نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي.
هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو.
ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.
مارچ 2009 ۾ مسٽر ۽ مسز اقبال ترين جي دعوت تي واشنگٽن ۾ جامي چانڊيو سان گڏ سندن مان ۾ سنڌي شام ملهائي وئي.
سندس شاعري جو ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڪونه آيو آهي پر اميد ٿا ڪريون ته سندس ڪتاب جلد اسان جي هٿن ۾ هوندو۔ هدايت جي شاعري سمجهڻ ۾ سولي ۽ آسان پر ڏاڍي وزندار هوندي آهي۔ سندس ڳالهائڻ جو انداز نهايت ڌيمو ۽ پنهنجائپ وارو۔ هدايت صاحب جڏهن به مليو آهي ته سندس پيار سندس چهري مان پيو بکندو آهي۔
حوالو:
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان