• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته فقط ڇهن مهينن ۾ فارسي سکون!

علي حيدر

سينيئر رڪن
سبق پهريون
فارسي ٻولي جي الف ب
فارسي لکڻ ۾ ته سندي وانگر آهي پر معني ء لهجي ۾ سندي کان مختلف آهي۔
فارسي جي الف ب ۾ هيٺ ڏنل 32 حرف آهن۔
ا ب ت ث پ ج چ ح خ د ذ ر زژ ژژس ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ گ ل م ن و ه ء ي۔
نوٽ": ّز کانپوء ٽن نقطن واري ر آهي جيڪا ان جًڳه تي لکجي نه ٿي۔
فارسي جا ڪجه حرف پڙهڻ ۾ سندي حرفن کان مٽ ٿين ٿا، اهي هيٺ ڏجن ٿا۔
1 ت ٍ ٿ مثال تو ٍ ٿو معني تون۔
2 پ ٍ ڦ مثال پول ڦول معني ڏوڪڙ۔ژ
3 چ ٍ ڇ مثال چيست ٍ ڇيست معني ڇا آهي۔
4 ق ٍ غ مثال قاضي غاضي معني ٍجج۔
5 ڪ ک مثال ڪر کر معني ٻوڙو۔
 
جواب: اچو ته فقط ڇهن مهينن ۾ فارسي سکون!

واھ سائين فارسي زبان آهي ته سنڌي کان سولي پر ڪوشش ڪبي الله مالڪ آهي۔
اوهان جاري رکو۔
 
جواب: اچو ته فقط ڇهن مهينن ۾ فارسي سکون!

سبق ٻيون
ڏکيا لفظ
1)ااست معني آهي۔ 2) نيست":نه آهي۔ 3) چيست:ڇا آهي۔ 4) کيست: ڪير آهي۔ 5) اين: هيء۔ 6) آن:هو۔ 7) اينجا:هتي۔ 8)آنجا: هُتي۔ 9)کتاب:ڪتاب۔ 10) دفتر:ڪاپي۔ 11)قلم:پين ۔ 12)صندلي:ڪرسي۔ 13) مِّيز:ميز۔ 14) استاد: استاد۔ 15) شاگرد:شاگرد۔ 16) کجا: ڪٿي۔
اين کتاب است۔ اين قلم نيست۔ آن چيست؟ آن دفتر است۔ صندلي کجا است؟ صندلي اينجا است۔ استاد کجا است؟ استاد آنجا است۔
مشق : هيء ميز آهي۔ استاد ڪٿي آهي؟ هو ڇا آهي؟ شاگرد هتي نه آهي۔ هُتي ڪير آهي؟ هيء ڪير آهي؟
 
Back
Top