آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي ڪيترائي ماڻهو ڪاروباري تعلق قرار ڏين ٿا پر پاڪستاني نوجوانن لاءِ آمريڪي حڪومت جي تعليمي پروگرامن جي ڄمار لڳ ڀڳ اوتري ئي آهي، جيتري پاڪستان جي پنهنجي تاريخ آهي. آمريڪا ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ڏي وٺ جي شعبي جي مددگار وزير الينا رومانووسڪي جو چوڻ آهي ته 1950ع ۾ پاڪستاني نوجوانن لاءِ شروع ٿيل هن تعليمي ۽ ثقافتي پروگرام ذريعي گذريل 60 سالن ۾ 2400 پاڪستانين آمريڪا مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، گذريل پنجن سالن ۾ هن پروگرام تحت 947، جڏهن ته هلندڙ سال 380 پاڪستاني آمريڪي يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيا آهن. 947 پاڪستانين مان گذريل 5 سالن ۾ آمريڪا پڙهڻ آيل پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ 42 سيڪڙو انگ عورتن جو آهي، جڏهن ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاڪستان جي 74 شهرن مان شاگرد آمريڪا آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. الينا رومانو وسڪي ٻڌائي ٿي ته اسان وٽ هميشه وڌيڪ اميدوار هوندا آهن ۽ اسان هن پروگرام جي پاڪستان ۾ ڪاميابي جو اندازو ڪيترن ئي طريقن سان لڳائيندا آهيون، جهڙوڪ پاڪستان ۾ ڪيترائي اهم اڳواڻ فل برائٽ پروگرام تحت آمريڪا مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ پاڪستان جي يونيورسٽين جا 9 وائيس چانسلر پڻ فل برائيٽر رهي چڪا آهن. هن چيو ته فل برائيٽ پروگرام جو عملو پنهنجي شاگردن سان بعد ۾ به رابطو رکندو آهي ۽ ان ڳالهه تي نظر رکي ويندي آهي ته اهي شاگرد پنهنجي ملڪ ۽ ادارن ۾ وڃي ڪهڙيون خدمتون انجام ڏين ٿا. الينا رومانووسڪي جو چوڻ آهي ته اهو ٻطرفن مفادن تي ٻڌل هڪ پروگرام آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته ٻنهي ملڪن جا شاگرد پنهنجي پنهنجي ملڪ اندر پيش ايندڙ معاملن، دنيا ۽ خطي جي ٻطرفن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نوان رستا ڳولين. آمريڪا ۾ هڪ ٻئي تعليمي پروگرام “نيسا” يعني نيئر ايسٽ اينڊ سائوٿ ايشيا ايڪسچينج پروگرام تحت پهتل پاڪستاني نوجوانن جو چوڻ آهي ته کين آمريڪا ۾ پنهنجي تعليمي قابليت وڌائڻ سان گڏوگڏ اخبارن جي سنسني کان هٽي ڪري آمريڪا کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. جنهن بابت پاڪستان ۾ گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻين. هڪ ٻي پاڪستاني شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته هوءَ آمريڪا مان پاڪستان جو هڪ تمام مثبت تاثر کڻي واپس وڃي رهي آهي. آمريڪا جي تعليمي نظام ۾ عملي تعليم تي وڌيڪ زور آهي، جيڪو شاگردن کي عملي زندگي ۾ تمام گهڻو ڪم اچي ٿو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماهر پاڪستان کي هڪ پيچيده ملڪ قرار ڏيئي رهيا آهن، آمريڪا جي بروڪنگز انسٽيٽيوشن جو دفاعي تجزئي نگار بروس رائيڊل چوي ٿو ته تعليم پاڪستان کي مسئلن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ وڏي حڪمت عملي جو حصو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ گورننس ۽ تعليمي شعبن کي بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ انفرا اسٽرڪچر ۾ به بهتري آڻڻ شامل هجي. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته آمريڪا پاڪستان کي ٺيڪ نٿو ڪري سگهي، فقط پاڪقستاني ئي پاڪستان کي ٺيڪ ڪري سگهن ٿا. روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.