اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ، جيئن ته اسد مست کي ٿوري ننڍ اچي وئي هُئي ڏينهن جو ان ڪري ڏات جي ديوي جنهن جا هن جهوني سان 25 سالن کان رابطا آهن سو اسد کي ننڍ ۾ ڇڏي لڙِي آهي مون وٽ پوءِ مونکي پنهنجو هڪ پُراڻو غزل ياد ڏياري وئي، جيڪو آئون ڀلجي چُڪو هُئس۔ ساڌي ڊيزائن آهن، ادا سليمان وساڻ ته بادشاهه آهي ڊيزائن جو ، اسان مڙئي جهڙي تهڙي ڊيزائن پاور پوائنٽ ۾ ٺاهي هتي ٺڪاءُ ڪندا آهيون۔ خير منهنجي هي شاعري توهان کي ڪيئن لڳي۔ پنهنجا واڌو ۽ ڪاٽو رايا ضرور ڏيندا۔ توهان جو دعاڳو
    نثاراحمد ناز

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    هميشه وانگر اوهان جي شاعري پختي ۽ معني خيز ۔ پهرين نمبر جي شاعر تي مون جهڙو ناچيز جنهن کي ادب ۽ شاعري جي الف ب جي به خبر ناهي ڪهڙا رمارڪس ڏيندو۔

    آڪاش جيان گَهري، مضبوط زمين جهڙي
    اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    اوهان پاڻ ئي پراڻا آهيو ، اهي ساڳيا ته پو اوهان جون ادائون ، اوهان جي ياري ، اوهان جي سڪ ، اوهان جي اڪير ، اوهان جي پنهنجائپ اها به ته ساڳي رهندي۔

    الله اوهان کي خوش رکي۔ دعائن ۾ ياد ڪجو
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين اوهان جي شاعري جي تعريف جيتري ڪجي اُها گهٽ آهي۔
    ڊزائين به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي متوالي شاعر “ناز“ جي شاعري پڙهي، پولارن ۾ گم ٿي ويس، ڪيترا ئي لفظ ۽ ڪيترائي جملا ايترا ته ڳوڙها آهن جو سمجهڻ لئه ساهه منجهائڻو ٿي پيو ۔۔۔
    ڀل خواب نوان پوکيو، هر هنڌ بغاوت جا،
    ســـــوراج گهـــــري سرڙا، تعبيـــــر پراڻــــي آ۔
    ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ائين لڳو ڄڻ اڄ به اسين سنڌ جي آزاديءَ واري راهه ۾ پنهنجا سر سنڀالي ويٺا آهيون ۔۔۔ جڏهن ته عاشقن جو ڪم ناهي سر سنڀالڻ ۔۔۔ ناز جي ان پيغام کي سمجهبو ته ڪات ڪهاڙا کڻي دشمن آڏو پنهنجا سر ڪپائڻا پوندا ۔۔۔ سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي ۔۔۔۔

    واه سائين ناز، اوهانجو پيغام انتهائي ڳوڙهو ۽ اسان جهڙن مت موڙهن کي شرمائيندڙ آهي ۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين نثار ناز! تمام زبردست غزل آهي۔۔۔
    مست جي ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪيو، شاعري جي باري ۾ اسان کي ڪا خاص خبر نه آهي، مڙئي جذبا لفظن جي صورت ۾ ذهن ۾ ايندا آهن ته پوءِ‌مڙئي قلم کڻي ڪاغذ ڪارا ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهيون۔
    توهان جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي، اسان کي فخر آهي ته اوهان جهڙو تاريخي، انقلابي شاعر سنڌ سلامت جو سرپرست اعلى آهي۔ توهان جي هر ونڊ مان سکڻ‌لاءِ‌گهڻو ڪجهه ملي ٿو، اوهان جي هي شاعري مون جهڙي سيکڙاٽ شاعرن لاءِ انيڪ خيال کڻي اچي ٿي۔۔۔
    هر بار سنڌي تو لئه، ٿو خُون ڇڪي کائي
    هنَ رتَ جي ٻنهيءَ وچ ۾ تاثير پراڻي آهه
    ۔۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    ادا سليمان وساڻ توهان منهنجي هن حقير ۽ ڪم تر شاعري کي پختي ۽ معنى خيز چئي هن شاعري کي نئين سڃاڻپ ڏني۔ ادا توهان جا رمارڪس منهنجي لاءِ مشعل راهه آهن۔
    شڪر جو توهان مونکي پراڻو چيو مطلب جهونو چيو ڏاڍي خوشي ٿي، لک لائق جو اسان جي ادائن اسان جي ياري، اسان جي سڪ ، اسان جي اڪير ۽ اسان جي پنهنجائپ جو توهان قدر ڪيو ۔
    توهان اسان کي پنهنجي بي لوث دعائن ۾ ياد رکيو، هي جهونو ٽي درجي وارو شاعر سدائين احسان مند رهندو۔ شال جُڙيا هجو پنهنجي پيارن سان آمين ثم آمين۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    ادا عاشق، سدائين خوشين سان پنهنجون جهوليون ڀريندا رهو۔ منهنجي ڪم تر شاعري ۽ منهنجي ڊيزائن توهان کي وڻي، پنهنجي پسنديدگي وارو رايو ڏنو۔ لک لائق ٿورا۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    پيارا نالي ڀائي نثار مونکي تو سنڌ جو متوالو شاعر ڪري ڪوٺيو، تمام گهڻي خوشي ٿِي، مونکي يقين آهي ته سنڌ جا متوالا ضرور پنهنجي خوابن ۽ انهن خوابن جي ساڀيائن ۾ آزاديءَ جا نڪور نوان چنڊ ۽ سورج پنهنجي اکين سان ڏسندا، سر ڏيڻ ته هڪڙي ڪامن ڳالهه آهي، ڌرتي لاءِ جي سر لُڻائي ڇڏبا ته اها سنڌ جي متوالن جي خوشنصيبي چئبي۔
    رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦُڙو ڦُڙو ٿِي وهِي وڃي
    منهنجو به مقدر ٺهي وڃي، تنهنجو به قرض لهي وڃي۔​

