سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي


    [​IMG]


    محمد ابراهيم سنڌي شاه ڪريم بلڙي جي لڳ ڀڳ ڳوٺ خير محمد سمي ۾ پيدا ٿيو . سندس جنم جي تارخ 5 نومبر 1953 آهي سندس ابتدائي تعليم اتي ئي ٿي ،اِ انهيءِ کان پوءِ پاڻ عبدارحيم ڪاتيار ۾ داخله ورتائين جتي اٺين درجي جو امتحان پاس ڪري بدين جي لڳ رپ جي ڊي جي هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين جتي نائون ڪلاس پاس ڪيائين ان زماني ۾ عبدرالحيم هاءِ اسڪول ٿيو جنهن ڪري پاڻ واپس اچي عبدالرحيم هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين . انهيءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين . غريب هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم تعليم حاصل نه ڪري سگھيو ان ڪري ترت نو ڪري جي ڪوشش ڪيائين سندس ڪوششن رنگ لاتو۽ پرائمري استاد طور مقرر ٿيا .سندس مقرري وارو زمانو 1973 هو . حيدرآباد ٽريننگ ڪالج مان پي ٽي سي پاس ڪيائين انٽر سجاول ڪاليج مان جڏهن ته بي اي ، ايم اي سنڌي ادب م حيدر آباد ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪيائين . پاڻ تعليمي معاملي ۾ خاموش نه رهيا پر سندس تعليم جو سلسو جاري رهيو . انهيءَ ڪري جلدي بي ايڊ ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين دوستن جي تعاون ۽ مدد سان استادن جي تنظيم جو صدر مقرر ٿيو .ادبي شغلن ۾ دلچسپي هئڻ ڪري پاڻ ڪجھ عرصو سنڌي ادبي سنگت بلڙي شاه ڪريم جو سيڪريٽري رهيو پاڻ لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس کان ڪيائين . ان زماني ۾ بزم طالب المولى شاخ بلڙي شاه ڪريم جو ميمبر ٿيو گڏ گڏ ادبي مشاهرن ۾ پاڻ فعال رهيو . سند ٻارن جي ادب تي لکيل پهرين ڪهاڻي ، ٻارڙن جر ٻاري پروگرام ۾ نشر ٿي جنهن کي ان وقت جي انائونسر ساراهيو .سندس کوڙ سارا مضمون، ڪالم ۽ مقالاآهن جيڪي مختلف ادبي رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا آهن مثلاًً هلال پاڪستان اخبار هفتيوار گلن جهڙا ٻارڙا ماهوار اديون ڪراچي روزانو جاڳو اخبار اطلاعات کاتي جو ڀٽائي نمبر ڪراچي ، روزانه عبرت ، عبرت ميگزين ، سنڌو اخبار ، هفتيوار سنڌو رسالو هزار داستان روزانه آفتاب روزانه خادم وطن ماهوار نئين زندگي ماهوار الفاروق ڪراچي ماهوار لطيف ڊائجيسٽ ماوار الصادق ماهوار مرڪ ماهوار سرتيون ماهوار ڪوڪ ماهوار المدينه ڀينڊو شريف ، انهيءَ کان سواءِ پاڻ لطيف تي گھڻو لکندا آهن . سندس اڻ ڇپيل شاعري جا مجموعا 1 سنڌ سچ ٻڌاءِ 2اندر روح رهيام مضمونن ۽ مقالن جو هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب اندر تون اجار آهي جيڪو انشاءَالله ڪوڪ پاران جلد ڇپرايو ويندو . سندس ذاتي لائيبريري ۾ چڱا خاشا ڪتاب موجو دآهن سندس لائيبريري ۾ لطيفيات تي ڪافي مواد موجوآهي انهيءَ کان سواءِ سندس لائيبريري جي اها خاصيت تعريف جوڳي اهي ته وٽس گھڻو ڪري مواد سنڌي ٻولي ۾ آهي انهيءَ کان سواءِ جي ڪو انگريزي يا اردو ڪتاب هوندو ته اهو به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌي ادب سان لاڳاپيل هوندو پاڻ مذهبي شخصيت آهي ان ڪري سندس ڪتبخاني ۾ اسلام تي به ڪافي ڪتاب ملندا . پاڻ انتهائي مهمان نواز آهن اهوئي سبب آهي ته بلڙي شاه ڪريم ۾ درگاه تي پوري سنڌ جا اديب اچن ٿا . انهن اديبن کي اڳيئي خبر هوندي آهي ته هت هڪ مهمان نواز اديب رهندل آهي ان ڪري سڀني اديبن جو ميزبان پاڻ هوندو آهي .راقم الحروف حيران آهي ته هڪ ماستر جنهن جي ٻي ڪابه آمدني نه هجي اهو ايڏي مهمان نوازي ڪيئن ٿو ڪري سگھي .بهرحال هي ايمان جو مسئلو آهي خدا کيس پنهنجي پڄت کان وڌ مهمان نوازي جو جذبو عطا ڪيو آهي جنهن جو کيس نه صرف دين ودنيا پر قيامت جي ڏينهن به اجورو ملندو. منهنجي خيال ۾ اهڙا تمام گھٽ اديب هوندا جن جو سنڌ جي اڪثر اديبن سان اهڙا لاڳاپا هجن ، پاڻ نه صرف نثر سٺو لکندا آهن پر موزون شاعري ۾ به کيس ملڪو حاصل آهي .تازو ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي اٿن سندس مقالي جو عنوان آهي شاه جي شاعري ۾ مرد ڪردار انهيءَ کان ڪافي ڏينهن اڳ سراج ميمڻ جي همشيره فهميده حسين ميمڻ شاه جي شاعري ۾ عورت جو ڪرادار تي مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي .هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ملهه ڪنهن ماري آهي يعني فهميده عورتن کي نروار ڪري وئي آهي يا ابراهيم سنڌي مردن کي نروار ڪيو آهي . بهرحال ان ۾ ڪابه شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي ته هن وقت ٽنڊو محمد خان۾ سندس وجود ڪنهن برڪت کان گھٽ نه آهي .اهڙا با اخلاق ۽ باڪردار اديب ورلي پيدا ٿيندا آهن اسان ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون ته خدا کيس وڏي حياتي ڏي ته پاڻ ٽنڊو محمد خان جي خدمت ڪندا رهن

    بشڪريه خاص ديسي نگري، ديسي طب فورم
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي

    تمام پياري ادبي سنگت جو تعارف ڪرايو اٿوَ

    مهرباني مائٽ سائين
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي

    واھ سائين تمام بهترين ماڻهو جو تعارف ڪرائي اوهان ته اسان تي ٿورا ڪري ڇڏيا۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي

    ادا مائٽ توهان جون مهربانيون جو توهان منهنجي هر ونڊ تي نظر رکو ٿا ۽ انهيء ونڊ لاء پنهنجا خوبصورت خيالات به ظاهر ڪريو ٿا، ۽ توهان جا اهي خيالات ۽ رايه منهنجي لاء وڏي وٿ آهن ،حقيقت ته اهيا آهي ته توهان جا مليل جواب ئي منهنجي لاء وڏو سرمايو آهن، جنهن لاء مان توهان تمام دوستن جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان۔ اميد ته اهڙي نظرثاني ڪندا رهندا۔ مهربانيون۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي جو خدمتگار محمد ابراهيم سنڌي

    ادا توهان جي به مهرباني ​
     
  7. مفتي عبدالوهاب چاچڙ

    مفتي عبدالوهاب چاچڙ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 فيبروري 2014
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مفتي سنڌ، فقيه سنڌ،صحافي
    ماڳ:
    مدرسه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر سنڌ
    ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي کي شاه لطيف جو شارح چئجي ته صحيح آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو