سنڌ سلامت جا ساٿي دوستو،
حق موجود؛
منهنجي طرفان به اوهان سڀني دوستن کي واڌايون هجن جو اسانجي محفل ۾ هزار دوستن جو اچي گڏ ٿيو آهي ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا ڀاڳ ڀلا جو سهڻا ۽ ڪانڀو دوست اڱڻ تي آيا جن پيار ۽ خلوص سان ٽمٽار ڳالهين سان سڀني جو من موهيو آهي ۔۔۔
هن اوطاق جي ٻن يا ٽن دوستن اوطاق جو دروازو کولي، اوطاق مٿان لکي ڇڏيو هو ” سنڌ سلامت ساٿ سلامت“ ان نعري يا ڳالهه ايترو ته من ماندو ڪيو جو اڄ به هٿ مٿي آهن ته سنڌي سڀ ساٿي ٿين ۽ سلامتيءَ جو سفر شروع ٿئي ۔۔۔۔
هن اوطاق جي دوستن اهو به ثابت ڪيو آهي ته اسين هڪ آهيون، سنڌي آهيون، مذهبي نفرتن ۽ وفاقي صوبائي سوچ ۾ ڦاٿل قوم جي دوستن کي سنڌ سلامت تي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي کٽين مٺين ڳالهين کي پاڻ ۾ سمائيندي اڳتي وڌڻ به وڏي دل ۽ جگر جو ڪم آهي ۔۔۔۔
سنڌي سماج ۾ موجود بيماريون جيتوڻيڪ سنڌ جي هر اداري تي اثر انداز ٿي ادارن جو خانو خراب ڪري ڇڏين ٿيون ۽ اهي ادارا ڍڳو پير پيران کان به هيٺ ڪري پون ٿا ۔۔۔۔ پر سنڌ سلامت ۽ ان جا دوست اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته هنن قومي سجاڳيءَ جو جهنڊو کنيو آهي، ان جهنڊي کي نه ته مذهبي منافرت ختم ڪندي نه وري دنيا جو ڪو ٻيو نالو ۔۔۔۔
شاباس دوستوٰ! منهنجو اوهانکي سلام آهي، ”کس ڪم جهان پاڪ “ مطلب ته جيتري به برائي ختم ڪري سگهو ته ڪريو جو اهو اوهان تي ديني ۽ سماجي فرض آهي، سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪريو، قبلو درست ڪريو ۽ سنڌ جي جوڳين جيئان منزل ڳولهي لهو ۔۔۔
اوهان ۽ صرف اوهان ئي سنڌ کي بچائي سگهو ٿا، اوهان ئي سنڌ جا سورما آهيو، اوهان ئي سنڌ جا سهڻا انسان آهيو ۔۔۔۔ اوهانجي ڪلهن تي سنڌ ۽ سنڌيت جو هڪ سهڻو فرض آهي، اچو ته گڏجي سڏجي منزل ماڻيون ۔۔۔
سٺو دوست هڪ هجي پر جي هزار هجن ته خوشنصيبي چئبي ۔۔۔
ادا مون جي طرفان به سنڌ سلامت فورم جي سڀني ميمبرن ايڊمن ۽ انتظاميه کي 1000 ميمبرس هجڻ تي مبارڪو ن هجن
سائين نثار ابڙو صاحب چواڻي ته 4 ڪروڙ جي آبادي ۾ هڪ هزار ڪا اهميت ڪا نه ٿو رکي پر تمام ٿوري عرصي ۾ هڪ هزار ميمبرس هجن ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڳالهه ناهي ۽ اهو وقت به دور ناهي جو هتي هزار نه پر هزارين ميمبرس هوندا ۽ هڪ عام رڪن هتان جو ميمبر ٿئي ڪري پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب سمجهندو
سنڌ سلامت جي ميمبرن ، انتظاميه ۽ سڀني وزيٽرن کي ان خوشي جي موقعي تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي جو اسان جي هن فورم تي معزز ميمبرن جو تعداد 1000 کي پهچي ويوآهي. هي حقيقت ۾ خوشي جي ڳالهه آهي جوانٽر نيٽ تي هن وقت تائين سنڌي ٻوليء ۾ ڪنهن به فورم ايتري ترقي نه ڪئي آهي جيتري سنڌ سلامت کي نصيب ٿي آهي ان ۾ سڀني ساٿين جو ساٿ رهيو آهي انهن سڀني دوستن ڀائرن پيارن کي مبارڪ هجي ۽ سندن شڪريو ادا ڪجي ٿو جن هن فورم جي ترقي ۾ هٿ ونڊايو آهي هي فورم فقط سنڌي ماروئڙن کي انٽرنيٽ ذريعي دنيا ۾ پنهنجي قوميت کي زنده رکڻ جو ثبوت ڏيڻ لاء بنايو ويو آهي ته اسان سنڌي به هڪ زنده قوم آهيون ۽ هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ ٻين قومن کان گھٽ نه آهيون جيئن ٻين قومن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ترقي ڪري پنهنجي زبان کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ۾ متعارف ڪرايو آهي تيئن اسان سنڌي قوم به پنهنجي مٺڙي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي زبان بنائي ڪمپيوٽر مان مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا اگر سنگت جو اهڙو ساٿ رهيو ته انشآء الله اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊو کان وٺي هر سافٽويئر پنهنجي ٻولي ۾ هلائينداسون. سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سڀني دوستن کي پنهنجي سٿ ۾ 1000 ساٿين جي شامل ٿيڻ تي مبارڪ ۔
هڪ سال اڳ جڏهن نثار ابڙو صاحب پاڪستان آيو هئو ته مونکي دعوت ڏني هئائين ته سنڌ سلامت جو سنڌي فورم نيٽ تي آيو آهي اوهان به ان جا ميمبر ٿيو۔ تڏهن مان سنڌي ٽائيپنگ کان بلڪل واقف نه هيس ۽ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪرڻ به گهڻو ڪونه ڄاڻيندو هئس۔ پر مان سنڌ سلامت تي ميمبر ٿيس ۽ وري گم ٿي ويس۔
ان دوران مان سنڌي ٽائپنگ ۽ پاور پواننٽ ۾ ڊزائن به سکي ورتي هئي ۽ فيس بوڪ تي دوستن سان شيئر ڪندو هيس۔ هن سال آگسٽ ۾ مون نثار ابڙو کي فيس بوڪ تي دوستن ۾ شامل ڪيو ته هن منهنجي ڊزائين ۽ ڪم ڏسي وري زور ڀريو ته سنڌ سلامت تي اچان پوء مان کانئس پڇيو ته سنڌ سلامت تي ليک ڪيئن شامل ڪجي ۽ تصويرون ڪيئن شامل ڪجن۔ پاڻ رهبري ڪين ۽ مان ساڳي ئي ڏينهن سنڌ سلامت تي پهريون موضوع موڪليو مير علي نواز ناز تي۔
ان کانپوء هن عيد تي سنڌ سلامت جي هيرو ۽ روح روان ادا رشيد سمون سان نثار ابڙي صاحب جي گهر ملاقات ٿي ۽ هاڻي سنڌ سلامت سان مان پاڻ کي لازم ٿو سمجهان۔
سنڌ سلامت جي دوستن کان گهڻو سکيو آهي ۽ سنڌ سلامت جي مقبوليت وڌي رهي آهي۔ اڄ ميمبر 1000 ٿيا آهن اهي هاڻي وڌندا رهندا۔ يقينن خوشي سان گڏ ادا رشيد لاء پريشاني به وڌندي جو کيس سنڌ سلامت جي اسپيس ۽ بئينڊ وڊٿ ۽ هوسٽنگ کي به بهتر ڪرڻو پوندو۔