لا انسٽيتيوٽ، جي، تباهي،

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    اسلم لغاري /حيدرآباد

    سنڌ يونيورسٽي جي سهڪار سان پهريون دفعو سنڌ ۾ شروع ڪرايل 5 سالن وارو ايل ايل بي پروگرام (ڊاڪٽر آف جيورس) هن وقت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ جي تاريخي ميٺا رام بلڊنگ ۾ هلندڙ لا انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۾ اختلافن سبب لا انسٽيٽيوٽ جا فنڊ بند آهن، جنهن جو نقصان شاگردن ۽ استادن کي ڀوڳڻو پيو پوي. استادن کي ڏيڍ سالن کان پگهار ناهي ملي ۽ شاگردن کي هن وقت تائين هاسٽل، ٽرانسپورٽ سميت ڪا به سهولت نه آهي. ڊاڪٽر آف جيورس پروگرام جي خصوصيت اها هئي جو اهو پروگرام ٻارهين ڪلاس (انٽر) آڌار شروع ڪيو ويو هو. هن وقت تائين 300 کان وڌيڪ شاگرد زير تعليم آهن، جن ۾ هڪ وڏو تعداد ڇوڪرين جو به شامل آهي. شاگردن کان هر سيمسٽر تي 10 هزار رپيا في ورتي وڃي ٿي، پر حالت اها آهي جو شاگردن لاءِ ٿڌي پاڻي جو به انتظام به نه آهي. انهن مسئلن باوجود لا انسٽيٽيوٽ پنهنجي ڪاميابي طرف وڌي پيو، پر افسوس جو شروع ۾ جيڪي شاگردن کي خواب ڏيکاريا ويا هئا، انهن مان هڪ به پورو نه ٿيو آهي. آئون به انسٽيٽيوٽ جي پهرين بئچ جو شاگرد آهيان، هاڻي ٽئين بئچ به اچڻ واري آهي. انتظاميا ڀلا ٻيو نه ڪري پر اهو ضرور ڪيو وڃي جو شاگردن جي في جا پئسا ته گهٽ ۾ گهٽ انسٽيٽيوٽ تي خرچ ڪيا وڃن. لائبريري ۾ ڪتابن جي کوٽ آهي، پر ايترو ڪمائي ڏيڻ باوجود به يونيورسٽي وٽ هن اداري لاءِ ڪتابن جا پئسا به نه آهن. شاگردن سان واعدو ڪيو ويو هو ته هر مهيني سيمينار ٿيندو، ٻيون سرگرميون ٿينديون پر هن وقت تائين رڳو 2 پروگرام ٿيا آهن، اهي به شاگردن پاڻ ۾ چندو ڪري منعقد ڪرايا. هن اداري جا شاگرد سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکن ٿا، پر انهن لاءِ هاسٽل جي ڪا به سهولت نه آهي. انتظاميا پاران چيو پيو وڃي ته هاسٽل جو پوري دنيا ۾ رواج ئي ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته هاسٽل جي سهولت نه هجڻ سبب غريب شاگرد دربدر آهن. سنڌ جي تعليم دوست، ساڃهه وند ماڻهن کي اسان اپيل ٿا ڪريون ته اهي سنڌ جو هي اهم ادارو بچائڻ لاءِ اڳتي اچن. تعليم دوست ماڻهن جي ڪاميٽي ٺاهي استادن جي مقرري سميت وي سي ۽ ڊائريڪٽر ۾ هلندڙ تڪرار نبيريو وڃي. گورنر سنڌ، ايڇ اي سي چيئرمين سميت لاڳاپيل اختيارين کي به اها گذارش ته اهي حيدرآباد ۾ قائم قانون جو ادارو بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺن.
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: لا انسٽيتيوٽ، جي، تباهي،

    بهترين ادا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: لا انسٽيتيوٽ، جي، تباهي،

    مهرباني ادا توهان جي پسند ڪرڻ جي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو