٺٽي شهر جو گشت ڪرائڻ کان پوءِ دهليءَ نيو ويو. صوفيءَ صاف ڪيوم ڌوئي ورق وجود جو، تهان پوءِ ٿيوم، جيئري پسڻ پرين سين (شاهه لطيف) سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جهوڪ جو ذڪر هيئن ڪيو آهي. سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن جهڻڪن پاسي جهوڪ ڏيندا پاهه پٽن کي منجهان مينهن موڪ لس پيارين لوڪ آگم ڪيو اکين سين ٻيلي پاس ٻري مون کي چڙن چوريو، محبتي ميهار جي ستي شاخ چري، مٿي جهوڪ جهري پونديس پاريچن تي جهڄان پسيو جهوڪ آيل سنگهارن جي، جن ٿي پي پياريا منجهان مٽن موڪ، لڏي وچان لوڪ اٺي ويا اُڪري- سنڌ تي آفتن جو سلسلو جاري رهيو، نادرشاهه افشار، احمد شاهه ابدالي مدد خان پٺاڻ جي مسلسل حملن سنڌ کي تباهه برباد تاراج ڪري ڇڏيو. هنن ڌارين حملي آورن سنڌ جا مال خانا ملڪيتون خزانا ڦرڻ سان گڏ سنڌ جا نواردات ڪتبه خانا، لائبرريون قديم ڪتاب قلمي نسخا ته پاڻ سان کڻي ٿي ويا پر سنڌ جي حڪمرانن جو اولا به يرغمال ڪري افغانستان ايران وٺي ٿي ويا. يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ مغل شهزادن وانگر ڪلهوڙا شهزادن ۾ به اقتدار تان جهيڙا بغاوتون شروع ٿي ويون دائود پوٽا ته شروع کان ئي شروع هئا. ميان سرفراز، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾ ته حالتون اڃا وڌيڪ ابتر ٿي ويون. ميان عبدالغني، ميان سرفراز کي خاندان سميت قيد ۾ رکي پوءِ قتل ڪرائي ڇڏيو. ڪلهوڙن جا وفادار سپه سالار مير بهرام خان سندس پٽ مير صوبدار خان، مير بجار خان، مير عبدالله خان، مير فتح خان قتل ٿي ويا، تاجو ليکي، الله بخش جهجهڻ، جهڙن سازشي موقع پرستن جا وارا نيارا هئا. هو ساڌن سان سن مک پيچن سان پورا هئا. نتيجي ۾ 1194 هجري 1787ع ۾ ٽالپر ميرن حڪومت جي واڳ ورتي ميرن به سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي رکيو حيدرآباد، ميرپورخاص، خيرپور ميرس ۾ الڳ الڳ ميرن جون حڪومتون قائم ٿيون. ڌريان ئي ڌار يان مٽ مُئيءَ جا نه ٿيا، مَدي ڏيرن من ۾ آئون کليو کيڪاريان، برطانيا انگريز سامراج جيڪو مغل شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ هندستان پهچي پنهنجون سرگرميون شروع ڪري چڪو هو ۽ آهسته آهسته اورنگزيب جي زماني ۾ ڪلڪتي مهاراشٽر ۽ ٻين هنڌن تي ايسٽ انڊيا ڪمپني سان گڏ فوجي قلعا ۽ بئرڪون قائم ڪري ٽيڪسن، واپار انتظامي معاملن تا مقامي مغل ڪارندن سان جهيڙا ڪري انگريز طاقت جو ڌاڪو پئي مڃرايو. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد 26 سيپٽمبر 1613 تي جهاز سنڌ جي ديبل بندر تي اچي لنگر انداز ٿيو ۽ پوءِ جمز اول جو سفير ٽامس رو جو سنڌ ۾ اچڻ ان بعد 1635ع ۾ انگريزن پهرين ڪوٺي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي ۾ کولي قلمي شورو خريد ڪرڻ شروع ڪيو پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ اها ڪوٺي بند ڪئي وئي. گهڻرن پوءِ 1758ع رابرٽ سمپٽن ميان غلام شاهه کان اجازت نامون وٺي ڪوٺي کولي ٻيو پروانو اجازت نامون هڪ انگريز مسٽر ارسڪن 1761ع ۾ حاصل ڪيو. انگريز سنڌ جي حڪمرانن کان اهي تجارتي فائدا ته وٺندا رهيا پر جڏهن سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه انگريزن کان فوجي مسلح جهاز خريد ڪرڻ گهريو ته چيائون ڪڇه جي راجا سان اسان جا تعلقات آهن انڪري جهاز نه ٿا ڏئي سگهون هڪ ميان غلام شاهه جو ملازم علي نواز خان تمام گهڻو قيمتي سامان کڻي سورت فرار ٿي ويو ان جي گرفتاري انگريز کان مدد طلب ڪئي پر انگريزن توجهه ڪا نه ڏني ٽئي ڀيري غلام شاهه ڪلهوڙو انگريزن کي توبن لاءِ گولا ٺاهي ڏيڻ جو چيو پر به چيو انگريزن نه ڪيو معلوم ٿيو ته انگريز واپار بهاني سنڌ ۾ پنهنجون پاڙون پختون ڪري رهيو هو. جڏهن 1787ع ۾ سنڌ ۾ميرن جي حصن ۾ حڪومتون هلڻ لڳيون ته انگريزن کي وڌيڪ موقعو مليو ته هو سنڌ تي آساني سان قبضو ڪري جيستائين مير ڪرم، مير مراد علي خان والئي حيدرآباد، مير سهراب خان والئي خيرپور حال حيات هئا ته انهن انگريزن جي اصرار باوجود کين فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ نه ڏنيون پر مٿين ميرن ۽ سندن صلاحڪارن جي وصال بعد نون حڪمرانن انگريزن سان معاهدو ڪري کين فوجي ڇانوڻيون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڄڻ پنهنجي حڪومت جي خاتمي ۽ سنڌ تي انگريز جي قبضي لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيو. انگريزن حيدرآباد جي مير صوبدار، خيرپور ميرس جي مير علي مراد خان ۽ ٻين ميرن کي سرداري حڪمراني سميت طرح طرح جون لالچو ڏئي انگريزن جو وفادار ۽ هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو، سازشون شروع ٿي ويون انگريز هاڻي ميرن جي ڪمزورين مان فائدو وٺي پنهنجي شرطن روز روز نون معاهدن تي صحيحون ڪرائڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ميرن جي فوجن ۽ انگريز فوج ۾ جهڙپون ٿيڻ لڳيون آخر 17 فئبروري 1843ع حيدرآباد ڀرسان مياڻي جي مشهور جنگ لڳي جنهن ۾ ميرن شڪست کاڌي ۽ چارلس نپيئر سنڌ تي انگريز قبضي جي قلعي کي خوب لٽيو، پرديدار عورتن جون بي عزتون ڪيون ويون قلعي ۾ مير صوبدار خان جنهن کي انگريزن سردار مقرر ڪيو هو ۽ مٿس چارلس نپيئر مهربان هو سو ڏاڍو خوش هو ته مير گرفتار ٿي ويا. ٻيا ماريا ويا هاڻي سندس وڏي لئي ٿيندي جيئن انگريز فوج قلعي ۾ وٽس پهتي ته هن اٿي فوجي آفيسر جو استقبال ڪيو آفيسر سپاهين کي حڪم ڪيو ته کيس گرفتار ڪيو وڃي، مير صوبدار کي گرفتار ڪري هاٿي جي اگهاڙي پٺي تي قلعي کان ڪوٽڙي فوجي ڇانوڻي نيو ويو ماڻهو حيران هئا ته انگريزن جي هن وفادار سان ائين ڪيئن ٿيو!!!؟ مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست ميرن جي تذليل قومي غيرت ميرپور خاص جي مير شير محمد جنهن کي ”شير سنڌ“ به سڏيو وڃي ٿو وهڻ نه ڏنو هو هڪ وڏو لشڪر وٺي حيدرآباد کان اڀرندان دٻيءَ وٽ 24 مارچ 1843ع انگريز فوج سان مقابلو ڪيو زبردست جنگ لڳي هر سنڌي بي جگريءِ سان وڙهي رهيو هو جو عين موقعي تي مير شير محمد جي فوج جي هڪ سپاهي محمد خان جيڪو اندروني طرح انگريزن جو ڪم ڪري رهيو هو تنهن اسلح جي ڊپو کي باهه ڏئي تباهه ڪري ڇڏيو. تنهن هوندي به هوش محمد شيدي آخر تائين وڙهندو رهيو ۽ نعرا هڻي ” مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ انگريز فوج کي للڪاريندو رهيو آخر شهادت رسيو، سندس بهادري تي چارلس نپئر ٽوپي لاهي کيس سلامي ڏني ۽ فوجي اعزاز سان دفنايو
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! حصو ٽيون مون پڪ سڃاتا ڪي پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ دٻيءَ جي شڪست کانپوءِ انگريز سرڪار سنڌ جي با اثر ماڻهن کي پاڻ سان ملائي هلائڻ ۽ انگريز سرڪار جو وفادار رکڻ لاءِ انهن کي جاگيرون، خانبهادري، سر، جا خطاب ۽ ٻيون طرح طرح جون ذاتي سهولتون فائدا ڏئي سنڌ جا وسيلا ڦري حاڪميت ڪندا رهيا سنڌين کي غلام رکندي آيا وقت گذرڻ سان انگريزن خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيندو ويو بر صغير هندستان ۾ جتي ڪانگريس، خاڪسار تحريڪ، جميعت علماءِ هنڌ، خلافت تحريڪ سرگرم عمل هئا اتي سنڌي ماڻهو به خاموش نه ويٺا هئا، هو آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا هئا ۽ سڄي سنڌ هوشو شيديءَ جي شهادت وقت هنيل نعرن ”مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ سان گونجي رهي هئي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي قوم ڪڏهن به پنهنجي آزادي تان هڪ پل هڪ سيڪنڊ لاءِ به هٿ کڻي غافل نه رهي آهي. راجا ڏاهر جي سندس پٽن ڌيئرن جي شهادت هجي يا دولهه دريا خان جي ڪٽنب سان گڏ هزارين ٻين عام سنڌين جي شهادت مخدوم بلاول جو پيرن کان گهائيءَ ۾ پاڻکي پيڙاهي هڏين جا ٽڙڪاٽ ٻڌي شهادت ماڻڻ کانپوءِ به بلاولي تحريڪ جاري رهندي مجاهدن جون شهادتون هجن. صوفي شاهه عنايت الله سندس ڀاءُ رحمته الله شاهه انجي پٽ نوجوان محمد يوسف ۽ هزارين صوفي سرويچن جو آزادي انقلاب لاءِ سرن جو سودو هجي بختيار خان لغاريءَ جي انگريزن خلاف بغاوت ۾ شهيد ٿيندڙ هجن. مياڻيءَ جي ميدان ۾ شهيد ٿيندڙ حاجي غلام محمد ٽالپر، مبارڪ خان ٽالپر مير غلام شاهه مير محراب خان ٽالپر، عبدالله خان نظاماڻي، محمد علي خان لغاري دريا خان لغاري، غلام حيدر خان لغاري، حاجي خدا بخش چانگ، مراد علي خان چانگ جن سنڌ تان سر واريندي هڪلون ئي ڪيون. ”اين سنڌ ملڪ بمزله مادر ما بلوچان است ڪه از پستان شير پيدائيش پشت به پشت پرورش يا فته ايم حقوق مادر و پدر بر اولاد بسيار است نهايت جان رانثار راهه خدمت اين والده خواهم نمودا.“ (ترجمون) هي ملڪ سنڌ اسان بلوچن جي ماءُ برابر آهي، جنهن جي ڇاتي مان اسان پشت به پشت کير پي وڏا ٿيا آهيون، ماءُ ۽ پيءُ جا اولاد تي گهڻا حق آهن. اسان پنهنجي مادر وطن تي جانيون قربان ڪنداسون انگريزن خلاف شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي جي اڳواڻي ۾ هلندڙ حر تحريڪ هزارين حرن جي شهادت روپلي ڪولهي، هيمون ڪالاڻي جي شهادت سوڍن، سمن، سومرن، سانڌن، شورن، ماڇين، سولنگين، سانگين، چانڊين ۽ ٻين راڄن جون غلاميءَ خلاف بغاوتون ڇڙوڇڙ بنا تنظيم رٿا بنديءَ جي پر، اهي سڀئي سنڌ جي آزادي خودمختياري انقلاب لاءِ هلندڙ جدوجهدن جو تسلسل هيون. جن آخر انگريز مائي باپ کي به گوڏا کوڙايا سنڌ بمبئي مرڪز کان ته آزاد ٿي پر اسانجي اڪابرين 1940ع جي قرارداد ڪوڙن واعدن اقرارن جي چال ۾ اچي انتهائي سادگي سچائي سان سنڌ کي پاڪستان جو حصو بڻائڻ لاءِ راضي ٿي ويا جڏهن ته پنجاب ۾ يونينيسٽ پارٽي جنهن جو اڳواڻ خواجه حضرت حيات هو اهي جماعت اسلاميءَ جو علمبردار مولانا مؤدودي پاڪستان خلاف هئا سرحد ۾ خان باچا غفار خان جي سرخ پوش تحريڪ جيڪا انوقت پنهنجي عروج تي هئي اهي به پاڪستان ۾ راضي نه هئا بلوچستان جا بلوچ به آزاد بلوچستان جي حق ۾ هئا پر هڪ سنڌ ۽ ٻئي طرف بنگالي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڄڻ ديوانه هئا هنن جو خيال هو ته 1940ع جي قرارداد مطابق پاڪستان اندر هر قوم کي آزادي، برابري، جمهوريت جهڙا حق حاصل هوندا هر قوم پنهنجي وسيلن، اقتدار اعليٰ جي پاڻ مالڪ هوندي. سنڌ جو سائين جي ايم سيد جنهن بچپن ۾ پيءَ جي شهادت ڏٺي يتيميءَ جو بار سٺو ٻالڪ پڻيءَ انگريزن جي رحم ڪرم غلامي ۾ پئي گذاري تنهن جي باغي جذبي جڏهن جولان کاڌو ته هو انگريز سرڪار خلاف ٿي بيٺو خلافت تحريڪ کان ڪانگريس جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ تائين هن جي سياست جو محور مرڪز آزاد خوشحال سنڌ هو ۽ جڏهن هن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ مسلم ليگ ۾ ڪم ڪيو تڏهن به سندس سامهون سنڌ هئي ۽ جڏهن پاڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪرايائين تڏهن به سندس اڳيان سنڌ هئي هو جذباتي به ايترو هو جو جڏهن جناح تي حملي جو ٻڌائين ته اڇنگارون ڏئي رنو هو. پاڻ جڏهن حر تحريڪ جي باني مجاهد اعظم شهيد صبغت الله شاهه راشديءَسان ملي کيس مدد لاءِ چيو هو ته شهيد صبغت الله شاهه راشديءَ کيس حقيقتن کان واقف ڪندي چئي ڏنو هو ته سيد صاحب انگريز ويندا پاڪستان ٺهندو تڏهن توهان هوندؤ ڪٿي!؟ ۽ پوءِ ايئن ٿيو سائين جي ايم سيد مسلم ليگ اندر غير جمهوري فيصلن ڊڪٽيٽ وارن روين تي جناح سان اختلاف ڪيو جنهن جي پاداش ۾ مٿس عذاب شروع ٿي ويا هو سنڌ جي عشق ۾ هر عذاب سهڻ لاءِ تيار هو 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهيو ته پهرين سازش ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي ٿي. جي ايم سيد ان سازش کان سنڌ جي ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ دؤري تي نڪري پيو 18 جون 1948ع تي سيد کي گرفتار ڪري ٽن مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو اهڙي طرح پاڪستان ٺهڻ جي ڏهين مهيني سنڌي قوم کان ڳالهائڻ اظهار جي آزادي وارو حق کسيو ويو. پاڪستان ٺهندي هندو مسلم فساد ڪرايا ويا سنڌي هندن کي جبرن سنڌ مان ڌڪي ڪڍيو ويو ۽ هندستان مان ايندڙ مهاجرن کي صرف ۽ صرف سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو پنجاب وارن ريلوي اسٽيشن جو پاڻي هاري لکي ڇڏيو پاڪستان آگي هي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هندن جي ڇڏيل ملڪيتون بنگلا ماڙيون پلاٽ زمينون ۽ ٻي جائيداد انهن مهاجرن کي ڏنيون ويون ۽ حڪومتي آشيرواد سان انهن کي زوري قبضا ڪرايا ويا. اهڙي طرح سنڌ جا شهر سنڌي ماڻهن کان کسيا ويا جڏهن ته حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ جيڪي پنجابي فوجي انگريزن سان گڏجي وڙهيا هئا انهن کي ۽ انهن جي خاندانن کي خاص طرح سانگهڙ، (مکي) خيرپورميرس، سکر ۽ ٻين هنڌن تي جاگيرون ڏئي وسايو ويو هو ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي.
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! حصو چوٿون ون يونٽ ڇا ٺهيو سنڌ جي ٻولي، تهذيب، تمدن، معيشت هر شيءَ کي ختم ڪيو ويو سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه بنجي ويو ريلوي اسٽيشن، بس اسٽاپ، رستن، چوراهن تان سنڌي ۾ لڳايل بورڊ هٽائي اردو ۽ انگريزي ۾ لکي لڳايا ويا، حد اها هئي جنهن پوسٽ ڪارڊ يا لفافي تي لفظ ”سنڌ“ لکيل هوندو هو ته اهو ڪارڊ يا لفافو پنهنجي منزل تي مالڪ تائين نه پهچندو هو ان ظلم خلاف سائين جي، ايم، سيد ميدان ۾ نڪري پيو سوين سياسي ڪارڪن، هاري، ورڪر، اديب، شاعر، دانشور سنڌ لاءِ سر تريءَ تي رکي ون يونٽ آمريت خلاف اينٽي ون يونٽ محاذ ٺاهي اٿي کڙا ٿيا. حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، عبدالحميد