جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي تي فائرنگ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اڄ ڏينهن جو تقريبن پوڻين ٽي وڳي ، وزير اعلي هائوس اڳيان ڌرڻي لاءِ ويندڙ جيئ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ريلي کي ڪراچي ويجهو نادرن بائي پاس ويجهو روڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ۽ ترقي پسند پارٽي ۾ تقرار جي نتيجي ۾ فائرنگ ڪئي ويئي جنهن ۾ جيئ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ٽي ڪارڪن شهيد ٿي ويا، ۽ اها افواهه پوري سنڌ ۾ ڦهيلجي ويئي ته ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جن انهي فائرنگ جي زد ۾ اچي ويا آهن. نتيجي طور پوري سنڌ ۾ شديد قسم جي ڳڻتي پکڙجي ويئي. ۽ سموري سنڌ جا شهر احتجاج طور بند ٿي ويا، ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، پوليس جي طرفان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن. ٽنڊو محمد خان شهر به مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. آخري خبرن اچڻ تائين ڪراچي نادرن بائي پاس تي ڪارڪنن ۽ پوليس درميان چڪريون جاري هُيون. ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ترجمان مظفر ڪلهوڙي ڊاڪٽر قادر مگسي جي خيريت هُجڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي​

    رپورٽ : نثاراحمدناز ٽنڊو محمد خان​
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا پنهنجي سنڌ واسين کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته انهي فائرنگ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جو ڀاء٪ به شهيد ٿي ويو آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين اهڙي اهم خبر ڏيڻ لا۽ مهرباني
    الله توهان کي خوش ڪري

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    وانا الله وان اليه راجعون
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    انالله وانا اليه راجعون
    حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو
    الله، اسانجي حڪمرانن کي عقل عطا ڪري ته جيئن هو سنڌين کي قتل ڪرڻ جي بجاءِ سندن بچاءِ ڪن ... آمين
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وهاب اڃان تائين ان ڳالهه جي تصديق ٿي نه سگهي آهي۔ البته پارٽي جو هڪ ڪارڪن حسن جيڪومگسي قوم جو هو جنهن جو تعلق ڪراچي شهر سان آهي تنهنجي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن۔
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جي بابا سائين توهان جي ڳالهه سان مان متفق آهيان
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وزير اعلى هائوس جي سامهون جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ڌرڻو جاري

    وزير اعلى هائوس جي سامهون جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ڌرڻو جاري آهي، ڌارين جي آبادڪاريءَ جي خلاف انهيءَ ڌرڻي جي سرواڻي محترم قاد مگسي جن ڪري رهيا آهن ، ان ڌرڻي ۾ هزارين ڪارڪن شريڪ آهن.
     
  9. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دوستو ڪيستائين اسان جا سنڌي قتل ٿيندا رهندا ؟
    واقعا نهايت دردناڪ خبر آهي اها خبر هئير ميڊيا تي ڇانيل آهي پر انهن جو خون رايگان نه ٿيندو انهن جي جدوجهد کي جاري رکجي ۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مان انهن سنڌ جي سپوت شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ شيخ اياز جي مشهور نظم”دودي جو موت“ مان ڪجهه سٽون لکندس۔۔۔۔۔۔
    ڪنهن ڄاتو آهي ڪير مري!
    هو ڪائنر ڪارونڀار ڪري
    اڄ ايندا تنهنجي ڀاءُ مٿان
    ۽ شايد ويندي سنڌ هٿان
    مان مرندي تائين وار ڪندس
    ۽ ڌارين جا سِر ڌار ڪندس
    هي ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين
    هو پير ڌريندا ڪيئن تيسين
    هن ڌرتي تي جا امي آ
    هي جندڙي هوئن نڪمي آ
    شل جيجل جي ڪنهن ڪار اچي
    شل ان تي ڪا نه ميار اچي

    حڪومت جنهن کي غير ”سنڌين جي حڪومت“ سڏين ٿا۔۔۔۔ تنهن ۾ جيڪڏهن سنڌين جا لاش ڌرتي ڌڻين کي فقط ان ڪري تحفي ۾ ڏنا وڃن جو اهي پنهنجي مٽي جي حفاظت لاءِ آواز اٿارين ٿا ته پوءِ ڀلا ٻيو ڪهڙو در آهي جتي دانهن ڏجي۔۔۔۔؟
    پنهنجن جي حڪومت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجن جا لاش۔۔۔۔۔۔۔۔
    ميار ڪنهن کي ڏجي۔۔۔۔۔؟
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين الله رب العزت انهن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو