مهرباني ادا مست ۽ رياض، ادا مست توهان صحيح ٿا چئو، سنڌي ۾ چاندني لا صحيح لفظ چانڊوڪي آهي، مگر شعر جي توازن کي برقرار رکڻ لا ٿورو ڦار جو اختيار مڙئي شاعرن وٽ هوندو آهي۔ هونئن به هاڻي اهو دور ناهي جو هڪ هڪ لفظ تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي، جديد سنڌي شاعري ۾ فڪر ۽ پيغام جي وڌيڪ اهميت آهي، جيڪو اميد آهي ته سڀني دوستن کي سمجھ ۾ آيو هوندو!
دوست مست اسان جي سنڌي ٻولي ايتري ته وشال آهي جو دنيا جي هر خوبصورتي وارا رنگ پنهنجي جهوليءَ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي، چاندني اهڙو لفظ آهي جو جيتوڻيڪ ڌاريو لفظ آهي پر اسان جي ماحول ۾ سنڌ جو ٻارڙي کان وٺي اسان جهڙو جهونو به چاندني لفظ جي خوبصورتي کي چنڊ سان منسوب ڪري چوندو ته چاندني جو مطلب چنڊ جي چانڊوڪي، چنڊ جي چانڊاڻ۔ سائين سجاد سرور به وڏن سنڌي شاعرن جي رستي تي هلندي پنهنجي وزن کي برقرار رکي لفظ چاندني کي ڪتب آندو آهي، سنڌ ڌرتي جي مهان شاعر پڻ اهو لفظ انتهائي خوبصورت انداز سان آندو آهيڊاڪٽر صاحب۔۔ اوهان واحد ڊاڪٽر ٿا ڏسجو جيڪو پنهنجي شاعري جي ذريعي به ذهنن کي تازگي بخشي ٿو۔۔۔ زبردست شاعري آهي۔۔۔۔
باقي هڪ ڳالهه جو مون کي مونجهارو آهي، سائين نثار ناز يا سائين ابڙو صاحب ان ڳالهه ۾ٿوري رهنمائي ڪن ته چاندني لفظ گهڻو ڪري اردو جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، سنڌي ۾ ان کي شايد چانڊوڪي سڏبو آهي
دوست مست اسان جي سنڌي ٻولي ايتري ته وشال آهي جو دنيا جي هر خوبصورتي وارا رنگ پنهنجي جهوليءَ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي، چاندني اهڙو لفظ آهي جو جيتوڻيڪ ڌاريو لفظ آهي پر اسان جي ماحول ۾ سنڌ جو ٻارڙي کان وٺي اسان جهڙو جهونو به چاندني لفظ جي خوبصورتي کي چنڊ سان منسوب ڪري چوندو ته چاندني جو مطلب چنڊ جي چانڊوڪي، چنڊ جي چانڊاڻ۔ سائين سجاد سرور به وڏن سنڌي شاعرن جي رستي تي هلندي پنهنجي وزن کي برقرار رکي لفظ چاندني کي ڪتب آندو آهي، سنڌ ڌرتي جي مهان شاعر پڻ اهو لفظ انتهائي خوبصورت انداز سان آندو آهي
سکي پيا کي ملين ته چئجان ته ”چاندني “ تو سوا نه ٿينديڌرتي جيڏي شاعر مرحوم شيخ اياز جو اهو خوبصورت غزل وڊيو جي صورت ۾ سوڍل فقير جي آواز ۾ حوالي طور ونڊ ڪريان پيو ته شيخ اياز به هن خوبصورت لفظ سان اسان جي سهڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترو نه انصاف ڪيو آهي۔ ٻيو ڪو شڪ ادا مست
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ ، ڇو ته ٻي رات ڪا نه ٿيندي