رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو تعلق منهنجي علائقي خيرپور سان آهي۔ ڊاڪٽري جي پيشي کان علاوه پاڻ بهترين سماجي ورڪر ۽ سٺا شاعر به آهن۔ پاڻ هن وقت سنڌي ادبي سنگت جا سيڪريٽري جنرل پڻ آهن۔ سندس شاعري جا ٻه مجموعا ” هوءَ ، مان ۽ ڄامشورو “ ۽ تازو ئي ” دل ته چوي ٿي “ ڇپيا آهن۔ سندس ڪتاب دل ته چوي ٿي مان هي غزل پيش آهي:

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

    ادا بهترين۔
    جيترو مشتاق ارڏو هو اڳئي
    ايتروئي چاھ ۾ اٽڪي پيو۔
    لاجواب شاعري
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

    ادا تمام زبردست شاعري آهي، اسان جي ڪمينٽس ڏيڻ کان بهترين آهي۔۔۔ نالي واري مصرع ته دل ۾ گهر ڪري وئي۔۔۔
    جيترو مشتاق ارڏو هو اڳئي
    ايتروئي چاھ ۾ اٽڪي پيو۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

    تمام زبردست شاعري، ڊاڪٽر صاحب جي، مختصر غزل، مختصر وزن، اڄڪلهه اسان جا خوبصورت شاعر ننڍي وزن واري شاعري ۾ تمام وڏي ڳالهه ڪري ويندا آهن۔ ڊاڪٽر صاحب منهنجي ناقص خيال موجب هن ۾ فاعلاتن ، فاعلاتن ۽ فاعلن وارو وزن رکيو آهي۔ ساري سنڌ جي شاعرن کي جيڪي شاعريءَ جو شوق رکندڙ آهن انهن جي اصلاح لاءِ خاص ڪري ادا اسد مست، سائين سليمان وساڻ، ادا عمران درويش سومرو ۽ اسان وارو ساحل رنجيت رام رکيو ممبئي وارو جيڪڏهن هن مان لاڀ حاصل ڪن ته ڪري سگهن ٿا۔
    ڊاڪٽر صاحب جي غزل جو مطلعو جنهن جي تقطيع مان هيٺ لکان ٿو اميد ته غور سان ڏسندا ۽ انهي آسان ۽ خوبصورت وزن تي لکڻ جي ڪوشش ڪندا۔
    روح ڪنهنجي راهه ۾ اٽڪي پيو
    ان جي تقطيع هيٺ آهي

    [​IMG]

    هن ۾‌ صرف توهان لفظ ڪنهن تي اٽڪيا هوندا ته ڪ ن هه ن ۾ چار اکر آهن سائين نثار ڪيئن ان کي ٻن اکرن جو پڌ ڪري لکيو آهي، دوستو توهان بلڪل صحيح آهيو پر توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻُڌائيندو هلان ته علم عروض ۾ اهي اکر جن تي زير زبر پيش نه اچي ته بوقت ضرورت انهن اکرن کي حذف ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪنهن ۾ ٻه نون آهن ۽ اهي به نون غُنان، انهن ٻنهي نونن جي مٿان ڪا به زير زبر پيش شد مد ڪانهي انهي ڪري ڊاڪٽر صاحب لفظ ڪنهن کي علم عروض جي حساب سان ٻه نون غُنان حذف ڪري لفظ ڪنهن کي صرف ٻن اکرن جو مجموعو ڪهه ڪري وزن کي بلڪل ٺيڪ ۽ درست لفظ ٻٽو ڪري لکيو آهي۔ ان کان علاوه توهان جي ناليج ۾ اهو به اظافو ڪندو هلان ته سنڌي جا هي لفظ ۽ ۾ اهڙا لفظ آهن جو دنيا جي ڪنهن ٻولي ۾ انهن لفظن جو ملڻ مشڪل آهي، سنڌي علم عروض ۾ اهي ٻئي لفظ ۽ آ اهڙا لفظ آهن جن کي علم عروض ۾ وقت ضروت موجب سنگل اکر طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو ته ٻٽي لفظن طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو اميد ته منهنجي هن ٿوري سمجهاڻي مان توهان لاڀ حاصل ڪئي هوندي۔ باقي ڊاڪٽر صاحب جي مطلع جي ٻي لائين
    يار بيپرواهه ۾‌ اٽڪي پيو ​


    واري ٻي لائين توهان سڀني شاعرن لاءِ ڇڏيان ٿو ته منهنجي هن سمجهاڻي جي جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي مطلع جي ٻي لائين جي توهان تقطيع ڪري مونکي جواب جي صورت ۾ ضرور ڏيو، تقطيع معنا لفظن کي ٽوڙڻ ۔مٿي مون توهان کي ڊاڪٽر صاحب جي مطلع (جنهن کي سولي سنڌي ۾ ٿلهه به چئي سگهجي ٿو) جي پهرين سٽ جي تقطيع ڪرڻ سيکاريو آهي اُن مان سمجهي سگهو ٿا۔ آخر ۾ محترم سليمان کي بهترين ڊيزائن بنائڻ تي دل جي گهرائين سان واڌايون۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

    سڀني دوستن جي مهرباني جو هن بهترين غزل کي موٽ ڏني۔

    خاص مهرباني سائين نثار ناز جي جنهن ڊاڪٽر صاحب جي عمده شاعري تي هيڏي ساري تفصيل سان روشني وڌي ۽ اسان جهڙن ادب جي اڻ پڙهيلن لاء هڪ رهبر وانگر رهنمائي ڪئي۔

    سائين مان پنهنجي ناقص عقل مو جب هن مصرع جي تقطيع ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان :

    يار بيپرواهه ۾‌ اٽڪي پيو

    يا ر بي پر وا ه ۾ اٽ ڪي پ يو
    2 1 2 2 2 1 2 2 2 1 2
    فا ع لا تن فا ع لا تن فا ع لُن

    سائين باقي پاڻ شاعري جي انهن اصولن کان اڻ واقف آهيون۔ اها اوهان جهڙن شاعرن جي سٺي شاعري ۽ سنڌي ٻولي جي محبت آهي جيڪا اسان کي پاڻ ڏانهن ويجهو ٿي آڻي۔
     
    اشرف علي مهر هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)

    سائين نثار ناز جو هي بهترين سبق پڙهي دل باغ بهار ٿي وئي۔۔۔۔ سائين جيڪڏهن بهتر سمجهو ته وقت ڪڍي اسان مستن لاءِ شاعري جي بِ بسم الله کان وٺي سيکارڻ شروع ڪيو۔۔ ڇو ته پاڻ اڃان ڪيترن ئي ڳالهين ۾ منجهيا پيا آهيون۔۔۔
    ادا سليمان وساڻ وانگر پاڻ فلحال پنهنجو هوم ورڪ هن ريت پيش ڪريون ٿا۔۔

    يا ر بي پر وا ه ۾ اٽ ڪي پ يو
    2 1 2 2 2 1 2 2 2 1 2
    باقي هيٺيون شيون مون کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن سائين۔۔۔۔
    مڙئي قرب ڪري انهن جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ‌ ڏئي ڇڏيو۔۔
    فا ع لا تن فا ع لا تن فا ع لُن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو