مهان راڳي استاد محمد ابراهيم جي ياد ۾ . ڪمال ڄامڙو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تمام ٿورڙا سنڌي فنڪار آهن جن سنڌي موسيقيءَ ۾ نواڻ پيدا ڪئي ۽ ان کي هڪ نئون انداز ڏنو انهن ۾ استاد منظور علي خان، ماسٽر ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جا نالا مٿانهان آهن. انهن فنڪارن خاص ڪري حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام ڳائڻ ۾ جدت پيدا ڪئي. انهن کان اڳ ڳائڻا جڏهن شاهه سائين کي ڳائيندا هئا ته سندس وائي جي شروع يا وچ ۾ ٻين شاعرن جي بيت ۽ ڏوهيڙا ڏيندا هئا. انهن ڳائڻن اهو رواج وڌو ته جيڪڏهن شاهه سائين جي وائي ڳائجي ته بيت به ان وائي جي داستان يا سُر مان ڏنا ويندا. ماسٽر محمد ابراهيم کان پهريان جيڪو لوڪ موسيقي جو ڪافي ڪلام يڪتاري ۽ کڙتال تي ڳايو ويندو هو ان ۾ به سرتار جي حساب سان ڪا ترتيب نه هوندي هئي. ماسٽر صاحب ڪافي ڪلام ۾ هڪ انداز ۽ ترتيب رائج ڪئي. هو هتان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي سنڌي ثقافتي انداز ۾ ترتيب سان ڳائيندو ۽ ڪمپوز ڪندو هو. جڏهن ته سنڌي گيت ۽ غزل کي بلڪل جديد رنگ ۾ ڳائيندو هو. ماسٽر صاحب جي زندگي جي ڪهاڻي به هڪ دلچسپ قصو آهي. هن کي ننڍ پڻ کان ئي ڳائڻ سان عشق هو. ان عشق جي ڪري سندس مڱڻو ٽٽي ويو. سندس مڱيندي سلما سندس چاچي ابراهيم جي ڌي هئي جيڪو پوليس ۾ صوبيدار هو. جڏهن ته ٻه چاچا وڪيل هئس. پيءُ احمد ڪڇي ٽونا هاربر ريلوي اسٽيشن جو اسٽيشن ماسٽر هو. مطلب ته پڙهيل ڳڙهيل ڪٽنب ۾ محمد ابراهيم اکيون کوليون. سندس خاندان ۾ راڳ ڳائڻ عيب سمجهيو ويندو هو. تنهن ڪري کيس اهو چئي سندس مڱڻو ٽوڙيو ويو ته اسان ڪنهن ڳائڻي کي پنهنجي نياڻي نه ڏينداسين. تنهن هوندي به محمد ابراهيم دل نه لاٿي ۽ راڳ جاري رکيائين. ماسٽر محمد ابراهيم 1920ع ڌاري هندستان ۾ ڪڇ جي راڄڌاني ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا ۾ ڄائو. سندس خاندان ملڪ اردن مان اچي هتي آباد ٿيو هو، جنهن ڪري هو پاڻ کي عارب ۽ عرب به چورائيندا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم کي پرائمري اسڪول کان راڳ سان دلچسپي پيدا ٿي. هو اسيمبلي ۾ پڙجهندڙ پرارٿا (دعا) جي اڳواڻي ڪندو هو. هوريان هوريان سندس پڙهڻ تان دل کڄي وئي. جنهن ڪري سندس والد کيس پنهنجي هڪ دوست رگهو جي ٺاڪر وٽ مڪينڪ جي ڪم سيکارڻ لاءِ موڪليو اتي به هن جي دل نه لڳي رڳو جهونگاريندو وتندو هو. هو تڏهن گجراتيءَ ۾ جهونگاريندو هو ۽ ڳائيندو هو. جڏهن رگهوجي ءَ جي ڌيءُ شيلا کي محمد ابراهيم جي ڳائڻ جي خبر پئي ته هن کيس ممبئي جي موسيقي جي ڪاليج گانڌرو سنگيت مهاوي ديالا جي پرنسپال ۽ نالي واري ڳائڻي ۽ موسيقار پروفيسر نارائڻ راءِ وياس سان ملايو. ائين سندس پهريون استاد پروفيسر نارائڻ آهي. اتان کان پوءِ ماسٽر صاحب احمد آباد ۾ هڪ ڪپڙي جي مل ۾ ملازمت ڪئي ۽ ڌر لال نالي هڪ گويي جو باقاعدي شاگرد بڻيو. ماسٽر ابراهيم جو پيءُ 1946ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ماسٽر صاحب ڪراچي جو رخ ڪيو. سندس پيءُ جي مرڻ کان پوءِ مائٽن هن کان صفا منهن موڙي ڇڏيو. اڪيلائپ جي ڪري هو ڪراچي آيو. هتي سندس گهرواري جا مائٽ هئا جن جي سهاري هو هتي آيو. ڪراچي ۾ انجنيئرنگ ورڪس ڪيامياڙي ۾ هن کي مڪينڪ جي حيثيت ۾ نوڪري ملي. جتي سامونڊي جهازن جي مرمت جو ڪم ٿيندو هو.هتي به هوڳائڻ ۾ مست رهندو هو. جنهن ڪري هڪ ڀيري جهاز جي انجڻ جا بيئرنگ سڙي ويا ۽ ٻئي دفعي پوري مشين سڙي وئي. جنهن کان پوءِ کيس نوڪري مان ڪڍيو ويو. محمد ابراهيم جڏهن ڪراچي آيو ته هتي پنهنجي مادري ٻوليءَ ڪڇيءَ ۾ ئي ڳائيندو هو.هتي ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي آباد ڳوٺن ۾ سنڌي ڳالهائي ويندي هئي ۽ آهي. تنهن ڪري هن کي سنڌي سکڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي پهريان ته هو ٻين فنڪارن کان غور سان سنڌي ڪلام ٻڌڻ لڳو پوءِ وري ڪجهه ڪلام ياد ڪيائين. هاڻي هو اهي ڪلام ڳائي ته ويندو هو پر کيس معنيٰ نه ايندي هئي. تنهن هوندي به سندس سريلي آواز ڪري کيس تمام گهڻو داد ملڻ لڳو. اهڙي ريت محمد ابراهيم جي سنڌي زبان ۽ راڳ سان محبت وڌندي وئي ۽ سنڌي سکي ورتائين. هاڻي هو سنڌي، اردو، ڪڇي ۽ گجراتيءَ ۾ ڳائڻ لڳو. 1948ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ٺهيو ته ماسٽر صاحب ريڊيي سان لاڳاپجي ويو. هن ريڊيو تي اردو ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو ڪراچي ريڊيي جي بنيادي ڳائڻن منجهان آهي. اردو کانسواءِ سنڌي ۾ به ڳايائين. جڏهن 1955 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو ته ماسٽر صاحب کي هڪ ڪمپوزر جي حيثيت ۾ اوڏانهن بدلي ڪيو ويو. ريڊيي حيدرآباد تان جنهن فنڪار جو پهريون ڀيرو آواز نشر ٿيو اهو ماسٽر ابراهيم جو آواز هو. ريڊيي ڪراچي تي ماسٽر صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان جو قومي ترانو سڀ کان اڳ ۾ ڪراچي ۾ رڪارڊ ٿيو براڊ ڪاسٽنگ جو ابو زيڊ اي بخاري ان جو نگران. ان جو ٽريڪ انگلينڊ مان ٺهيو. جنهن جو شاعر ابوالائر حفيظ جالنڌري هو ۽ ڌن احمد چاڳلائي بڻائي. ان جي رڪارڊنگ اي ايم آءِ جي اسٽوڊيو ۾ ٿي. قومي تراني ۾ ماسٽر محمد ابراهيم جو آواز به شامل آهي. ماسٽر محمد ابراهيم هزارن جي تعداد ۾ نغما ڳايا ۽ ڪمپوز ڪيا. هن جي ٻولين ۾ ڳايو انهن ۾ اردو، سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو، سرائڪي، گجراتي ۽ ڪڇي شامل آهن. هن شاعري جي هر صنف جهڙوڪ: حمد، نعت، منقبت، مرثيو، ڪافي،وائي، گيت، غزل، نظم وغيره ڳايا آهن. وطن جا نغما ٻارڙن لاءِ گيت لوڪ گيت، لوڪ داستان ۽ فلمي نغما به ڳايائين، صوفي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين جي شاعري ڳايائين. جن سنڌي فلمن جا نغما ڳايا اٿائين انهن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين سنڌي فلم عمر مارئي جا نغما ڳائي هو پهريون سنڌي فلمي نغمن ڳائڻ وارو فنڪار بڻجي ويو. هن ريڊيي، ٽي وي گرامو فون ۽ ڪيسيٽ جي دنيا ۾ به پاڻ مڃايو. ٽي وي تي ڪمپوزر جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين جيڪي فنڪار کائنس ڳائڻ سکيا، انهن ۾ روبينا قريشي، سشيلا مهتاڻي، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، بي اي غزاله، فقير امير بخش، زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم وغيره شامل آهن. هن سڀ کان وڌيڪ شاهه سائين کي ڳايو، شاهه جي ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم کيس ريڊيي پاڪستان جو ناميارو براڊ ڪاسٽر، انائونسر عبداللطيف عباسي سمجهائيندو هو. ان ڪري ماسٽر صاحب، عباسي صاحب کي پنهنجو استاد مڃيندو هو. جڏهن ابراهيم شاهه جي ڪلام کي سمجهيو ته ان کي وڌيڪ ياد به ڪيائين. ماسٽر محمد ابراهيم جو سڀ کان پهريان جيڪو ڪلام مقبول ٿيو ۽ سڃاڻپ بڻيو سو به شاهه سائين جو ڪلام ”ايندو سڄڻ سائين، الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين“ آهي. http://www.youtube.com/watch?v=aKdUnoWtlEY http://www.youtube.com/watch?v=njfYeFTxZRA&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=oTH3r0dgYMI http://www.youtube.com/watch?v=acQzStIH7yc&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=fL_CkDgjufE http://www.youtube.com/watch?v=rvglx_97sNo&feature=related بشڪريه عوامي آواز