    لک لائق جو منهنجي هن ڪم تر شاعريءَ تي توهان پنهنجا انتهائي خوبصورت ويچار ونڊيا
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين ڪهڙي ڳالهه ڪجي اوهان جي شاعري جي

    هيمشه جيان بهترين شاعري ۽ ڊزائين آهي

    سائين وساڻ صاحب چواڻي ته مان شاعري جي الف به کان به ناواقف آهيان
    توهان جي شاعري تي ڪهڙا ريمارڪس ڏيان

    سدائين گڏ
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    يار فقير سائين ايئن وري ڪم ڪيئن هلندو۔۔ توهان کي ڪمينٽس ته ڏيڻا پوندا۔۔۔ هاڻي ته توهان کي شاعري جي الف ب کان واقف ٿيڻ‌گهرجي۔۔ سائين نثار ناز صاحب اسان مستن، درويشن، مولائين ۽ ادا سليمان کي شاعري جا گر سيکارڻ‌جي شروعات ڪري چڪا آهن، اچو توهان به ان سلسلي ۾ شموليت اختيار ڪيو۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    ادا اسد ڄامشورائي، شاعري جي باري ۾ ڪنهن کي ڪا خاص خبر ڪانه هوندي آهي، جڏهن بقول توهان جي جيڪو به شاعر قلم کڻي ڪاغذ ڪارا ڪندو آهي، پوءِ شاعر ته تو مست وانگر مستيءَ ۾ جهومندو ويندو آهي پر اها شاعري عوام الناس ٻُڌي، ان جي پيغام کي پنهنجي دل جو آواز سمجهندو آهي، اسان جي حقير شاعري توهان کي پنهنجو مَٽُ پاڻ لڳي، باقي ادا سنڌ ڌرتيءَ جو موجوده دور ۾ هرڪو سپوت ۽ سپوتياڻي انقلابي آهي، مان به انهن انقلابي ماڻهن جي پيرن جا خاڪ پاڻ کي تصور ٿو ڪريان، ان کان علاوه اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو توهان منهنجي شاعري مان ڪي ڪڻا حاصل ڪريو ٿا، پر سچي ڳالهه اها اٿئي ڀائو ته شاعري ڪڏهن به ڪنهنجي هڪ وقت جي ماني ثابت ٿي نه ٿي سگهي، ڪنهن بکئي ابهم ٻار جو پيٽ ڀري نٿي سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنجي بهترين رمارڪس تي توکي هي ٽي درجي وارو شاعر دعائون ٿو ڏي ته جڏهن به سوچين ته سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سوچين، جڏهن به تنهنجو قلم کڄي ته سنڌي ماڻهن لاءِ دک درد ختم ڪرڻ لاءِ کڄي۔ جڏهن به جهيڙو ڪرين درتي دشمنن سان جهيڙو ڪرين۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين توهان جهڙي صفِ اول جي شاعر جي هن دعا تي مان دل سان آمين چوان ٿو۔۔۔ شل هر سنڌي شاعر ۽ ليکڪ سنڌ امڙ جي درد تي لکي۔۔ سنڌ جي دردن کي زماني آڏو پڌرو ڪري۔۔
     
  14. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    نثار صاحب مونکي ته شاعري ڏاڍي وڻي۔ سنڌ سلامت تي تي ڏاڍا محبتي ماڻهون آهن، ڀاڪر ۾ ڀرڻ جهڙا۔ سنڌ سلامت اسان کي نوان رستا ۽ راهون به ڏسيندي رهندي
     
  15. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    نثار سائين تمام سٺي شاعري ۽ تمام شاندار خيال،

    هيءَ عشق ڪهاڻي شل، انجام نوان ماڻي،
    رانجهو ته نئون آهي پر هير پراڻي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سچ ته دل خوش ٿي وئي!
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    مٺا مرتضى وساڻ تنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ وارِي ڳالهه ته من موهي ڇڏيو دوست توکي شايد ڀليڪار چئي نه سگهيس، هتان ئي کي توکي ڀليڪار چئي ٿو ڇڏيان، اميد ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تان جيجل سنڌ ڌرتي جِي خدمت پنهنجي تن من ۽ ڌن سان ڪندو رهندين ۔ باقي توکي منهنجي هي ڪم تر شاعري وڻي لک لائق۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    مٺا ڏات ڌڻي سائين سجاد سرور، منهنجي هي حقير شاعري توهان کي سُٺي لڳي، لکين ٿورا، مڙئي پيا ابتا سُبتا اکر لکون، ۽ ڏات جي ديوي کي پرچايون باقي ڏات جي ديوي ايڏي ته ظالم آهي، جو مهينن جا مهينا اسان ڏي مُنهن به ڪونه ڪندي آهي۔ توهان کي ته ماشاالله ڏات جي ديوي کي پرچائڻ جو فن اچي ٿو پليز ادا انهي پرچائڻ واري فن جا ڪجهه ڪڻا هن ٽي درجي واري شاعر کي به دان ڪريو۔ الله سائين سدائين توهان کي سوڀون ڏيندو۔ مهرباني سائين ۔
     
  18. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين ناز صاحب، اوهان ته لفظن جا جادوگر ٿا ڀاسجو، سڪ جي سرس هجي ته پرين پاڻ ئي پرچي پوندا آهن، ۽ ٻولي ته امڙ آهي، ٻاجهاري ۽‌ پيار سان ڀرپور سو ان کي پرچائڻ ڪو ايڏو ڏکيو ڪونهي، باقي مان انهي درجا بندي جو قائل ڪونه آهيان، خدمت ڪرڻي آهي سو هرڪو پنهنجي وس آهر پيو ڪري۔ ۽‌ اوهان جيڪا ٻولي جي خدمت ڪريو پيا ان جا مثال تمام گهٽ ملندا۔ اسان ۾ ڪو به، پهريون، ٻيو يا ٽيون نمبر ڪونهي!

    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ‌ توريو ئي اگهائيو!

    سو توهان اگهجي ويلن مان آهيو، تنهنڪري مهرباني ڪري اهي ٽين درجي جو شاعر وارو اصطلاح استعمال نه ڪندا ڪيو! وڌيڪ مالڪ آهيو!
    شل سدا آباد هجو!
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    پيارا ڊاڪٽر سجاد، شال جُڙيا هُجو۔ ادا پرين جلدي پرچي وڃن ته ڇا کپي، اصل ست خير ٿِي وڃن، پريَنِ جي نڪ تي ڪاوڙون، نه هُجن ته کين ڪير به پرين ڪري نه ڪوٺي، ڏات جي ديوي کي توهان پرين ڪري ڪوٺيو آهي، ڏات جي ديوي کي اصل اڃان به مغرور ڪري ڇڏيو توهان۔ وري به ڳالهه اها به وڌي ويندي ته پرين ته هُوندا ئي مغرور آهن، دوست هڪڙي ڳالهه توهان کي ٻُڌائي ڇڏيان ته اسان ته ڏات جي ديوي کي پٽڪا ۽ پلاند لاهيندا آهيون جو هُو اسان ڏانهن مُنهن ڪري ۽ پو ڪو غزل، ڪا وائي، ڪا ڪافي ڪو ٽيڙو لکي، جيڪي اسان جا حقيقي پرين پيارا آهن جيڪي اسان سان ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجِي ويندا آهن، انهن کي پرچايون۔ سائين سجاد آئي ڳالهه سمجهه يا نه! باقي ڳالهه رهي ٽي درجي وارِي ته دوست آئون ته اها ئي نماڻي عيبن هاڻي۔ ڪهڙو فرق ٿو پوي ۔ ڪاش توهان واري ڳالهه موجب مان سڄڻن جي در مان اگهايل هُجان ها۔ چلو سڄڻن جي در جي غلامن جو غلام آهيان پهرين ٻي درجي نه پر ٽي درجي وارو ئي سهي۔ لک لائق ادا سجاد جو توهان منهنجي باري ۾ ايترا دل کي ڇهندڙ ڪامينٽس ڏنا۔
     
  20. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اي ”ناز” توسان يارِي دلگير پُراڻي آ

    سائين هميشا وانگي اوهان جي شاعري تمام بهترين آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو