
اينٽي وائرس بابت هر يوزر جي پنهنجي پسند هوندي آهي ۔۔۔۔ ان باوجود اهو تصور عام آهي ته اينٽي وائرس جو اوريجنل ورجن ئي توهان جي پي سي کي اڄ جي مختلف وائرسز کان محفوظ رکي سگهي ٿو۔۔۔ هتي توهان کي مان هڪ ڀلي خبر ٻڌائيندي هلان ته اي وي جي اينٽي وائرس پنهنجي پيڊ ورجن کان علاوه 2011 جي آمد کان اڳ ئي پنهنجو فري ايڊيشن پڻ لانچ ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ جنهن جا خاص فيچرس هي آهن۔۔۔
انٽرنيٽ سرچنگ دوران ايندڙ مختلف ويب سائيٽس يا اي ميلز جي ذريعي ڊائونلوڊنگ هاڻي رهندي محفوظ
سوشل نيٽورڪ تي رهندي وڌيڪ حفاظت
چاهيو ته اي وي جي نارمل موڊ ۾ حفاظت ۾ رکو ۽ جيڪڏهن چاهيو ته اسپيڊي، چست ۽ چالاڪ
هن جي ذريعي توهان کي مختلف الرٽس پڻ ملنديون رهنديون۔۔۔۔
ڊائونلوڊنگ لاءِ توهان لاءِحاضر آهي آف لائين انسٽالر ۔۔۔ يعني توهان پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ محفوظ رکي ڪنهن به ٻئي دوست جيڪو نيٽ استعمال نه ٿو ڪري کي ڏئي سگهو ٿا۔۔۔
ونڊوز 32 بٽ لاءِ هت ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو
ونڊوز 64 بٽ لاءِ هت ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو