قصر ناز ۾ هڪ رات

'مختلف موضوع' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2010۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    گهڻن ڏينهن کان سڪ هئي ته سائين نثار نا زجن سان روبرو ملاقات ڪجي الحمد لله اها اميد پوري ٿي آچر جي ڏينهن سائين نثار ناز جن جي بنگلي تي وڃڻ نصيب ٿيو سائين جن جيئن ديدار ڪرايو ته ٻهڪي پيا ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو وڇڙيا قرب وارا هڪ ٻئي سان مليا هجن کليل ٻانهن سان خير مقدم ڪيائون پوء خدمتن ۾ به ڪنهن قسم جي ڪمي ڪانه ڇڏيائون مجهند جي ماني کائي پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جو سير ڪرايائون جناب حڪيم سائين محمد يوسف کتري جن سان به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو هي سائين به املهه هئا ڪافي ڪتاب تحفه ۾ ڏنائون ڏاڍو قرب سان نوازيائون وري رات جو هڪ فنڪشن ۾ به شرڪت ٿي تمام رونق نظر آئي صبح جو سائين نثار ناز جن اسٽاپ تائين ڇڏڻ آيا مونکي ميرپور خاص بورڊ آفيس ۾ ڪم هيو اتي موجود پنهنجي عزيز جناب ڪريم سمون کي فون ڪري منهنجي مدد لاء چيائون اتي پهچڻ سان جناب ڪريم سمون جن به لک عزتون ڏنيون ڪافي دوستن کي فون ڪري چيائون آخر پاڻ هلي آيا هي سڀ مهربانيون سائين ناز جن جي توسط سان ٿيون مان سائين جن جو احسان مند آهيان جن پاڻ ايڏا وڙ ڪيائون.سنڌي ۾ چوندا آهن ته جهڙو جوان ٻڌوسين اهڙو ڏٺوسين سو واقعي سائين جهڙو سائين نثار ناز ٻڌوسين ان کان به وڌيڪ ڏٺوسين سندن طبيعت ۾ نهٺائي عاجزي بيحد نرالي هئي قرب محبت جا ته سندن سيني ۾ مڻ سمايل نظر آيا. الله تعالي سائين جن جي ال و اقبال ۾ ترقي عطا فرمائي. آمين.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: قصر ناز ۾ هڪ رات

    آمين
    سائين ڀلا ڀاڳ اوهان جا۔اسان جا اهڙا نصيب ڪٿي۔؟
    سائين رحيم بخش صاحب اوهان وڏن نصيبن وارا آهيو۔ جو اوهان کي سائين جن جو ديدار نصيب ٿيو آهي۔
    مانکي به سائين جن سان ملڻ جو تمام گهڻو شوق آهي۔ شل سائين جن جو ديدار نصيب ٿئي۔
    سائين نثار ناز جن جي شاعري مان ئي سڄي خبر پئي ٿي ته سائين جن ڪيڏا قربدار آهن۔
    سائين جن جي جيتري تعريف ڪجي اُها گهٽ آهي۔
    سائين جن وٽ لفظن جو خزانو آهي۔
    مان جي ته اها ڪوشش آهي ته سڀني سنڌ سلامت جي ميمبر سان ملان۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قصر ناز ۾ هڪ رات

    سائين رحيم بخش صاحب توهان بلڪل صحيح‌پيا فرمايو۔۔۔ ”جهڙو جوان ڏٺوسين تهڙو ٻڌوسين“ سائين جن سان اسان جي به ملاقات سندن شهر ٽندو محمد خان ۾ ٻه ڀيرا ٿي چڪي آهي ۽ ٻه ئي ڀيرا سائين نثار ناز صاحب پنهنجي پياري‌شاعري وانگر نماڻي طبيت سان اسان کي بيحد عزت ۽ مان ۽ قرب ڏنو
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: قصر ناز ۾ هڪ رات

    بهترين ادا.
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قصر ناز ۾ هڪ رات

    ديوانا به انتظار ۾ آهن، شل اهو ڏينهن جلد اچي۔ آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو