سڀني سنڌي دوستن کي جنهن کي سنڌ امڙ سان پيار آهي انهن کي اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ سلامت فورم جوائن ڪن ۽ هن سنڌي فورم کي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ هن فورم جي ذريعي سنڌي ٻولي کي متعارف ڪرايو۔ ۽ منهنجي دل جي گهراين سان سنڌي ڀائرن کي دلي گذارش آهي ته هن فورم کي جوائن ڪري پنهنجي سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏيندا اميد ته هن ننڍڙي گذارش تي ٿورو غور ڪندا۔ سنڌي ٻولي دعا ۾ ياد عاشق سولنگي
جواب: پوري دنيا جا سنڌي ساٿيو۔ تمام سٺي ڳالهه آهي ادا عاشق۔۔۔ واقعي هينئر به سنڌ سلامت تي ڪيترائي ميمبر آهن پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڃان به سنڌ سلامت جي پيغام کي سنڌ جي وسندي وسندي تائين عام ڪجي۔ سنڌ جي ڀلي لاءِ، ٻوليءَ جي ترويج لاءِ گڏجي سوچجي۔۔۔ ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سلامت جي پيغام کي اڃان به ٻين دوستن تائين عام ڪجي، مهرباني
جواب: پوري دنيا جا سنڌي ساٿيو۔ ها ادا مست اسان جي اها ڪوشش آهي ته هن فورم تي سڄي دنيا جا سنڌي ساٿي اچن۔ اُهو ڏينهن پري نه آهي۔ ڪجھ دوستن جو چوڻ آهي ته فورم ۾ ڪابه ڳالھ سمجهم نه ٿي اچي۔ پر الله خير ڪندو پاڻ ان جي مدد ڪبي۔انشاالله اسان جي فورم تي سڄي دنيا جا سنڌي ايندا۔ اسان جي ڪوشش جاري آهي۔