رحيم بخش
ايڊيٽر
گهڻن ڏينهن کان سڪ هئي ته سائين نثار نا زجن سان روبرو ملاقات ڪجي الحمد لله اها اميد پوري ٿي آچر جي ڏينهن سائين نثار ناز جن جي بنگلي تي وڃڻ نصيب ٿيو سائين جن جيئن ديدار ڪرايو ته ٻهڪي پيا ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو وڇڙيا قرب وارا هڪ ٻئي سان مليا هجن کليل ٻانهن سان خير مقدم ڪيائون پوء خدمتن ۾ به ڪنهن قسم جي ڪمي ڪانه ڇڏيائون مجهند جي ماني کائي پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جو سير ڪرايائون جناب حڪيم سائين محمد يوسف کتري جن سان به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو هي سائين به املهه هئا ڪافي ڪتاب تحفه ۾ ڏنائون ڏاڍو قرب سان نوازيائون وري رات جو هڪ فنڪشن ۾ به شرڪت ٿي تمام رونق نظر آئي صبح جو سائين نثار ناز جن اسٽاپ تائين ڇڏڻ آيا مونکي ميرپور خاص بورڊ آفيس ۾ ڪم هيو اتي موجود پنهنجي عزيز جناب ڪريم سمون کي فون ڪري منهنجي مدد لاء چيائون اتي پهچڻ سان جناب ڪريم سمون جن به لک عزتون ڏنيون ڪافي دوستن کي فون ڪري چيائون آخر پاڻ هلي آيا هي سڀ مهربانيون سائين ناز جن جي توسط سان ٿيون مان سائين جن جو احسان مند آهيان جن پاڻ ايڏا وڙ ڪيائون.سنڌي ۾ چوندا آهن ته جهڙو جوان ٻڌوسين اهڙو ڏٺوسين سو واقعي سائين جهڙو سائين نثار ناز ٻڌوسين ان کان به وڌيڪ ڏٺوسين سندن طبيعت ۾ نهٺائي عاجزي بيحد نرالي هئي قرب محبت جا ته سندن سيني ۾ مڻ سمايل نظر آيا. الله تعالي سائين جن جي ال و اقبال ۾ ترقي عطا فرمائي. آمين.