جتوئي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، نورالدين سرڪي، نجم عباسي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، سراج الحق ميمڻ، فاضل راهو، سوڀوگيانچنداڻي، قاسم پٿر، صديق پکيئڙو، روچي رام، يوسف ٽالپر، سعود نوراني چاچو حفيظ قريشي ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻين ڪيترن وطن دوست ماڻهن جدوجهد ڪئي ڪهاڻيون شاعري ڪئي هن دؤر ۾ وڏو انقلابي ادب سرجيو ۽ موٽ ۾ سرڪار جا عذاب سٺا جيل بند ڪاٽيا جانين جا نذرانه ڏنا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پمفليٽ لکيو: “Injustices to Sindh” “To be or not to be that is the questions before us Sindh is Today” . (ترجمون) وجود جي بقا جي لاءِ جنگ ڪريون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون اهو سوال اڄ اسان سنڌين جي اڳيان آهي. هن شاعري ڪري جئي سنڌ جو نعرو هنيون ثقافت کي اجاگر ڪيو جيئي سنڌ جيئي سنڌ سنڌين جي هيءَ امان سنڌ جيئي هاري ۽ مزدور، جيئي هارياڻي پر نور جيئي جمالو ڇلو ڏور جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ عام هڪ طرف ون يونٽ خلاف عام جدوجهد هلي پئي ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد سندس ساٿين غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، عبدالحميد خان جتوئي، الاهي بخش، عبدالمجيد جتوئي 17 سيپٽمبر 1957ع تي ون وينٽ ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جي قومي اسيمبلي مان متفق طور بل پاس ڪرائي ورتو. پاڪستان جي طاقتور قوتن فوج اسٽبيلشمينٽ شروع کا وٺي اسيمبلين کي مڃيو ڪڏهن آهي سو ان کا اڳ جو اسيمبلي جي ان متفق فيصلي تي عمل ٿئي ايوب خان ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ڇڏي ايوب جي مارشلا تاريخ جو ڀيانڪ باب آهي جنهن ۾ بلوچن، بنگالين تي فوجي آپريشن ڪيا ويا نوروز خان سندس پٽن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو سوين بنگالين کي عذاب ڏنا ويا سنڌ کي بين الاقوامي يتيم خانو بنايو ويو ڌڙا ڌڙ پٺاڻن جا ڪٽڪ سنڌ ۾ داخل ٿيندا ويا پنجابين جون ٽرينون ڀرجي سنڌ ۾ اينديون رهيون انهن سڀني ايندڙن کي نوڪريون به ٿي مليون ته روزگار زرخيز سنڌ جون زمينون به انهن لاءِ وقف ڪيون ويون فوجي جنرلن ڪرنلن سندن ڪٽنبن پنجابي آبادگارن پشتونن کي انعامن نيلام فوجي فائونڊيشن جي نالي ۾ ڏنيون ويون ان قومي جبر ڏاڍ تي جنهن به آواز اٿاريو انکي پاڪستان دشمن، هندستان جو ايجنٽ، عليحدگي پسند، ڪافر سڏي عذاب ڏنا ويا. اهو دور هو جو سنڌ جي اديب، شاعر، جتي سنڌ جي عذابن تي تڙپي پيو هو اتي انسان ذات تي ٿيندڙ ظلم هن پاڻ تي ٿي سمجهيو جنهن تي به ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو، سو مون تي ظلم ٿيو آهي، ايوب ويو ته پنهنجي پٽي ڀائي يحييٰ خان کي بادشاهه ڪري ويو 1970ع جي اليڪشن ۾ بنگالي قوم يڪمشت ٿي عوامي ليگ کي سؤ سيڪڙو بنگال مان کٽايو پر وڏيون سازشون سٽي ڍاڪا ۾ قومي اسيمبلي جو سڏايل اجلاس غير معينه مدت لاءِ ملتوي ڪري پاڪستان ٺاهڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ بنگالين جي جمهوري حڪمرانيءَ واري حق کي پيرن هيٺان لتاڙيو ويو بنگالين تي قيامت برپا ڪئي وئي هڪ رات ۾ سوين بنگالي پروفيسرن، دانشورن، ڊاڪٽرن، شاعرن، اديبن کي چونڊي چونڊي ڳولهي ڳولهي شهيد ڪيو ويو لکين بي وس بنگالين جي خون سان هٿ ڌوئي ٽهڪ ڏنا ويا هزارين بنگالي عورتن سان ريپ ڪري معصوم ٻارن کي ڀالن ۾ ٽنبي مسلماني انسانيت جا بکيا اڍوڙيا ويا ائين بنگالين کي ڌڪي ڌار ڪيو ويو 24 سالن جي عرصي ۾ پاڪستان جي والي وارثن ملڪ ٻه اڌ ڪري ڇڏيو 16 ڊسمبر 1971ع تي دنيا ڏٺيو ته اسانجي فوجي جنرل نيازي پنهنجي ساٿين سميت پنهنجا هٿيار ٽوپيون فوجي تمغا هندستاني جنرل اروڙ جي اڳيان ڦٽا ڪيا پر اسانکي آخر تائي اهو ٻڌايو پي ويو ته ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي سڀ خير آهي خبر تڏهن پئي جڏهن 95 هزار پاڪستاني فوجي جنگي قيدي بنجي هندستان جي ڪئمپن ۾ پهتا ان قومي جبر، ڏاڍ، ظلم، قتل، ڪوڙ، ٺڳي، فريب، چالاڪين، آمريت فوجي پنجاب اسٽبيلشمينٽ جي سازشن جي ڀيانڪ نتيجن مان ڪو به سبق حاصل نه ڪيو ويو. ”وري به ساڳيو ڳن ڪهاڙي ۾“ ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ وقت گذريو 1973ع جو آئين ٺاهي قومن جي وجود کان انڪار ڪيو ويو پوءِ اڳيان هلي حڪمرانن پاڻ ان پنهنجي ٺاهيل آئين جي دائري کي اورانگي عمل کان انڪاري ٿيا. بلوچستان جي چونڊيل نمائندن کان حق حڪمراني کسي اسيمبلي ٽوڙي گورنر راڄ نافذ ڪيو ويو بلوچن تي سنڌي فوجي چڙهائي ڪئي وئي هزارين بلوچ شهيد ڪيا ويا مال ڪاهي بمباري ڪري گهر تباهه ڪيا ويا ڪيترن بلوچ سياسي ورڪرن کي گم ڪيو ويو. سرحد اسيمبلي ٽوڙي اتي پڻ گورنر راڄ نافذ ڪيو ويو ۽ پوءِ سڄي بلوچ، پشتون قيادت چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪري غداري ملڪ دشمني جا ڪيس قائم ڪري کين جيلن ۾ وجهي سندن سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وئي سنڌ ۾ به سنڌ جي حقن هارين مزدورن جي ڳالهه ڪندڙ سائين جي ايم سيد ۽ ٻين سوين قومي ڪارڪنن، هاري، ورڪرن، شاعرن، اديبن، دانشورن، شاگردن، پروفيسرن کي ڊي، پي، آر، سنڌ ڪرائيمس قلم 109-قلم 110 جي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ رکيو ويو ڪيترن کي گم ڪري قتل ڪرايو ويو ساڳي حالت ٻين سياسي مخالفن سان به روا رکي وئي. پريسن تي ڇاپا هڻي بند ڪيو ويو ڪتابن رسالن تي پابنديون وڌيون ويون سڄي سنڌ ۾ باهه ٿي ٻري جمهوريت جي نالي ۾ سڀئي مظلوم قومن کان تحرير تقرير جلسن جلوسن جا جمهوري حق کسيا ويا. ضياءَ الحق کي اڳيان آڻي نيٺ 1977ع ۾ فوجي جنتا سڌي مداخلت ڪري ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي ساڳي ظلم جي ڪاري ٻاٽ اونداهي ۾ ڀٽڪندا رهيا. هي ملڪ ته ٺهيو ئي مذهب جي بنياد هو انڪري هر دور ۾ هر حڪمران مذهب کي ڍال پي بنائي آهي قاديانين تي پابندي جمع جي موڪل ڊانس، مجرن، راڳ رنگ تي بندش شراب تي پابندي ته جمهوري حڪومت جون ڪوششون هيون جيئن ملڪ جا بنياد پرست ملان راضي رهن
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! حصو پنجون آمريڪا يا ٻيون عالمي قوتون جيڪي جمهوريت سيڪيولر هئڻ جي انصاف انساني حقن جي ڳالهه ڪنديون رهن ٿيون اهي پنهنجن ملڪن ۾ ان تي عمل ڪندا هوندا پر ٻين لاءِ هنن جا پنهنجا قومي مفاد سڀني کان اڳ ۾ آهن هنن ملڪن پاڪستان ۾ سدائين آمريت پسند قوتن فوجي جنتا مشرف، يحييٰ، ايوب خان، ضياءَ الحق بنياد پرست ملن کي ان لاءِ مدد پئي ڪئي آهي انهن کي سگهارو طاقتور پي ڪيو آهي ته هو روس جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ لاءِ اڳئين مورچي وارو ڪم ڪن ان لاءِ آمريڪا،ان وقت افغانستان ۾ سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن فوج معرفت ۽ سڌو بنياد پرست ملن کي نه صرف پئسه پر هٿيار ڏنا فوج انهن لاءِ تربيتي ڪئمپون قائم ڪيون ۽ طالبان جي کيپون کڙيون ڪيون هر ملان اسٽيٽ فوج جي مدد سان چپي چپي تي مدرسا قائم ڪيا جتي هٿيارن جا انبار گڏ ڪيا ويا دارالحڪومت جي لال مسجد جهڙيون هزارين اهڙيون مسجدون قائم ٿيون، ملن جي پهچ هر پاڪستاني جنرل کان وٺي آمريڪا جي صدرن تائين پهتي جنهن ڪري بيروڪريسي ملن جي هر حڪم جي پوئي واري ڪرڻ لڳي هئي عرب جنگجو، ازبڪ، چچن ويڙهاڪ هتان جي طاقتور قوت آءِ ايس آءِ آمريڪا جي لاءِ هيرو مجاهد غازي اکين جا تارا هئا سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين هئي اتي شهر ته اڳئي بنياد پرستن جي اڏا هئا پر اهو اثر ايترو وڌيو جو ٻهراڙين ۾ روڊن رستن ڳوٺن چوراهن تي سپاهه صحابه، جيش محمد، لشڪر جهنگوي ۽ ٻين اهڙين تنظيمن جا بورڊ ۽ جهنڊا لڳل نظر پئي آيا. آمر ضياءَ الحق ۽ سندس فوجي جنتا جي دور ۾ سنڌ کي هيروئن، ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر، ڌاڙيلن جا ٽولا، مذهبي فرقي وارانه نسلي، قبائلي فسادن جو تحفو مليو. ضياءَ الحق عالمي اپيلن جي باوجود 1973ع جي آئين جي خالق پنهنجي محسن جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي انتهائي بيدرديءَ سان ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو پوءِ اهو پنجاب جنهن 1970ع واري اليڪشن ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڀٽي صاحب کي اڪثريت سان کٽرايو هو انهي ساڳئي ڀٽي شهيد جي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو کي جڏهن پنجاب جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پنجاب پوليس لٺيون هڻي بيگم صاحبه جو مٿو ڦاڙيو هو ۽ هوءَ رت ڳاڙيندي لاڙڪاڻي سنڌ پهتي هئي ته بيوسيءَ مان چئي ويٺي ته ڄڻ هوءَ شام ڪوفي مان مديني آئي آهي.!!! خبر ناهي ته ان وقت بيگم صاحبه کي جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان 95 هزار فوجي (هندستان جي جيلن ۾ قيدي هئا) آزاد ڪرائي سندن استقبال لاءِ بيهڻ ياد آيو هوندو يا نه....؟ جڏهن پاڪستان بچائڻ 1973ع جي آئين جمهوريت جي بحاليءَ جي نالي ۾ ضياءَ الحق جي خلاف تحريڪ (ايم، آر، ڊي) هلائي وئي بلوچن ۽ پشتونن کي ته 1973ع جي آئين جا هٿ لڳل هئا پر پنجاب ضياءَ الحق سان بيٺو ۽ سنڌ جي شهري آبادي به ضياءَ الحق سان بيٺي باقي هئي تحريڪ نج سنڌي ماڻهن جي تحريڪ ٿي اڀري سنڌي ماڻهن ڪونڌر ڪهايا گهر تاراج ڪرايا هزارين سنڌي جيلن ۾ واڙيا ويا ٽڪٽڪيءَ تي ڪوڙن جا مٿن وسڪارا ٿيا. سنڌي ماڻهن پنهنجي خون جو نذرانو ڏئي آمريت خلاف زبردست نفرت جو اظهار ڪيو سنڌ جي ان بي بها قرباني ڪري فوجي جنتا مرڪز پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي شرطن تي پ پ پ کي اقتدار ڏنو صدر اسحاق خان چونڊيو ايم آر ڊي جي باني نواب زاده نصرالله خان شڪست کاڌي صاحبزاده يعقوب خان وزير خارجه بنيو. اڳيان هلي اسحاق خان حڪومت ڊاهي ڇڏي، وري به پ پ کي اقتدار ڏنو ويو بينظير وزيراعظم ٿي! شهد ذوالفقار علي ڀٽي جي ننڍي پٽ شاهنواز کي ته ضياءَ الحق زهر ڏئي شهيد ڪرايو هو پر باقي رهيل سندس وڏو پٽ مرتضيٰ ڀٽو جيڪو ملڪ جي طاقتور ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو هو ڪامورن کي للڪاريندو رهندو هو ۽ پنهنجن جي غلطين کي به وائکو ڪندو رهندو هو هو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هو ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪري موٽيو هو جو کيس سندس گهر 70 ڪلفٽن جي دروازي تي سندس ساٿين سميت پوليس گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو سندس ڀيڻ وزيراعظم پاڪستان هئي ته سنڌ حڪومت وزيراعليٰ عبدالله شاهه مرحوم به سندن هو پر اقتدار جون مجبوريون بي وسي جي انتها ٿي جو ڪير به قاتلن جو نه نالو پيو کڻي نه ايف آءِ آر پئي ڪٽجي وقت گذرڻ سان گوليون هلائيندڙ پوليس آفيسرن جون پروموشنون ٿيون اهي اڄ به اهم عهدن تي مقرر آهن پوءِ فاروق لغاري جيڪو پيپلزپارٽي جو صدر هو جيالو هو پر پنهنجي ليڊر ڀيڻ بينظير صاحبه جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيائين نيو چونڊون ٿيون ته نوازشريف کي وڏي اڪثريت سان کٽرايو ويو پر اڳيان هلي هو اڪثريت ڏيارڻ وارن سان اٽڪي پيو اهي سگهاريون ڌريون جن کي لفظ قوم تي ته شديد ڪاوڙ ٿي اچي پر جمهوريت وارو جملو به سندن نڙيءَ ۾ مڇيءَ جو ڪنڊو بنجي اٽڪي ٿو پوي نتيجو اهو بيٺو جو مشرف ملٽريءَ جي طاقت تي نوازشريف کي لاهي کڻي جيل ۾ وڌو پر سندس ڀاڳ ڀلا هئا جو پنجابي هو ”جان بچي لاکون پائي“ پاڻ ڪٽنب سوڌو وڃي ڀلي ولايت وسايائين. جنرل مشرف جو دور سنڌي قوم بلوچن پشتونن لاءِ قهري دور ثابت ٿيو سنڌين جو آخري سهارو سنڌو درياهه سڪايو ويو سنڌ جون رهيل زمينون جبل سمنڊ جا ڪنارا ڀڳڙن مٽ تي ڌارين سرمائيدارن فوجي فائونڊيشن، ائير فورس، نيوي شهري ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا. ڳجهه ڳوهه ۾ ٿل ڪينال ٺاهيو ويو ٿر جو ڪوئيلو گرنائيڊپٿر، گئس، تيل ڌارين حوالي ڪيا ويا ضلع ناظم نافذ ڪري مرڪز کي اڃا وڌيڪ با اختيار ڪيو ويو سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي تعليم تي پابندي لڳائي وئي ان لاءِ داخلا لاءِ ڪراچي جي ڊوميسائل جو هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو بلوچن تي سخت فوجي آپريشن ڪري سردار اڪبر بگٽي، بالاچ خان مري، ۽ سوين نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو سوين نوجوانن کي گم ڪيو ويو آهي مٿن پراڻو الزام آهي ته هو هندستان جا ايجنٽ آهن ساڳيو الزام سنڌين، پشتونن تي به لڳندو رهيو آهي بلوچ اسان جا پاڙيسري آهن ڀائر آهن هو به اسان وانگر غلام مظلوم آهن مٿن جيڪا ظلم بيداد جي باهه ٻري پئي انجو اسان سنڌ کي احساس آهي اسان جي دل خون جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي پر حقيقت اها آهي ته اسانجي قومي جدوجهد اڃا ڪمزور آهي بلوچ ڀائرن تي ٿيندڙ فوجي آپريشن جي تڪليف اسان سنڌ واسين کي به آهي پر اسان پاڻ پنهنجن مسئلن ۾ لوهه آهيون. نائين اليون واري واقعي مشرف کي آمريڪا جي ضرورت بڻائي ڇڏيو. آمريت جي حياتيءَ ۾ واڌ ٿي وئي مشرف سندس ساٿين حالتن جو ڀرپور فائدو ورتو اهي پشتونن جهادي القاعدا وارا جيڪي اڳي امريڪا جي اکين جو نور هئا سي هاڻي دشمني واري دائري ۾ اچي ويا. مشرف پنهنجي پر ۾ ساٿين جي ساٿ سان ڊبل راند ڪئي هڪ طرف پشتونن طالبان ليڊر القاعدا جا نالي وارا اڳواڻ ٻڌي آمريڪا حوالي ڪيا ۽ جام پئسه ڪمايا ملن کي اتحاد ڪرائي اليڪشن کٽرائي انهن کان 17 سترهين ترميم منظور ڪرائي مڙئي پاور ورتائين وردي ۾ واڌ ڪرايائين تاثر اهو ڏنائين ته ملان هن ملڪ ۾ مقبول آهن طالبان طاقتور آهن جيڪڏهن هن هٿ ڪڍيو ته ملڪ تي طالبان قبضو ڪري ويندا ۽ ايٽمي هٿيارن تائين انهن جي رسائي ٿي ويندي پر آمريڪا به سڀ ڪجهه سمجهيو ٿي ۽ نيٺ بينظير صاحبه جي پاڪستان اچڻ جو بندوبست ٿيو ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو گڏ ٿيا سندس جلوس ۾ بم ڦاڙيو ويو اڍائي سؤ جي لڳ ڀڳ ورڪر عام ماڻهو شهيد ٿيا ۽ پوءِ اڳيان هلي بينظير کي شهيد ڪيو ويو هڪدم روڊ ڌوپي ويا، پوسٽ مارٽم به ڪو نه ٿيو ڪيس به داخل نه ٿيو بينظير جي شهادت تي سنڌي ماڻهن بنا ڪنهن پارٽي اعلان يا جدوجهد جي سڏ جي پاڻمرادو شديد ردعمل ڪيو سنڌ ٻري وئي ٽرينون بئنڪون سڙي ويون ٽي ڏينهن روڊ رستا ويران رهيا. سڄي ڀٽي خاندان کي پاڪستان سان وفاداري 1973ع جي آئين جمهوريت جي پاداش ۾ هڪ هڪ ڪري شهيد ڪيو ويو. شيخ اياز سچ چيو آهي: تون نيٺ ته سرندين ڪاڇي ۾ پر نيهر وانگر ڇال ڏئي، تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾.
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! حصو ڇهون ۽ آخري ڏو ٿي سا ڏورين، جا جو ءِ سئي نه ٻڌي پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين وڄا ات ووڙين، جت نهايت ناهڪا. سنڌ ڌرتيءَ جي هزارن سالن جي تاريخ بيان ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌي قوم جتي مختلف دورن ۾ ڌارين حملا آورن جي غلامي ۾ رهي آهي اتي اسان سنڌ واسي سوين سال آزاد خودمختيار اقتدار اعليٰ جا پاڻ مالڪ مختيار رهيا آهيون. اسان سنڌي ماڻهن مشڪل کان مشڪل حالتن ۾ ڪڏهن به پنهنجي آزادي تان هڪ پل لاءِ هٿ نه کنيو آهي باقي جدوجهد ۾ ڪڏهن تيزي ته ڪڏهن ماٺار ايندي رهي آهي اها حقيقت آهي ته سنڌي قوم سان اڄ جيڪا غلامي والار جبر ڏاڍ واري صورتحال سامهون آهي سا تاريخ جي اڳين مڙني دورن کان وڌيڪ مشڪل سخت ڏکاين واري آهي اڄ اسان لاءِ اهو ئي سوال سامهون آهي ته ”وجود جي بقا جي جنگ وڙهون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون“ اسان اڄ هتي ان لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته سنڌي قوم جي ان غلامي ۽ بقا واري جدوجهد جيڪا ڏينهون ڏينهن سست ۽ ڪمزور پوندي وڃي ان جدوجهد کي طاقت ور بنائي تيز ڪيون اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان قومي تحريڪ اندر پيدا ٿيل ڪمزورين ڪوتاهين کي دور ڪري انفرادي آئپڻي واري سوچ کي ختم ڪري جاگيرداري روين کي رد ڪري اجتماعي عام سوچ کي اوليت ڏئي اڳتي وڌنداسون جيئن فينن چيو هو: دشمن مضبوط ان ڪري آهي جو توهان ڇڙوڇڙ آهيو توهان گڏ هوندؤ ته دشمن ڪمزور ٿيندو. انڪري اسان سڀني وٽ ايجنڊا سنڌ هجي جيئن سائين جي ايم سيد اسان لاءِ مشعل راهه آهي، هنن سڄي حياتي آدرشن اصولن جي سياست ڪئي سياست کي عبادت سمجهيو سياست تي پنهنجي وسيلن مان خرچ ڪيو پر سياست کي ڪمائي جو ذريعو نه بڻايو سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق قومپرست سچو ديش ڀڳت هڪ صوفي سوشلسٽ خيالن عوامي انقلاب آزادي ۾ يقين رکندڙ رهنما هو سڀني کان اول 1930ع ۾ پاڻ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد رکيائين 1950ع ۾ سنڌ ٽيتي ايڪٽ پاس ڪرايائين، پاڻ جڏهن جيئي سنڌ محاذ جو بنياد رکيائون ته ان ۾ سوشلزم جو نقطو به شامل هو سائين جي ايم سيد عام مسڪين ورڪر لاءِ ڇپر ڇانو به هو ته هر ورڪر کي بحث ڪرڻ ڳالهائڻ ڪڙا مٺا سوال ڪرڻ جا سڀئي جمهوري حق ڏيندو هو توڙي جو ڪيترا پارٽين وارا کيس وڏيرو جاگيرداريءَ جو تعنو ڏئي سيد تي جلهون ڪندا هئا پر لطيف سائين وانگر ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپو ڏيئي سنڌ جي جدوجهد ۾ پاڻ سڀني کي گڏي هلائڻ جون ڪوششون ڪندا هئا اينٽي ون يونٽ محاذ هجي يا سنڌ قومي اتحاد پاڻ تنظيمون، گروپ ته ٺهيو پر نالي وارن اڪيلي فردن کي به پاڻ سان گڏي کڻي هلائڻ لاءِ ڪوششون وٺندا هئا. طبقاتي طرح عام مسڪين ورڪر جي عزت وٽن سڀ کان اول هئي مون کي ياد آهي ته سنڌ قومي اتحاد جي وقت ۾ جڏهن ٽڪيٽن جو مسئلو آيو ته اسانجي سب ڊويزن سجاول جي صوبائي تڪ تان اليڪشن وڙهڻ لاءِ ”مظفر لغاري عرف شاهي خان“ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن وڏيرن جاگيردارن پيرن کان سفارشون ڪرايون پر سائين جي ايم سيد چيو ته قاسم پٿر، صوفي حضور بخش، اسلم خيرپوري جيستائين سفارش نه ڪندا ته توکي ٽڪيٽ نه ملندي پوءِ اسان کيس لکي ڏنو تڏهن سائين کيس ٽڪيٽ ڏياري، ٻيو مثال ياد ٿو اچي ته جڏهن سائين بغاوت ڪيس هلائڻ پيو چاهي تڏهن قاسم پٿر ۽ ابراهيم منشيءَ کي سائين حيدر منزل ڪراچي صلاح مصلحت لاءِ گهرايو هو. اسان ڏٺو ته سائين پنهنجي تنظيم کان ٻاهر ويٺل دوستن قومي هاري ورڪرن کان راءِ وٺندو هو صلاحون ڪندو هو راڄوڻي اتحاد جي سرپرستي ڪري سنڌ جي دوري جي اجازت سائين جي فراخدلي وسيع نظري هئي سائين جي ايم سيد اسان سنڌي قوم کي سنڌي قوم هئڻ جو احساس ڏياريو غلامي آزادي ۾ فرق سمجهايو قومي استحصال، جبر، ظلم خلاف ثابت قدمي سان جدوجهد جو رستو ڏيکاريو تڪليفون عذاب سهي سرخرو ٿيڻ جو سبق ڏنو علم حاصل ڪرڻ پڙهڻ پروڙئڻ جو درس ڏنو آهي اهو به ٻڌايو آهي ته سچا صاف با ڪردار صالح عمل ڪندڙ قومي ورڪر هاري ورڪر اديب شاعر ئي آزادي انقلاب جي اڙانگي جدوجهد م وام جو اعتماد حاصل ڪري آزادي جي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري سگهندا. پر بد ڪردار لٻاڙي ٻٽاڪ هڻندڙ ڪرائيم ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ڪردارن تي ڪڏهن به ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. سائين جا اهي چيل لفظ وقت سچ ثابت ڪيا اسان سڀني ڏٺو ته هن قومي قافلي ۾ جذباتي نعرا هڻندڙ اڳين مورچن تي وڙهڻ جون ڳالهيون ڪندڙ تڪڙا ۽ تيز دوست هڪ هڪ ٿي وقت سان گڏ سنڌ جي سياست ڇڏي ڪن اقتداري سياست جو پاسو روتو ڪي ڪرائيم ڀتا خوري جا بادشاهه بنجي ويا، ڪارون، بنگلا، زمينون، پلاٽ، ٺيڪا، ٽرانسپورٽ جا اڏا، مڇي جا تلاءَ باغ باغيچا مطلب ته هو خوشحال ڇا ٿيا کائن سنڌ وسري وئي آزادي انقلاب وارا جذبا جهپجي ويا شايد هنن دوستن لاءِ انقلاب اچي ويو آزادي ملي ويئ!! اسان ڪڏهن ارها نه آهيون ته سنڌ جو ماڻهو قومي ورڪر هاري ورڪر خوشحال نه هجي اسين ته چاهيون ٿا ته سڄي سنڌي قوم خوشحال آزاد اقتدار اعليٰ جي وارث هجي پر هو سنڌ نه وسارين جتي به وڃن رهن سنڌ سندن ايجنڊا تي هجي ائين جيئن شيخ اياز سائين لاءِ چيو هو: هي جو پوڙهو جهور وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾ اڃا ڏمري ڏاڍ تي آڻ نه مڃي مور توهان اسيمبيل ميمبر ٿا ٿيو ته سائين جي ايم سيد وانگر غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي وانگر حميد خان جتوئي وانگر سيد امداد محمد شاهه وانگر جلال محمود شاهه وانگرسنڌ توهان جي اول ايجنڊا تي هجي سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ محاذ جا ورڪر سائين جي ڏسيل راهه رستي تي آزادي جي منزل ڏانهن پنڌ ۾ آهن اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي جدوجهد ڪنهن فرد، گروهه يا ٽولي جي وس جي جدوجهد ناهي. هن جدوجهد ۾ سنڌي قوم جي اڪثريت جي گهرج آهي هيءَ جدوجهد ڪن ڏينهن يا سالن جي جدوجهد ناهي پر ڊگهي اڙانگي عذاب ڏيندڙ قربانيون گهرندڙ نسلن جي جدوجهد آهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي هن جدوجهد ۾ جيڪو ٻه وکون سنڌ لاءِ قوم لاءِ کڻي ٿو ڪنهن زخمي ٿڪل قومي قافلي جي ورڪر کي پاڻي جو گلاس پياري ٿو ڪنهن شهيد جي ماءُ ڀيڻ يتيمن جي مدد ڪري ٿو اهو به اسانجي قافلي جو سپاهي آهي قومي تحريڪن جي اڳواڻي ڪندڙ اسانجا هيروز سائين جي ايم سيد سڄي زندگي عذاب ۾ گذاري ته جيئن ايندڙ نسل سنڌ جي آزادي خوشحال ۾ سُک جو ساهه کڻن. بشڪريه روزانه عوامي آواز اخبار
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! ادا ممتاز صاحب توهان جي هر موضوع تمام بهترين هوندو آهي مهرباني اوهان جي.
جواب: وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃون؟!! سنڌ جا گهڻا ئي خيرخواهه سنڌ جي آزادي جي سين هڻندا رهيا آهن، صوفي صاحب جو هي مٿيون ليک به پنهنجي نوعيت جو هڪ سهڻو ليک آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ لطيف سڳوري جا بيت ۽ موجوده سنڌ جي حقيقت بيان ٿيل آهي ۔۔۔ پر افسوس آهي جو سنڌي قوم جي ڪن تي جون به نٿي چري ۔۔۔ اڄ به سنڌي فرقاپرستي جي ور چڙهيل آهن، اڄ به سنڌي ايمان جي ڪمزوري ۾ مبتلا آهن، اڄ به سنڌي واٽون ويهه ٿيون واري راهه تي هلي سنڌ ۽ سنڌيت کي نقصان رسائي رهيا آهن ۔۔۔ پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب، سنڌي جڏهن پاڻ ئي پنهنجي ڌرتي تان هٿ کڻندي پوئتي پير ڪندا وڃن ته اها ڳالهه ممڪن آهي ته تاريخ جي ورقن ۾ پڙهجي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم ۔۔۔ رب ڪارساز کان دعا آهي ته سنڌي هڪ مٽ ٿي پنهنجي قوم کي سرخرو ڪن ۽ سنڌ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏياري سنڌ جي وسيلن جا مالڪ ٿين ۔۔۔۔ آمين