ادا منهنجو ڪمپيوٽر ذري ذري ريسٽارٽ ٿئي ٿو جنهن سب هر ڪم اڌ ۾ رهجي ٿو وٍڃي ٿو مهرباني ڪري حل ٻڌائيندا ته مهرباني
جواب: ريسٽارٽ مسئلو مدد ڪريو سسٽم ري اسٽارٽ ٿيڻ جا ڪافي سبب آهن توهان جي سسٽم ري اسٽارٽ ٿيڻ وقت ڪا ڊائريڪشن ڏئي رهيو آهي يا نه ؟ جيڪڏهن سسٽم ڪا ڊائريڪشن ڏئي رهيو آهي ته اها ڊائريڪشن ٻڌايو ته ڪجهه ڪري سگهبو ان کان علاوه توهان جي سسٽم ريڪوائرمينٽ ڇا آهي ؟ ان ڳالهين جي وضاحت ڪندا ته پو۽ ان مسئلي جي صحيح نشاندهي ٿئي سگهي ٿئي باقي ائين ڌڪا فقير نه هڻندو سدائين گڏ
جواب: ريسٽارٽ مسئلو مدد ڪريو ونڊوز نئين ڪرڻ کان اڳ هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪري ڏسو۔۔۔ ڊيسڪٽاپ تي موجود My Computer تي مائوس جي مدد سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ Properties سليڪٽ ڪريو ۔۔۔ هاڻي کلندڙ ڊائلاگ باڪس (سسٽم پراپرٽيز) منجهان Advanced ٽيب چونڊيو۔۔۔ جتي موجود Syestem and Recoveries جي اختيار ۾ موجود بٽڻ Settings تي ڪلڪ ڪريو۔۔ جنهن سان هڪ وڌيڪ ڊائلاگ باڪس (سسٽم اينڊ ريڪوريز) کلي ويندو۔۔۔ هتان Automatically restart جي اڳيان موجود چيڪ هٽائي ڇڏيو۔۔۔۔ ۽ Ok بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
جواب: ريسٽارٽ مسئلو مدد ڪريو مهرباني ادا رشيد and all friends توهان جا لک ٿورا سدائين سنڌ ايئن جرڪندي ۽ مرڪندي رهي
جواب: ريسٽارٽ مسئلو مدد ڪريو ادا سڀ کان پهريان ته اوهان سنڌي سهي لکو جيئن دوستن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي۔۔۔۔ٻئي ڳالھ ته اوهان منهنجي خيال ۾ نئون ٿريد لکو(پڇڻا نه منجهڻا) ۾ ته اوهان جو مسئلو دوست حل ڪندا۔
جواب: ريسٽارٽ مسئلو مدد ڪريو ادي توهان واري ڪمپيوٽر ۾ جيڪو به مسئلو آهي، ان لاءِ نئون موضوع شروع ڪريو، هن موضوع تي گهٽ ماڻهن جي نظر پوندي۔۔۔