راهه مسافر ۽ گهايل دل
راجا عبدالوهاب “ بلوچ ڀائي”
هي ڪهاڻي نه پر حقيقت آهي. ۽ منهنجي زندگي جي پهرين لکڻي آهي.راجا عبدالوهاب “ بلوچ ڀائي”
ادا ڪٿي پهتو آهين، مون فون ڪري پڇيو مانس،
ادا اهو ڊرائيور اڃان تائين ناهي پهتو، ڏسان ٿو ته رڪشو ٿو پڪڙيان انهي تي چڙهي بس اسٽينڊ تي ويندس،
مون کلندي چيو ٺيڪ آهي ادا، منهنجون دعائون توهان سان گڏ آهن. گوڙ گهڻي هئڻ جي ڪري منهنجي ڳالهه سمجهي نه سگهيو چيائين ته ٺيڪ آهي، رات جو Sms تي ڪچهري ڪنداسين.
ادو منهنجو ٽن مهينن کان بعد پنهنجي نوڪري تان گهر موٽي رهيو هو، تمام خوش ۽ خرم، منهنجي هن سان دوستي ٿئي تمام گهٽ عرصو ٿيو آهي، پر اسان جي دوستي نه ڀر ڀائپي آهي، مان هن سان هر ڳالهه شيئر ڪندو آهيان ۽ هو به مونکان ڪائي ڳالهه ناهي لڪائيندو. هڪ ٻئي کي ادو چوندا آهيون، ٿوري دير کان بعد آءُ ادا ڏانهن فون ڪئي ته کلندي چيائين ته ادا هينئر بس ۾ خيريت ويٺو آهيان. دعا ڪيو ته صفر خير سان گذري وڃي.
آءُ ڪال ختم ڪري هُن جي سفر جي لاءِ الله رب العزت جي بارگاهه ۾ دعا گهري. ٿوري دير کان پوءِ منهنجي موبائيل جي گهنٽي وڳي.
ٽُو ٽو ٽو ٽو ٽو ٽو ٽو. مون يڪدم فون کنيو ته ادا جو ميسج هو” ادا بس خير سان رواني ٿي وئي آهي.”
مون لکيو ته ادا ڀلا سيٽ ڪهڙي ملي آهي.
بس ادا مولا جو شڪر آهي جو 22 نمبر سيٽ ملي آهي 02 نمبر سيٽ نه ملي، جگجيت سنگهه جي غزل هلي رهي آهي تمام هلڪڙي آواز ۾ اکيون بند ننڊ ننڊ ٿيون ڪن.
مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس ته 22 نمبر سيٽ جي لاءِ شڪر ٿو ڪري پر 02 نمبر لاءِ نه، ڪا ڳالهه ضرور آهي.
اڙي ادا 2 نمبر سيٽ ڇڏي 22 نمبر تي شڪر ٿا ڪريو. مون مسيج ڪري لکيو، چيائين ته منهنجا ادا چئني پاسن کان سنڌياڻيون ويٺيون آهن، تمام حسين آهن،
مون چيو ته ڇا صلاح ٿئي، چيائين ادا دل ته چوي ٿي ته اک ڦيرايان پر منهنجي ڀر ۾ وڏين مڇن وارو ٻروچ ويٺو آهي، ڪٿي اهي سنڌياڻيون انهي سان گڏ هجن، ائين نه ٿي جو هاءِ به وڃي ته هوُءِ به وڃي.
.مون ادي کي کلندي لکيم ته “لڳي ٿو توهان ۾ دم ئي ڪونهي جو هڪ ٻروچ کان ڊڄو ٿا. اصل صفا ڪو ڊڄڻو آهين. دل ٻڌ ادا اهڙي ڳالهه اهي انهن سان ناهن. اهي ڪنهن ٻئي سان گڏ آهن. توهان ڪوشش جاري رکو. ٿوري دير کان بعد ميسج آيو، چيائين ته ادا، ڪوشش ڪريان ٿو. مون مسڪرائيندو لکيو ته منهنجون دعائون توهان سان گڏ آهن الله ڪامياب ڪندو.
کلندي لکيائين ته ادا ڊرائيور نوجوان ڇوڪريون ڏسي ڪري جگجيت سنگهه کي بند ڪري ڇڏيائين وري پاپي چولو ۽ ٻيا ريميڪس گيت هلايا اٿس.
مون چيو ته ڊرائيور توهان جو ڪم صفا آسان ڪري ڇڏيو. لکيائين ته ادا اهو وري ڪيئن مون چيو ته پرين پنج منٽ صبر ڪر ته ڇا ٿو ٿئي.
رات جو هڪ وڄي چڪو هو. اسان جي ڳوٺ ۾ چور چور جون رڙيون پئجي ويون هيون.
ڊز ڊز ڊز ڊز ڊز، بندوقن جا ٺڪاءُ، ٿي ويا. مان تڪڙ ۾ موبائيل کٽ تي رکي ڪهاڙي ۽ بئٽري هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪتس. ۽ ڀاڳين سان گڏ رڙيون ڪيم “ نه ويندين، نه ويندين، وٺ وٺ وٺ اهو ٿو وڃي” چور ته ڀڄي ويا، موٽي ڪري موبائيل کي ڏٺم ته ادا جو ميسج آيل هو
ادا توهان مونکي غيرت ڏياري آهي، ڏسون ٿا ته مون ۾ دم آهي يا نه ؛ ها ها ها ها کلندي لکيائين
لکيم ته ڏسون ٿا ته ڪنهن ۾ ڪيترو دم آهي.
ادا هو مون ڏانهن ڏسي ڪري کلي رهي آهي۔ کلڻ جو ڇا مطلب
اردو ۾ لکيم ته لڙڪِي هنسِي تو ڦَنسِي”
کلندي لکيائين “واقعي ادا، لڳي ٿو توهان جي دعا اثر ڪيو”.
ڪجهه دير کان پوءِ وري لکيائين ته هٿن سان ۽ اکين سان اشارا ٿي ڪري. مون چيو مانس ته گهٻرائڻ جي ڪائي ڳالهه ناهي.
اڃان اهو ميسج پڙهي رهيو هوس ته مٿان وري هڪ ٻيو ميسج آيو، لکيائين ته ادا پويان ڇوڪري ثنا جي نالي سان ٿي سڏ ڪريس.
مون کلندي لکيو مانس ته مبارڪون هجن، جواب ۾ لکيائين ته خير مبارڪون. مان ۽ هاڻي هڪ ٻئي کي غور سان ڏسي رهيا آهيون. پر ڀر سان ويٺل ٻروچ اکيون ڦيرائي ڦيرائي ۽ گهوري گهوري ٿو ڏسي.
ميسج ڪري چيائين ته ادا توهان ننڊ ڪريو مان ته سفر تي آهيان پوءِ سڀاڻي ڪچهري ٿيندي.
چيم ته پرين اهڙي ڳالهه ناهي ڀائرن سان سفر ۾ ساٿ ڏيڻ منهنجي عادت آهي. پر هڪڙي ڳالهه تي ننڊ ڪندس
لکيائين ادا وڙي ڪهڙي ڳالهه
لکيم ته ادا سڀاڻي صبح جو مونکي ضرور ٻڌائيندين ته آخر ثناءَ جو سفر ڪٿي پهتو.
چيائين ٺيڪ آهي. ضَرور ٻڌايئندس.
ٻئي ڏينهن صبح جو ادا کي فون ڪري خير خيريت معلوم ڪيم ۽ پڇيو مانس ته ادا رات ڇا ٿيو چيائين ته ڇڏ ادا انهي ڳالهه کي ٻئي دفعي ٻڌائيندس .
پر مان انهي انتظار ۾ آهيان ته اهو ٻيو دفعو ڪڏهن ايندو جو ادا مونکي پنهنجي سڄي رام ڪهاڻي ٻڌائيندو.
هن ناچيز کي توهان جي راءِ جو انتظار رهندو۔ اگر ڪائي غلطي نظر اچي ته ضرور ٻڌائيندا