ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شاهه جو رسالو: هڪ منظوم سفر نامو
نسيم بلوچ
اظهار جو انداز هر ڪنهن جو الڳ الڳ ۽ سوچڻ جو انداز هڪ ٻئي کان مختلف ئي هوندو آهي جڏهن به ماڻهو ڪنهن پنڌ پيچري تي هلندو آهي ۽ اتي پيش ايندڙ تڪليف کي ۽ آس پاس جي ماحول کي ڏسندو آهي ته ان جو اظهار ڪچهري ۾ حال احوال جي صورت ۾ ضرور ڪندو آهي جيڪڏهن ڪو لکي پڙهي حساس ذهن ماڻهو جي سامهون اهو سڀ ڪجهه گذري ويو ته هو پنهنجي دور جي تاريخ کي پني تي اتاري ڇڏي ٿو ۽ پڙهندڙن جي سامهون اهي ڪنهن نه ڪنهن انداز شاعري يا نثر ۾ پيش ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو صرف سفر ناما لکندڙ ماڻهو آهي ته هو ديس ديس جا حال احوال انهن سفرنامن ذريعي اسان جي سامهون پيش ڪري ٿو اتان جي تاريخ، اتان جي تهذيب، اتان جي رهڻي ڪهڻي جي باري ۾ پڻ ٻڌائي ٿو.
سنڌ سڳوري جيڪا سدائين هڪ نه وسرندڙ ۽ انتهائي شاهوڪار تهذيب ۽ تمدن جي علامت رهي آهي ته اتي غير معمولي شخصيتون پڻ پيدا ٿينديون رهيون آهن . جن پنهنجي دور ۾ لافاني ڪردار ادا ڪندي پنهنجي اک سان يا تصور اتي اک سان جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي ان کي بيان ڪيو آهي، انهن شخصيتن ۾ اسان جو بزرگ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هڪ آهي جنهن پنهنجي شاعري ۾ ان دور جي سڀني ڳالهين کي اسان آڏو پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي. سائين جن جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ اسان کي سائين جا چيل سُر ڪنهن نه ڪنهن سفر نامي جو ڏيک ڏين ٿا ۽ ڪنهن وڏي تاريخي منظر تان پردو کڻن ٿا. اهڙي ئي هڪ منظر کي اچو ته ڀٽائي جي سُر ڪاموڏ جو مطالعو ڪريون ۽ هن جي پيش ڪيل سفر نامي کي سندس بيتن جي منظر ۾ اتان جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي، تهذيب تمدن ۽ ٻين ڪافي سارين شين کي ڀٽائي جي نظر سان ڏسون.
ڪينجهر ڍنڍ جيڪا سنڌ ديس جي وڏي ڍنڍ طور شمار ٿئي ٿي اتي رهندڙ ملاحن جي زندگي، خوشحالي، ابتري ۽ بدحالي، انهن جا ڏينهن راتيون، انهن جا تهوار جيڪي هو پنهنجي انداز ۾ ملهائن ٿا ۽ جڏهن ڀٽائي سرڪار انهن کي تصوراتي نظر سان ڏسي ٿو ته هڪ خوبصورت منظر پيش ڪندي، سفرنامي جي شروعات ڪجهه هن طرح سان ڪري ٿو. سائين منهنجا ڀٽائي جا سمورا سُر جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ڏيهه يا ماڳ مڪان يا تاريخي واقعن ڏانهن اشارو ڪن ٿا انهن جي تاريخ پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ بيان ڪندو رهي ٿو ۽ ڀٽائي جي انهن بيتن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته اسان جيڪو ڪجهه پڙهي رهيا آهيون اهو هڪ منظوم سفرنامو ۽ ان ۾ پيل تاريخ آهي. ڀٽائي سرڪار پنهنجي سفرنامي ۾ ملاحن جي حالت بابت هي بيت چيو آهي:
ڪاريون، ڪوجهيون، ڪوريون مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي ککي جون کاريون،
انهي جون آريون سمي ري ٻيو ڪير سهي.
مياڻين جو اهو دستور رهيو آهي ته جڏهن مڇي ماري مياڻي تي پهچائيندا هئا ته انهن جون گهر واريون مڇين کي کپائڻ لاءِ کارين ۾ وجهي واٽ تي ويهنديون هيون ۽ جنهن به رستي کان وڃبو هو ته ککي جي ڇٽ پئي ايندي هئي، انهي ماحول جي منظر ڪشي ڀٽائي هن طريقي ڪئي آهي:
ککي هاڻيون کاريون ڇڇي هاڻا ڇڄ،
پاند جن جي پاند سين لڳي ته ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهڄ ڏس اڀو ڪري ان سين.
ملاحن جي ابتر زندگي هيڏي وڏي ڪينجهر هوندي به ڪيڏي نه عجيب هئي جو هو مڇي مارڻ تي ڍل ڀريندي انهن جي حالت آڻين ۽ چاڙهين واري ئي رهي. نه صرف ايترو پر جڏهن ڀٽائي تصوراتي اک سان ملاحن جي ٻارن کي ٻانڌي ڀر ۾ گهمندي ڏسي ٿو، ڇو ته اهي ٻار گهڻو ڪري ڄمن ئي ٻيڙي ۾ ته وڏا به ات ئي ٿين. اهي ٻار پنهنجن وڏن جي ڪرت (مڇي مارڻ ) کي نڀائيندا اچن، ننڍي عمر وارا ٻارڙا جڏهن ننڍي پاڻي ۾ وڏن جي ڪرت کي ڏسندي مڇي پڪڙيندا آهن ته گپ ۾ ليٿڙجي ويندا آهن ۽ صفا لڌڙن جهڙا ٿي پوندا آهن. ڀٽائي جڏهن انهن ملاحن کي ڪنهن سيڙاهه تي ويندي مڇي جا ڄار سنڀاليندي تصوراتي اک سان ڏسندو آهي ته هڪ عجيب انداز ۾ هنن جي منظر ڪشي ڪندو آهي ته موسمي حوالي سان پيدا ٿيل ڪم ۽ گند جڏهن ملاح ڏسندا آهن ته انهن کي پٽي گوڏ ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن ڀٽائي فرمائي ٿو:
گند جنين جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ،
انهي جي اوطاق، راجا ريجهي آيو.
جڏهن ننگر ٺٽي جو حاڪم ڄام تماچي شيل شڪار تي ٻيڙين وسيلي ڪينجهر پهتو ته اوچتي هن جي نظر نوري تي پئي ۽ نوري جي حسن جي جلوي کي ڏسڻ کان پوءِ هن بي اختيار ٿي پنهنجن ماڻهن کان پڇيو هو هي ڪهڙي سونهن آهي جيڪا وڄ جيئن وراڪا ڏئي رهي آهي ته ڀٽائي ان منظر کي هن انداز ۾ چٽيو آهي:
ڪينجهر ۾ باهه ٻري هيڏي ويل ڪيان،
نڪو تجلو تارن جو نڪو شمس شعاع،
لٿو پاند مها مئي چڙهندي مڪڙي.
نوري جي نظار هن کي موهي وڌو ته هن نوري جي مائٽن کان سندس سڱ گهريو ۽ جيڪا ڳالهه نوري جي مائٽن بخوشي قبول ڪئي جڏهن ڪينجهر ۾ اتر واءُ لڳندو آهي ته هلندڙ بتيلا/ٻيڙيون ڪنهن هندوري جيان ڀاسنديون آهن ته تماچي جي انهي ڪچڙي محبت کي ڀٽائي هن طرح سان بيان ڪيو آهي:
هيٺ جر مٿي مڃر پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾ تماچي جي ساءِ
لڳي اتر واءَ ته ڪينجهر هندورو ٿئي.
جڏهن ڪو بادشاهه ڌارين منجهان ڪا شادي ڪندو آهي ته هن جون اڳ واريون راڻيون ۽ ٻيا مٽ مائٽ پڻ دٻيل اعتراض ڪندا آهن يا الا اعلان چوندا آهن. توهان هن ۾ ڇا ڏٺو ڇا اسين گهٽ هيون سين ، جڏهن اهڙي ڳالهه جي ڪڙڪ تماچي جي ڪن تي پئي هن جيڪو امتحان ورتو ان ۾ هن سڀني راڻين کي چيو سڀاڻي اوهان جو مقابلو نوري سان آهي ته اتي سڀني راڻين خوب هار سينگار ڪيا ۽ پنهنجو پاڻ کي ٺاهي سينگاري تماچي جي دل کٽڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي منظر ڪشي ڀٽائي جي هن بيت ۾ ڏسو:
کُهه سميون ٻن سومريون سڀني ڳچي هار،
ڍول تنهين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
تماچي جي دل ايتري هار سينگار جي باوجود نه ته سميون کٽي سگهيون نه ئي سومريون پر تماچي جي دل وٺندڙ نوري ۾ آخر ڇا هو جو هن تماچي کي ايتري قدر پنهنجو ڪيو جو هو سڄو سڄو ڏينهن ڪينجهر تي شڪار ۾ گذاريندو هو. ڀٽائي صاحب جي شاهدي حاضر آهي:
مئي هٿ ۾ مڪڙي ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.
ها ڳالهه پئي ڪيم تماچي جي دل کٽڻ جي، ان لاءِ نوري نئون انداز اپنايو هن سادا سودا ڪپڙا پائي، جيڪا سوکڙي تماچي کي ڏني سا هئي پاٻوڙو. هن ادا سمي کي ايترو ته موهيو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، پر ڀٽائي به ان جي منظر ڪشي ڪندي سدائين لاءِ نِوڙت جي انداز کي امر ڪري ڇڏيو:
پاٻوڙو پيش ڪيو نئون نوري نيئي،
حاضر هيون هڪيون سميون سڀئي،
نوازي نيئي گاڏي چاڙهي گندري.
جڏهن تماچي سان گڏ سمين ۽ سومرين اهو انداز ڏٺو ته دنگ رهجي ويون. ڀٽائي پنهنجي سفرنامي ۾ نوري جي پٽ راڻي بڻجڻ بعد ڪينجهر جي جيڪا اهميت وڌي جو هن تماچي ڪينجهر تان وصول ٿيندڙ ڍل معاف ڪري ڇڏي ۽ ڪينجهر ٽيڪس فري ٿي وئي ۽ ملاح خوشحال ٿي ويا. جڏهن ملاحن تان خراج معاف ٿيو، سچ ته ملاح خوشي ۾ نه پئي ماپيا پر نوري پٽ راڻي هجڻ باوجود هن کي اهو خيال گهائيندو رهيو ته ڪٿي تماچي ٻين راڻين ڏي مائل نه ٿي پوي ته هن آزيون نيزاريون ڪيون ۽ پنهنجي نماڻائي بيان ڪئي سو ان نماڻائي جي انداز کي ڀٽائي جي لفظن ۾ ڏسون.
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيب اپار،
پسي لي لغار متان مانڱر مٽين.
مٿين سموري داستان ۾ سفر جي هڪ منزل ڪينجهر ڍنڍ ئي هئي جنهن جو ڀٽائي سرڪار زندگي جي سڀني پاسن کي سامهون رکندي هڪ تاريخ دان، هڪ سفر نامي جي گهرجن مطابق لکيو آهي. جيڪو يقينن هڪ منظوم سفرنامو آهي. جنهن لاءِ ڏاهن، ڀٽائي جي پارکن، دانشورن کي عرض آهي ته ڀٽائي جي شاعري کي انهيءَ نظر سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحقيق جا نوان گس پيچرا کلندا.