نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو ڪافي ڏينهن کان يوٽيوب ۾ ڪوبه وڊيو اپ لوڊ نه ٿي رهيو آهي، ڪافي ڪوشش جي باوجود اپ لوڊ ڪرڻ واري پيج جي هيٺان ايرر ٽو اوپن پيج ڏيکاري پيو، يو ٽيوب جي ايڊوانس انسٽرڪشن ۾ ويس ته اتي اهو لکيو ويو ته جاوا اسڪرپٽ انسٽال ڪيو، جاوا اسڪرپٽ ڊائون لوڊ ۽ انسٽال ڪرڻ کان پو به ساڳيو ڳن ۽ ساڳئي ڪُهاڙي پوزيشن، ڪو دوست خاص ڪري جادوگر ادا رشيد سمون جن کي گُذارش آهي ته ان مسئلي جو حل ڪهڙو آهي، مون سنڌ سلامت اسٽوڊيو لا هڪ اڌ وڊيو ايڊيٽ ڪيو آهي پر يو ٽيوب تي اپ لوڊ ٿيڻ کان اصل نابري واري ويٺو آهي، يوٽيوب کان علاوه ٻيو ڪو اهڙو نيٽ ورڪ هُجي ته اُن جو ڏس پتو ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش جا چند وڊيو سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊي سگهان