• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل ڪروم 7 بيٽا ورجن۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هن سال جي شروع ۾ مون گوگل ڪروم 0۔4 بابت ٻڌايو هيو پر اڃان سال جو اختتام ئي نه ٿيو ته گوگل پنهنجي ڪامياب ۽ منهنجي پسنديده برائوزر کي نئين ورجن 5، 6 ۽ هاڻي ورجن 7 تي آڻڻ جا سنڌرا ٻڌي رهيو آهي۔۔۔

saw19y.jpg

هن ورجن جي فيچرس جي ته ڇا ڳالهه ڪجي۔۔۔
هاني گوگل ڪروم ۾ شامل هوندو جي پي يو ايڪسيليٽر جنهن جي ذريعي رفتار وڌائيندي توهان هئي وقت ڪيترن ئي ويب پنن تي ڪم ڪري سگهندو۔۔۔
هاڻي گوگل ڪروم ئي گوگل ليبارٽي جو تجربو۔۔۔
WebGL جي ذريعي هاني HTML5 ويب پنن کي سورس سان پڙهڻ آسان۔۔۔
ميڪ آپريٽنگ سسٽم جي سپورٽ۔۔۔
SSL ٽيڪنالاجي جو بهترين استعمال۔۔۔

ته پو دير ڇاجي هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
 
جواب: گوگل ڪروم 7 بيٽا ورجن۔۔۔۔

توهان جي ئي چوڻ تي مان پاڻ واري پراڻي برائوزر موزيلا کي خدا حافظ چئي ڪري گوگل ڪروم انسٽال ڪيو سو وري هاڻي به توهان جي ئي چوڻ ئي اهو بيٽا ورجن به انسٽال ڪري ڏسان ٿو

سدائين گڏ
 
جواب: گوگل ڪروم 7 بيٽا ورجن۔۔۔۔

ادا رشيد مهرباني ۔ مان ته ڪروم 7 انسٽال ڪري ورتو آهي پهرين ان جو ورجن 6 استعمال ڪري رهيو هئس۔ بهترين ايڪسپلورر آهي۔

اوهان جا قرب جو اهڙيون ڪم واريون اپڊيٽس وقت سر ٻڌايو ٿا۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ سافٽويئرس ۽ ڪمپيوٽنگ ٽپس ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي۔
 
جواب: گوگل ڪروم 7 بيٽا ورجن۔۔۔۔

ادا تمام بهترين ونڊ آهي۔۔۔ اوهان جا اهي ونڊ ڏسي ته اسان اوهان کي جادوگر سڏيندا آهيون
 
جواب: گوگل ڪروم 7 بيٽا ورجن۔۔۔۔

واھ واھ سائين بهترين ونڊ واقعي اوهان جادوگر آهيو۔
ڪاخبر ئي ڪان ٿي پئي ته اوهان ڪڏهن اوطاق تي اچوٿا ۽ ڪڏهن وڃو ٿا۔
 
Back
Top