• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو

دوستو مون کي زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي حوالي سان معلومات گهرجي جنهن به دوست کي ڪا معلومات هجي ته ونڊ ڪري

مان پنهنجي سيٽ ۾ جيڪو (نڪٽيل 2008) آهي ان ۾ زونگ جي سروس ايڪٽيويٽ ڪرائڻ چاهيان ٿو

سدائين گڏ
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ادا ڦلپوٽا فقير،
زونگ انٽرنيٽ، جيڪڏهن موبائل ۾ استعمال ڪرڻ چاهيو ته تمام سٺي آهي، باقي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرن لا سٺي چوائس ناهي، موبائل استعمال لا تمام سستي ۽ سٺي سروس آهي۔
 
ادا سجاد صاحب

زونگ موبائيل کان ڪمپيوٽر تي ڪهڙي حساب سان سٺي ناهي ان جي ٿوري وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي

جيڪڏهن موبائيل کان ڪمپيوٽر ڪنيڪٽ ڪجي ته ڪهڙي موبائيل سيٽ سان ڪمپيوٽر تي نيٽ ڪنيڪٽ ٿيندي ؟

توهان جي جوابن جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

مان گذريل 5 مهينن کان زونگ جو نيٽ هلائي رهيو آهيان.ڪمپيوٽر تي ب اسپيڊ سٺي آهي. يو ٽيوب وغيره جهڙيون هيوي سائيٽس به صحيح هلن ٿيون.
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

اسپيڊ جي حوالي سان سٺي ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي ۾ ته تمام سلوآهي! فيس بڪ وغيره ۽‌ ڊائون لوڊنگ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون! ۽ ڪمپيوٽر لا ان جو ڀيٽ ۾ ٻيا ڪافي سٺا آپشن موجود آهن!
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

مان گذريل 5 مهينن کان زونگ جو نيٽ هلائي رهيو آهيان.ڪمپيوٽر تي ب اسپيڊ سٺي آهي. يو ٽيوب وغيره جهڙيون هيوي سائيٽس به صحيح هلن ٿيون.

توهان صحيح آهيو ادا اسپيڊ ته کڻي ٺيڪ ٺاڪ آهي پر ڪافي ڪاسٽلي پوي ٿئي

اسپيڊ جي حوالي سان سٺي ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي ۾ ته تمام سلوآهي! فيس بڪ وغيره ۽‌ ڊائون لوڊنگ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون! ۽ ڪمپيوٽر لا ان جو ڀيٽ ۾ ٻيا ڪافي سٺا آپشن موجود آهن!

هتي اسان وٽ به اها ئي ساڳئي صورتحال آهي
ڊائونلوڊ جي حوالي سان ته ڪافي مشڪلاتون آهن 2 جي بي جي پيڪيج ۾ جيڪڏهن توهان ٻه جي بي کان وڌيڪ ڊائونلوڊنگ ڪئي ته هر ايم بي ته توهان جا 3 روپيا ڪٽبا اهڙي ئي طرح سان جيڪڏهن توهان کي 4 جي بي جو پيڪيج آهي ته توهان کي 4 جي بي کان پو۽ هر ايم بي ڊائونلوڊ تي توهان جي 3 روپيا ڪٽوتي ڪئي ويندي

هاڻي ٻه يا چار جي بي ته اسان روز استعام ڪندا آهيو

ان حوالي سان ڪافي ڪاسٽلي آهي باقي جيڪو صرف ياهو وغيره يا وري ميل چيڪ ڪندو آهي ٿوري ٽائيم لا۽ ان جي لا۽ ته صفا اصل لاجواب آهي
هنن جي يو ايس بي اسٽڪ جا ريٽ به پنهنجا آهن

ٽيلينار 4000 هزار جي يو ايس بي آهي
يو فون وري 7000 هزار جي يو ايس بي آهي
زونگ جي يو ايس بي ته پاڻ وٽ مهيا ئي نه آهي

جيڪڏهن ڪو دوست انٽرنيٽ موبائيل سيٽ تان هلائڻ چاهي ته هيٺ ڏنل سيٽن تي موبائيل کان ڪمپيوٽر تي نيٽ هلائي سگهي ٿو

6600,6630,6680,7610,6233,6300,6670,n70,n72,n73,n95

nokia seats

سدائين گڏ
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ها اهو به ٿي سگهي ٿو . مون وٽ nokia 3110c آهي يو ايس بي جي ٿرو هلي ٿو ۽ سروس edge آهي. باقي جن علائقن ۾ gprs آ انهن علائقن ۾ ته pc تي هلائڻ بيڪار آهي.. ۽ منهنجي ايريا ۾ واحد zong آهي جيڪا edge سروس مهيا ڪري ٿو.
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

۽ چوندا آهن نه ته جتي وڻ نه هجي اتي ڪانڊيرو به وڻ آهي.. 240 ۾2gb هڪ مهينو آرام سان هلي ٿو. باقي ptcl ۾ 100 رپيه 3 يا 4 ڏينهن به مشڪل سان هلي ٿو....
 
جواب: زونگ موبائيل انٽرنيٽ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ادا مون وٽ اين 95 آهي زونگ 2 جي بي استعمال ڪندو آهيان، تمام بهترين هلي ٿو
هيوي ڪم ان ۾ ڪين ڪندو آهيان، ڪمپيوٽر تي هلائڻ بيڪار اهي۔
باقي مون کي سمجهه ۾ ڪانه آيو ته فقير سائين روز 2 جي بي استعمال ڪري ٿو، آءُ ته جيتري به ڪوشش ڪيان مهيني ۾ 2 جي بي به ختم ڪانه ڪري سگهندو آهيان۔
 
توها ن وٽ سروس edge آهي يا gprs ۽ اسپيڊ ڪيتري آهي. ڇا ڪڏهن pc تي هلايوآهي؟؟؟
 
Back
Top