ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    ايران ۾ ايٽمي پاور پلانٽ کي هڪ اهڙي ڪمپيوٽر وائرس نشانو بڻايو آهي، جنهن جي ڪري وڏا وڏا ماهر به پريشان ٿي ويا آهن. Stuxnet worm جي نالي سان پيدا ٿيل اهو وائرس ايشيا کان ٿيندو يورپ ۽ آمريڪا جي ڪمپيوٽرن تائين پهچي ويو آهي. هن وائرس سان سڄي دنيا جي ايٽمي ۽ صنعتي بجلي جي تنصيبات لاءِ خطرا پيدا ٿي پيا آهن. ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر وائرس جو نشانو بڻيل بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جو نظام محفوظ آهي پر جيڪي ماڻهو سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اهي ايترا مطمئن ۽ پرسڪون نه آهن، انهن کي احساس آهي ته هن ڪمپيوٽر وائرس سان ڪيترن ئي نون خطرن جونِ راهون کلي ويون آهن جن بابت هيل تائين فقط اندازا ئي لڳايا ويندا هئا. ايران جي سائبر ڊفينس ايجنسي جي صدر ۽ باني سميع سيدجاري جو چوڻ آهي ته هن هاڃيڪار سافٽ ويئر يا وائرس جي تياري مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي صنعتي تنصيبات کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا ۽ اهي ائين ڪري به سگهن ٿا. هاڻي انهن صنعتي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جون حياتيون ۽ سڄي نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اها هڪ وڏي تبديلي آهي. ماهرن موجب ڪمپيوٽر وائرس Stuxnet کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو هي سڄي سسٽم کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. خاص طور تي اهو جرمني جي ڪمپني ”سمنز“ جي ڊزائين ڪيل SCADA سسٽم جيڪو سپروائيزري ڪنٽرول ۽ ڊيٽا حاصل ڪرڻ جو نظام آهي، ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. پلانٽ جي سسٽم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اهو وائرس سڄي ڊيٽا يا سڄو نظام چوري ڪري وٺي ٿو. ايراني سائبر ڊفينس ايجنسي جو صدر سميع سيدجاري ٻڌائي ٿو ته بجلي گهرن لاءِ جيڪي به خطرا پيدا ٿيا آهن اها ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي پر اهي خطرا رڳو ايٽمي يا بجلي جي پلانٽن تائين محدود نه آهن. هن چيو ته ڪو به صنعتي ڪنٽرول سسٽم جهڙوڪ، ڪيميڪل وارا پلانٽ خطري ۾ آهن. اهڙين ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته ڪمپيوٽر وائرس ذريعي ڪنهن ڪيميڪل پراسيسنگ يا ڪيميڪل پروڊڪشن پلانٽ ۾ به تباهي پکيڙي سگهجي ٿي ۽ ڀوپال جهڙيون حالتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، ڌماڪا ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ انساني جانين جو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته اڃا تائين هن وائرس مان سڀ کان وڌيڪ تباهي ايران ۾ ٿي آهي. اينٽي وائرس ڪمپني Symantec جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران ۾ 60000 کان وڌيڪ ڪمپيوٽر هن وائرس سبب متاثر ٿيا آهن، اهي حملا ايترا ته شدت وارا ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان پيچيده هئا جو ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ان جي پٺيان ڪنهن ملڪ جو هٿ ٿي سگهي ٿو. سائبر سيڪيورٽي اينڊ ٽيڪنالاجي جا تجزيي نگار چون ٿا ته ان بابت ڪو فيصلو ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو. انٽرنيٽ سيڪيورٽي جي اداري جي عملدار رينڊي ابرامز نئين وائرس Stuxnet تي تحقيق ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته اهو حملو ٽيڪنيڪي لحاظ کان جيترو پيچيده آهي، ان مان اهو خدشو پيدا ٿئي ٿو ته ان ۾ ڪو ملڪ ملوث ٿي سگهي ٿو پر ائين هجڻ ضروري به ناهي. رينڊي ابرامز موجب اها بهترين مهارتون رکندڙ ماڻهن جي هڪ گروهه جي حرڪت ٿي سگهي ٿي، جيڪو اعليٰ مهارتون رکندڙ هجي ۽ جيڪو هڪ يا وڌيڪ ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪندو هجي ۽ حقيقت ۾ اهو ٻڌائڻ چاهيندا هجن ته SCADA جو سسٽم غير محفوظ آهي، جنهن تي حملو ڪرڻ آسان آهي. ٻئي طرف پرڏيهي لاڳاپن واري ڪائونسل جي عملدار ايڊم سيگال جو چوڻ آهي ته هن مرحلي تي وائرس جي حملي بابت ڪيترائي سوال پيدا ٿيا آهن، اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هن حملي جو اصل ٽارگيٽ ڪهڙو هو؟. في الحال ته ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته هن حملي جو اصل هدف ايران جون ايٽمي تنصيبات هيون، پر امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن اندر خبر پوي ته ان جو اصل مقصد پاڪستان، ڀارت يا انڊونيشيا جي صنعتي نظام کي نشانو بڻائڻ هو، جتي اهو وائرس ڦهلجي رهيو آهي. اسان مان ڪنهن کي به اصل ڳالهه جي خبر ناهي. هيل تائين جنهن نقطي تي سڀ متفق آهن، سو اهو آهي ته Stuxnet مان انهن ماڻهن کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي جيڪي صنعتي ڪنٽرول سسٽم هلائين ٿا ۽ سڄي دنيا جي ملڪن جي حڪومت کي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان،.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    ادا انهيءَ‌ وائرس جي تياري ايتري ته زبردست طريقي سان ڪئي وئي آهي جو اها ڪنهن هڪ فرد جي ڪوشش نه ٿي لڳي، پر ان جي پٺيان هزارين ماڻهن جي پروگرامنگ ۽ مهارت شامل آهي۔۔۔ ايتري قدر طاقتور آهي اهو سافٽ ويئر جو ڪمپيوٽر جي ذريعي هلندڙ ڪنهن فيڪٽري جي بوائلر کي تباهه ڪرڻ‌ ته ان جو ننڍي ۾ ننڍو ڪم آهي۔۔ ماهرن جو خيال آهي ته هن وائرس جي ذريعي آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ايران کي تباهه ڪرڻ‌جي سازش رٿي آهي ۽ هي انهيءَ‌سائبر وار جي پهرين ڪڙي آهي۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    وڃڙي رب پناھ ڏي منهنجي ڪمپيوٽر کي
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    جي ادا بلڪل ................وڏو خطرناڪ آَهي.
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    ادا بس رڳو تنهنجي ڪمپيوٽر کي.
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    نه ادا اوهان جي ڪمپيوٽر کي به
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    ها هاڻي صحيع آهي.
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    ادا الله پناه ڏيندو رشيد ۽ مون جي ليپ ٽاپ کي

    سدائين گڏ
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽر جي، نئين طاقتور، وائرس ماڻهن، کي منجهائي، ڇڏيو،

    ها سائين...........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو