عرفان ديشي
سينيئر رڪن
سنڌ جي اندر مختلف علائقن ۾ آيل تاريخي ٻوڏ سڄي سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ان تاريخي ٻوڏ ۾ تباه ٿيل سڄي سنڌ اڄ ويران ٿي وئي آهي، ماروئڙا بي گهر ٿي اجهي اٽي لا دربدر ٿي ويا آهن سنڌ کي الاهي ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي،سنڌ ۾ ٿيل اها تباهي تاريخ ۾ ته لکي ويندي پر رهي ڳالھ حڪومت جي ته حڪومت پاران ماروئڙن جي ڪا به واهر نه پئي ٿئي سنڌ ۾ جيڪي شهر بچيل آهن اهي ماڻهو پنهنجي ماروئڙن جي مدد لا ته سڀ ڪجھ ڪري رهيان آهن جيڪي ڪجه انهن کان پڄي ٿو،پر حڪومت پاران هينئر تائين ڪجھ به نه ڏنو ويو آهي توهان جي نظر ۾ ڇا آهي ته ڇا اها سنڌ سنڌ ئي رهندي يا اها سنڌ موهن جي دڙي وانگر ڪنهن هسٽوري ۾ پڙهي ويندي ته اها به ڪا سنڌ هئي اسان جا مروئڙا جڏهن بي گهر ٿي اجهي اٽي لا واجهائيندي پنهنجي شهر ڪراچي ۾ آيا ته انهن مٿان گوليون هلايون ويون انهن کي ڪڍڻ جو سازشون ڪيون ويون انهن مٿان تشدد ڪيو ويو ڇا سنڌين کي سنڌ ۾ رهڻ جو حق ناهي، ان ٽائيم حڪومت ڪونه پئي ڏسي ته اسان جي ماروئڙن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي پو ان وقت حڪومت ڇو چپ هئي ان ٽائيم حڪومت ان جو نوٽيس ڇو نه پئي وٺي ڇو ته سنڌي سٻاجهڙا آهن آخر ڪراچي شهر به سنڌ جو آهي سنڌين جو آهي پو حڪومت ڇو چپ هئي آخر ڇا لا ڇا آهي ڪو انهي حڪومت ۽ انهن پيپلن خلاف ڪو قدم کڻڻ وارو نه ڪير به ناهي جيڪڏهن آهي ڪير اسان جي سنڌي ماروئڙن جي مدد ڪرڻ وارو ته اسان جي انهي کي اپيل آهي ته مهرباني ڪري انهي پيپلن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ اسان جي بي گهر ٿيلي ماروئڙن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي وڃي