• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو،
بچيو ڪونه آهي، سڄڻ هن چمن جو۔

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا، ڏٺا سنڌ ڌرتي۔
ڇا اچڻو نه آهي، پهر ڪو سُکن جو۔

هي خودغرض پنهنجا، هي ظالم پراوا،
لٽي پيو چمن کي، هي ٽولو مِرُن جو۔

وڃي باهه وڌندي، ٿي ظلم و ستم جي،
اچي ڪو مسيحا، کڻي گل امن جو۔

ويا سنڌ کائي، هي ماڪڙ ماڪوڙا،
الله واهي آهي، سنڌو جي ٻچن جو۔

هُو مظلوم کي ڏِس، پيا رولي روئارن،
ڪري ڪوڙ واعدو، لٽن ۽ اجهن جو۔

ڪنهن نازڪ بدن کي، حوس جي رهنڊ ڏئي،
کسيو نور آهه ڪنهن؟ پويتر گلن جو۔۔

پِيا سنڌ آهي، پرين سنڌ آهي،
آهي مست شاعر، سنڌوءَ جي ڏکن جو۔

اسد علي ”مست“ ميرجت
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

واه ادا واه ادا اسد تون ته هڻ کڻ شاعر لڳو پيو آهين تمام بهترين جذبن جو اظهار آهي. الله توهان کي اڃا وڌيڪ ڏات ڏئي جو اوهان ان فن ۾ اڳتي نڪري اچو.
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

واھ واھ ادا سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار او يار۔
ادا اوهان جي شاعري به اوهان وانگر مست ٿي ڪري ڇڏي۔
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

واه ادا واه ادا اسد تون ته هڻ کڻ شاعر لڳو پيو آهين تمام بهترين جذبن جو اظهار آهي. الله توهان کي اڃا وڌيڪ ڏات ڏئي جو اوهان ان فن ۾ اڳتي نڪري اچو.

سائين نيڪ تمنائون ڏيڻ جي مهرباني۔۔


واھ واھ ادا سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار او يار۔
ادا اوهان جي شاعري به اوهان وانگر مست ٿي ڪري ڇڏي۔

مهرباني مٺا عاشق
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو،
بچيو ڪونه آهي، سڄڻ هن چمن جو۔

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا، ڏٺا سنڌ ڌرتي۔
ڇا اچڻو نه آهي، پهر ڪو سُکن جو۔

هي خودغرض پنهنجا، هي ظالم پراوا،
لٽي پيو چمن کي، هي ٽولو مِرُن جو۔

وڃي باهه وڌندي، ٿي ظلم و ستم جي،
اچي ڪو مسيحا، کڻي گل امن جو۔

ويا سنڌ کائي، هي ماڪڙ ماڪوڙا،
الله واهي آهي، سنڌو جي ٻچن جو۔

هُو مظلوم کي ڏِس، پيا رولي روئارن،
ڪري ڪوڙ واعدو، لٽن ۽ اجهن جو۔

ڪنهن نازڪ بدن کي، حوس جي رهنڊ ڏئي،
کسيو نور آهه ڪنهن؟ پويتر گلن جو۔۔

پِيا سنڌ آهي، پرين سنڌ آهي،
آهي مست شاعر، سنڌوءَ جي ڏکن جو۔

اسد علي ”مست“ ميرجت

واه ڀا اسد صفا لڪل هئين ۽ هاڻي لڳي ٿو اوهان جي ڏات چشمي وانگر زمين چيري ٻاهر نڪتي آهي۔ اوهان پنهنجي جذبات جو اظهار سنڌ کي ڳائي پيا ظاهر ڪيو۔ اوهان جون اهي سدائون ناڪام نه ٿينديون ۽ انشاء الله ستلن کي جاڳائينديون۔
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

اڄ جڏهن پنهنجي ڊائري ۽ قلم کڻي ڏات جي ديوي کي واسطا وجهي رهيو هُئس ته ڏات جي ديوي مونکي مُبارڪون ڏيندي چيو ته جهونا، اڄڪلهه توهان وارو مست منهنجي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويو آهي ڏينهن هُجي يا رات هُجي رڳون لائنون هڻي پيو، ڪيڏي مهل اکيون به ڀڃي پيو، سو مجبوري آهي مست کان جُدا ٿي نٿي سگهان، هونئن به مست نوجوان آهي، ان ڪري آئون مست کي ڇڏي نٿي سگهان، جهونا في الحال تون رلي ڪُلهي تي رکي سمهي پئو آئون ۽ مست هڪڙي ڳالهه آهيون۔ وري جڏهن سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي پير ڀريم ته اسد مست جي هن غزل تي نظر پئي ، ڏاڍو خوش ٿيس، اسد جي هن غزل ۾ سوا چند هڪ بند جي باقي وزن به پورو آهي، ڪوشش ڪبي ته اهو جهول به ڪڍي وٺبو پر جيئن ته اسد مست نيون نيون لانئون ڏات جي ديوي سان لڌيون آهن ان ڪري وزن بحر واري چڪر ۾ ڪونه ٿا وجهون اسد کي، باقي اسد مست جا هن شاعري ۾ خيال پُختا، موجوده حالات جي ڀرپور عڪاسي، هن غزل ۾ رواني، رڌم، به تمام سُهڻي نموني ادا مست سمايو آهي۔ جڏهن غزل جي هڪ بند ۾ اسد مست اٽي لٽي اجهي جي ڳالهه ڪئي ته ڇرڪي پيس، ته هلندڙ زماني روان کي به اسد تمام خوبصورتي سان هن غزل ۾ شامل حال ڪيو آهي، اسد کي سندس هن خوبصورت غزل لکڻ تي مان دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو ۽ کيس دُعا ٿو ڪريان ته مست قدم وڌائي شاعري نوپرابلم، اهو ڏينهن پري ڪونهي جو اسد جو شمار به سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کان علاوه سنڌ جي تمام خوبصورت ۽ پهرين جوڙ وارن واري شاعرن ۾ ٿيندو۔
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔


هي خودغرض پنهنجا، هي ظالم پراوا،
لٽي پيو چمن کي، هي ٽولو مِرُن جو۔

وڃي باهه وڌندي، ٿي ظلم و ستم جي،
اچي ڪو مسيحا، کڻي گل امن جو۔

ويا سنڌ کائي، هي ماڪڙ ماڪوڙا،
الله واهي آهي، سنڌو جي ٻچن جو۔

پِيا سنڌ آهي، پرين سنڌ آهي،
آهي مست شاعر، سنڌوءَ جي ڏکن جو۔

واه دوست ڇا ته منظر ڪشي ڪئي آهي توهان پنهنجي خوبصورت لفظن جي ميلاپ سان ۔۔۔ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ماروئڙن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جي ۔۔۔ انهي آواز کي رڪڻ نه ڏجو متان ڪنهن پنهنجي يا پرائي کي ڪو شرم، لڄ ۽ حياء اچي ۔۔۔۔
 
جواب: قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو۔

ماشا‌الله ادا اسد بهترين لفظن جو ميلاپ ۽ سنڌ سان ناجائزن کي گهٽ لفظن ۾ پڌرو ڪيو آهي
ادا مست توهان جي لڪل ڏات موهي وڌو آهي۔ اسان جهڙن سيکڙاٽ شاعرن کي اوهان مان گهڻو ڪجهه
سکڻ جي لا۽ ملندو۔۔۔
بهترين =d>
 
Back
Top