پيارا سنڌ واسيو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ دوستو جيئن ته مون وٽ جيڪو ڪمپيوٽر هو، اهو ڪنهن مهربان هستي جي مهربانين سان هو، ان مهربان هستي ڇهن مهينن کان پو پنهنجو ڪمپيوٽر مونکان واپس وٺي ڇڏيو، نتيجي طور مان ٽي چار ڏينهن توهان سڀني دوستن کان ٍجُدا رهيس، خير خيرن سان ڪالهه مان پنهنجو ڪمپيوٽر خريد ڪري آيس، هاڻي انشاالله ڪي ڀي جُدايون ڪونه ٿينديون هڪڙو سنڌ ڌرتي جو پراڻو غزل جنهن کي هن تمام ساڌي ڊيزائن سان سجائي آيو آهيان، يار جيجل سنڌ کان سوا مان ته ڇا هرڪو سنڌي پُٽ يا سنڌي نياڻي اڌورو آهي۔ ڏسو ۽ پنهنجون محبتون سنڌ جيجل مٿان نڇاور ڪريو توهان جو صرف توهان جو نثارناز
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ سائين شڪر آ جو واپس ته آيا۔ اصل صفا گم ٿي ويا هئا۔ توهان وري سنڌ کي ڳائي دل خوش ڪري ڇڏي۔
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ سنڌ سلامت جا ناز دوست نثار؛ هي سنڌ جي محبت ۾ آرزوئن، خواهشن ۽ خوابن سان سرشار گيت پڙهي، مونکي وري انگريز ڏاهي جي اها ڳالهه برحق لڳي ته جڏهن قوم جون اهم شيون نقصان ۾ وڃڻ واريون هونديون آهن يا نقصان جي ضد ۾ هونديون آهن ته قوم جا ڏاها ۽ سچا انسان قوم جي ان سرمائي کي ڳائڻ شروع ڪندا آهن ۽ قوم کي سجاڳ ڪرڻ جا جتن ڪندا آهن ۔۔۔ شاعر جڏهن هينئن چوي؛ پنهنجا کپن ؛ پاراوا موجود آهن ساوا کپن؛ مالي ڪمزوري موجود آهي ڍاوا کپن؛ بک موجود آهي لاوا کپن؛ قومي ڍرائپ موجود آهي پاوا کپن؛ هر طرف ڏکي زندگي موجود آهي سنڌ ڄايا کپن؛ غلامي موجود آهي ڏاها کپن؛ علمي ڪمزوريون موجود آهن واه واه کپن؛ حالت خراب آهي نثار ناز؛ جڏهن قوم جي حالت خراب ڏسي ٿو ته، سندس اندر جا اڌما لفظن جي صورت اختيار ڪري نڪرن ٿا ۽ پوءِ اهڙا صدا بهار گيت جنم وٺن ٿا، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها ٿيندي ته سنڌي قوم انهن ڏاهن جو پيغام سمجهي عمل پيرا ٿئي ۽ پنهنجي موجوده بري حالت کان ٻاهر نڪري اچي ۔۔۔ اسان سڀني جا هٿ مٿي آهن ته ڪو اهڙو واءُ گهلي جو اسين سڀ سنڌي ڪنهن هڪ ڳالهه تي متحد ٿي سنڌ بچائي وٺون ۔۔۔۔ ۽ نثار ناز جا خواب پنهنجين اکين ۾ سجائي اهو چئون ته؛ ڪونه پراوا کپن ۔۔۔
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ سائين توهان جي هن تاريخي ۽ قومي شاعري کي پڙهي دل باغ بهار ٿي وئي۔۔۔ مون کي پنهنجا کپن، ڪونه پراوا کپن۔۔۔ واهه ڇا ته سهڻو سادو انداز آهي دل جي جذبن کي لفظن ۾ اُتارڻجو
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ محترم رياض گُلال مهربانيون، ڪوشش ڪري هاڻي ڪجهه تخليقي لکڻين طرف پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون ڦيرايو، سنڌ سلامت جو بنيادي مقصد آهي ته اسان جا سُهڻا سنڌي پنهنجي سنڌي ڪمپيوٽنگ سميت هر موضع تي مخصوص لفظن واهه سائين واهه تمام بهترين زبردست کان هٽي پنهنجا ويوز هتي لکن، ماشاالله هاڻي توهان جي لکڻين جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، مان توهان کي توهان جي هڪ هزار لکڻين کي مڪمل ڪرڻ جون مُبارڪون ڏيان ٿو، هڪڙي ڳالهه توهان کي ٻُڌائڻ فرض ٿو سمجهان ته دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو تنقيد کان بالا تر ڪونهي، جيڪڏهن تعميري تنقيد منهنجي شاعري تي ڪري ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي۔ لک لائق
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ محترم سليمان وساڻ اسان جو مڙهه مقام سنڌ سلامت آهي گم ٿيڻ جو ته تصور به ڪري نٿا سگهون، جيجل سنڌ کي ڳائڻ ۽ سارهائڻ کان سوا هاڻي اسان وٽ ڪو چارو ئي ڪونهي، اسان جي شاعري پڙهي اوهان جي دل خوش ٿي مطلب ته مون هڪ بي لوث نيڪي ڪمائي، ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي بي لوث خوشيون ڏيڻ به نيڪي آهي۔ لک لائق ادا۔
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ ادا نثار ابڙا ان کان وڌيڪ ڪوبه مون سميت منهنجي شاعري جي وضاحت ڪري نه سگهندو، قوم جي حالت ڪهڙي به هُجي پر اسان کي اميد جو پلئه هٿن مان ڇڏڻ نه گهرجي، اسان ته سنڌ جي گلابن سان گڏ ڪنڊن کي پيار ڪرڻ وارا آهيون، شاعر جو آهيون، وڏا نه مگر هميشهه جيان ٽي درجي وارا، خواب هرڪو ٿو ڏسي، البته انهن خوابن جي ساڀيان هر ڏسڻ واري جي ڀاڳ ۾ ناهي هوندي، شاعر يا اديب ماضي حال ۽ مستقبل جو ترجمان هوندو آهي، بلڪل آرسي وانگر ريفليڪس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڪافي شاعر، صرف لکندا آهن ۽ خوب لکندا آهن پر انهن جو حقيقي زندگي سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو ، ڪافي نالي وارن شاعرن ۽ اديبن کي وسڪي جو بوتلون پي گٽرن ۾ ڪرندو ڏٺو اٿم، وري ڪافي ماڻهو شاعري ٻُڌي ان شاعري جي حقيقي روح مطابق هلڻ جي ڪوشش ۾ انهن نالي وارن شاعرن ۽ اديبن سان صرف هٿ ملائڻ چاهيندا آهن پر اهي نالي وارا شاعر کين هٿ ته ڇا پر ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن۔ حقيقت ۾ هر شاعر جو اثاثو پيار محبت وارِي ۽ سُونهن سان نينهن لڳائڻ وارِي شاعري هوندي آهي ڪيترو به شاعر پنهنجي ڌرتي سان پيار جا قربن جا واهڻ واهي، پر جڏهن انقلاب ايندو آهي سُوراج نصيب ٿيندي آهي ته انقلابي گيت ڪير ٻُڌڻ لا تيار ڪونه هوندو آهي، ڌرتي لا لکيل ادب ۽ گيت رڌي جي حساب سان به ڪير ڪونه وٺندو آهي، نعري بازي واري شاعري به ٿيندي آهي، پر مان ڪوشش پيو ڪريان ته پنهنجي هن خوبصورت سنڌ ديس سان پيار جو اڻ ميو اظهار پنهنجي ٽُٽل ڦُٽل شاعري ۾ ڪريان، پيار محبت واري شاعري به ڪافي ڪئي اٿم پر جڏهن سنڌ سان محبت جو اظهار اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي شاعري ۾ اوتي ڇڏيندو آهيان ته ڪافي آنند ملندو اٿم۔ سڪون ملندو آهي، ان کان وڌيڪ خوشي تڏهن ملندي آهي جڏهن توهان جهڙا ديس ڀڳت پڻ منهنجي غريباڻي شاعري مان آنند وٺندا آهن۔ قسم سان توهان جڏهن لکندا آهيو ته هٿ مٿي آهن، ته مان پڻ ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ هينڊز اپ جو نعرو هڻي پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڇڏيندو آهيان۔ بس تنهنجي مٿي فلسفي سان ڀريل ڳالهيون پڙهڻ کان پو ٿورو ٿورو محسوس ڪريان پيو ته اهو وقت پري ڪونهي جو اسان جا سنڌي سورما ۽ سورميون پنهنجو دڳ ڳولي وٺندا۔ لک لائق جو توهان مون ٽي درجي واري شاعر جي ايڏي وڏي همت افزائي ڪئي۔
جواب: سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن۔ ادا اسد مست دل جي جذبن کي مختصر فارميٽ ۾ اوتڻ کي ئي ته شاعري چيو ويندو آهي، توهان جي دل گارڊن گارڊن اسپرنگ اسپرنگ ٿي وئي منهنجي دل پڻ هيپي هيپي ٿي وئي۔ باقي جيجل ڌرتي سان نينهن جو ناتو آهي، جيون جو ناتو آهي ٽُٽي نٿو سگهي۔