پروفيسر غلام عباس سولنگي قومي شاهراهه تي واقع ضلعو نوشهرو فيروز پنجن تعلقن نوشهرو فيروز، مورو، ڀريا سٽي، ڪنڊيارو ۽ محرابپور تي مشتمل آهي، پر هتي ضلعي جو عوام اڄ به اهم بنيادي سهولتن کان محروم آهي، خاص طور تي طبي سهولتن کان. هتان جو عوام علاج معالجي يا آپريشن وغيره لاءِ نوابشاهه، حيدرآباد يا ڪراچيءَ جو رخ ڪري ٿو، جتي کين سواري، رهائش ۽ ناواقفيت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اسپتالن جا ڳاٽي ڀڳا خرچ ان کان علاوه آهن. هن ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نيم حڪيمن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ آهي. نوشهرو فيروز مرڪزي شهر آهي، اتي ميڊيڪل ڪاليج جي قائم ٿيڻ سان نه صرف ضلعي جي عوام کي فائدو ٿيندو، بلڪه دادو شهر ۽ ان جي آس پاس جي ٻهراڙين جي عوام کي پڻ فائدو ٿيندو. هزارين ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا کلندا ۽ هتان جي عوام کي پڻ طبي سهولتون ملنديون. صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، ۽ چونڊيل نمائندن کي گذارش آهي ته نوشهرو فيروز ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.