تعليمي ادارن جي مالڪي ڪير ڪندو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    تعليمي ادارن جي مالڪي ڪير ڪندو ​

    [​IMG]

    الهداد خان سيال

    قومن جي روشن مستقبل جو دارومدار انهن جي تعليم ۽ تربيت تي هوندو آهي. جنهن سان مهذب معاشرو جنم وٺي ٿو. جتي مذهب، سماجي سرگرميون، ادب ۽ اخلاقيات جي حوالي سان فردن جي ذهني نشؤ و نما ٿئي ٿي. جنهن قوم يا ملڪ ۾ مستقبل جي مامرن لاءِ تعليم کي هڪ بنيادي عنصر سمجهيو وڃي ٿو. اتي ارباب اختيار رکندڙ ڪامورا ۽ حڪمران ٺوس پاليسيون جوڙي بنا ڪنهن فرق، رنگ نسل ۽ مذهبي مت ڀيد کان بالا تر ٿي بغير ڪنهن لالچ جي صرف قوم جي خدمت ڪندا آهن پر هتي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خصوصاً سنڌ ۾ جتي تعليم کي بنيادي عنصر سمجهيو وڃي ٿو، اتي ئي تعليم سان راند پڻ ڪئي وڃي ٿي.
    استاد حضرات جون انهن سرڪاري ادارن ۾ گهٽ حاضريون، ٽيوشن سينٽر ڏانهن لاڙو وڌيڪ نظر اچي ٿو، ٻارن کي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي جي آخري سال تائين ٽيوشن جي ضرورت پوي ٿي. اسان جي معاشري ۾ اڪثر استادن جا پنهنجا ٽيوشن سينٽر آهن نه ته ٻيا وري ڪنهن نه ڪنهن ٽيوشن سينٽر سان وابسته آهن. هڪ استاد جنهن جو مان مرتبو ايترو ته مٿانهون آهي جنهن جو اندازو شايد ئي ڪير لڳائي سگهي.
    اهي ئي استاد پنهنجي شاگردن کي اها صلاح ڏين ٿا ته توهان هن ٽيوشن سينٽر تي داخلا وٺو جتي اوهان کي سٺي ۽ معياري تعليم ملندي ۽ اتي آءُ پاڻ توهان کي سٺي تياري ڪرائيندس جنهن ۾ توهان جون مارڪس ٻين شاگردن کان سٺيون اينديون پر شايد ان استاد کي اها ڄاڻ نه هوندي آهي ته هو پنهنجي ضمير سان بغاوت پيو ڪري. ڇو ته اسان جي معاشري ۾ غربت به هڪ وڏو موضي مرض آهي. استاد شاگردن کي ٽيوشن جي صلاح ته ڏيندو آهي پر اهو نه سوچيندو آهي ته ان ڪلاس ۾ ٽيوشن جا پئسا برداشت ڪرڻ وارا شاگرد ڪيترا آهن جيڪي ٽيوشن سينٽر تي داخلا وٺي سگهن ٿا،
    پر انهن غريب معصوم شاگردن جي دل مان ڪهڙي آهه نڪرندي هوندي ته سائين جنهن اداري مان پگهار پيو کڻي ان ۾ ته پڙهائي ئي نٿو مٿان وري هر شاگرد کي اها صلاح پيو ڏئي ته ٽيوشن سينٽر تي داخلا وٺو. اهڙن استادن صاحبان جي ڪري ئي اڄ سرڪاري درسگاهون ويران ۽ ٽيوشن سينٽر آباد نظر اچن ٿا.
    هر شهر جي هر پاڙي ۾ ڪو نه ڪو ٽيوشن سينٽر ضرور نظر ايندو، جتي قابل استاد کي سرڪاري نوڪري پڻ هوندي آهي پر هو سرڪاري اداري ۾ گهٽ ۽ ٽيوشن سينٽر کي وڌيڪ وقت ڏين ٿا. ماضي ۾ ته استاد جو هڪ وڏو مان مرتبو رهيو آهي. جنهن جي ڪپڙا پائڻ جو ڍنگ به منفرد هوندو هو جنهن ۾ استاد جو مٿو ڪڏهن به اگهاڙو نظر نه ايندو هو ۽ انهن جي گلي جا سڀ بٽڻ بند نظر ايندا هئا ۽ انهن جي پڙهائڻ جو ڍنگ اهڙو ته اثر انداز هوندو هو جو ڪنهن به شاگرد کي ٽيوشن جي ضرورت نه پوندي هئي. اهي استاد معاشري کي سنوارڻ جو عزم رکندي شاگردن کي تعليم سان گڏ سماجي براين کان پڻ پري رکڻ جي تربيت ڏيندا هئا ۽ ٽيوشن جي صلاح ته ٺهيو پر ان کي طعنو سمجهي ٽيوشن کان آر ڪندا هئا. ان استاد کي معاشري جو هڪ باشعور فرد طور پڻ سڃاتو ويندو هو. آڳاٽي زماني جا استاد وقت جا پابند ۽ پنهنجي فرض کي عبادت سمجهي سرانجام ڏيندا هئا ۽ پنهنجي نوڪري پوري ايمانداري سان ڪندا هئا، انهن ئي استادن جي فيض هيٺ سنڌ ۾ تعليم پرائيندڙ. علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءُ عمر بن محمد دائود پوٽو، شيخ اياز ۽ استاد بخاري وغيره آهن جن دنيا ۾ سنڌ جي درسگاهن جي اهميت کي نه صرف اجاگر ڪيو پر پوري دنيا ۾ سنڌ جو نالو پڻ روشن ڪيو.
    اڳئين زماني ۾ ٽيوشن جو ڪو تصور به ڪونه هوندو هو. هر ماڻهو جي ذهن ۾ صرف اهو ئي هوندو هو ته انهن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائي، ڊاڪٽر، انجينئر ٿيندا پر هاڻوڪي زماني ۾ انهن درسگاهن ۾ بلڪل ابتڙ سلسلو پيو هلي، جنهن ۾ اسان جا معزز استاد وقت تي اچڻ ته ڇا پر سڄو ڏينهن اسڪول جو منهن ئي نٿا ڏسن. اسان جي معاشري ۾ ته اسان جا حڪمران به ننڊ پيل آهن ۽ انهن جي ننڊ شايد ئي قيامت تائين پوري ٿي سگهي انهن استادن ۽ ٽيوشن سينٽرن تي ڪو خاص قدم کڻي ۽ انهن سرڪاري استادن کان اهو پڇاڻو ڪري سگهن ته سرڪاري اسڪول ويران ڇو ۽ ٽيوشن سينٽر آباد ڇو؟ /ڏسو صفحو .....4 اهي حڪمران پڇاڻو ڪن به ته ڇو! انهن حڪمرانن، ڪامورن ۽ سرمائيدارن جا ٻار ته خانگي ادارن ۽ سٺن ٽيوشن سينٽرن تي معياري تعليم حاصل ڪن ٿا پر انهن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته هن ئي معاشري ۾ انهن غريب هارين، گڏهه گاڏي وارن ۽ پٿر ڪٽڻ وارن جا ٻار به اسان جي معاشري جو حصو آهن. انهن جو به اوترو ئي حق آهي جيترو وڏن ماڻهن جي ٻارن جو آهي. هڪ گڏهه گاڏي وارو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سڄو ڏينهن مزدوري ڪري ٿو، هڪ پٿر ڪٽڻ وارو سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۾ پٿر ڪُٽي پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول تائين پهچائي ٿو جتي جا استاد سرڪاري اسڪولن کي ڇڏي ٽيوشن سينٽرن تي وڌيڪ ٽائيم ڏين ٿا. جتي هڪ وڏو ماڻهو، سرمائيدار ۽ ڪاموري جو خواب هوندو آهي ته اسان جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري ڪنهن سٺي مقام تي پهچن اتي ئي هڪ غريب پٽيوالي جي به دلي خواهش هوندي آهي ته اسان جا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي تعليم حاصل ڪري ڪنهن سٺي مقام تي پهچن. پر انهن غريب ماڻهن کان شايد اهو حق به کسيو ويو آهي، ته هو ڪي خواب به ڏسي سگهن، ڇو ته انهن کي اها خبر نه آهي ته هو ايتري محنت ۽ مزدوري ڪرڻ کان پوء پنهنجي ٻارن کي ترقي ڏانهن وڌڻ لاءِ گامزن پيا ڪن، يا انهن جي مستقبل کي خراب.
    انهن سرڪاري ادارن ۾ پڙهائي نه پر پڙهائي سان مذاق ڪيو پيو وڃي. ۽ اصلي تعليم ته خانگي اسڪولن ۽ ٽيوشن سينٽرن ۾ ملندي آهي. آخر انهن غريبن جي ٻارن جي مستقبل سان هٿ چراند ڪرڻ جو ذميوار ڪير؟ استاد يا حڪمران!*

    http://www.youtube.com/watch?v=KTqqZ84YBOE
    http://www.youtube.com/watch?v=t1XRhGJlOKk
    بشڪريه روشني فورم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو