سڀني کي وائکو ڪندڙ ٻوڏ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سڀني کي وائکو ڪندڙ ٻوڏ​

    [​IMG]
    (گل محمد جکراڻي )
    هر چيز جو پنهنجو مزو هوندو آهي، جمهوري نظام جو پنهنجو ذائقو آهي، پر مارشل لا جو وري مزوئي ٻيو آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين پاران بار بار انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ ۽ ملڪ اندر محب وطن جرنيلن جي ذريعي مارشل لا هڻڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن. الطاف حسين جو خيال آهي ته موجوده پارليامينٽ اندر ڪرپٽ، جاگيردار ۽ خانداني پسمنظر رکندڙ ميمبرن جي خاتمي لاءِ ”محب وطن“ جرنيل پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت تي قبضو ڪري ملڪ مان لٽيل رقم واپس ڪن ۽ ڪرپشن خاتمو ڪن. الطاف ڀائي کي اها به خبر آهي ته فوج کي منتخب حڪومت خلاف ڀڙڪائڻ آئين جي سراسر خلاف ورزي آهي. ان کان علاوه پاڪ فوج ملڪ اندر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ۽ موجوده بدترين ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن حالتن ۾ فوج کي مداخلت جي اپيل هڪ عجيب منطق آهي. الطاف ڀائي کي اها به خبر آهي ته انقلاب ڪوئي بندو خان جو ڪواب ۽ گهيٽا خان جو حليم نه آهي، جو کائي ڏڪار ڏجي. هر انقلاب لاءِ ڪوئي نه ڪوئي ته نظريو ضرور هوندو آهي ۽ ان جي باقائده قسم جي قيادت به هوندي آهي، باقي خالي دلفريب نعرا هڻي عوام کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي لڳي ٿو ته انقلاب ۽ مارشل لا جهڙيون ڳالهيون ڪري ملڪ اندر ٻيهر رت جي راند ۽ افراتفري ڦهلائڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. ڪجهه وقت اڳ ۾ به سياسي اداڪارن ۽ سازشي ٽولن موجوده جمهوري ۽ منتخب حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ صدر آصف علي زرداري کي هٽائڻ لاءِ مختلف مشورا ۽ حربا استعمال ڪيا ويا آهن. صدر آصف علي زرداري جي صدارت کي مڪمل ٿئي اڃا ٻه سال مس ٿيا آهن ته وري مارشل لائي انقلاب جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. حالانڪ صدر زرداري انهي ٻن سالن اندر مختلف بحرانن کي منهن ڏئي چڪو آهي. اين آر او جي فيصلي اچڻ وقت به الطاف ڀائي ۽ نواز ليگ وارن جو ڪردار ۽ هاڻي انقلاب بابت الطاف حسين ۽ شهباز شريف جو موقف هڪ جهڙو آهي. دراصل پ پ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ الطاف حسين، پير پاڳارو، شهباز شريف ۽ عمران خان جي هڪ ئي ”پڪار“ آهي، اچو محب وطن جرنيلو اچو.
    هاڻي انهي کي ٻوڏ متاثرين جو ڪوبه فڪر نه آهي. پاڪستان پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي آزمائش مان گذري رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ جي ڪري دربدر ۽ بي گهر بڻيل آهن، سواءِ ڪراچي جي باقي سنڌ ۾ هرطرف تباهي جو ڏيک نظر پيو اچي. سڄي سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو آهي. بهرحال جيڪا تباهي سنڌ ۾ آئي آهي، ان جا اثرات ڪئين ڏهاڪن تائين اثرانداز رهندو. ٻئي طرف ملڪ اندر ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌماڪن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. هڪ هفتي اندر لاهور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ۾ اميرالمومنين حضرت علي المرتضيٰ جي شهادت واري ڏينهن ۽ يوم المقدس جي ريلي تي خودڪش حملن ۾ هڪ سؤ کان مٿي بيگناهه ماڻهو شهيد ۽ ٻه سؤ کان مٿي زخمي ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه ڪراچي اندر گذريل مهيني آگسٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 170 ماڻهو قتل ۽ لاتعداد ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هڪ طرف ملڪ اندر ٻوڏ، قتل غارت ۽ خودڪش حملن جي ڪري خوف حراس ۽ افراتفري جو عالم آهي ته ٻئي طرف جمهوري حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشي ڪردارن پنهنجي ڪارروائين کي تيز ڪندي ”لابنگ“ شروع ڪري ڏني. گذريل هڪ هفتي اندر ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ملڪ اندر مارشل لا ۽ انقلاب آڻڻ لاءِ فوج کي سڌي سئين دعوت ڏيئي چڪو آهي. الطاف حسين بار بار پنهنجي بيانن ۽ تقريرن ۾ جاگيرداري نظام ۾ ڪرپشن ۽ چورن کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج کي مداخلت ڪرڻ جي اپيل سان گڏوگڏ گولي هلائڻ لاءِ به ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آخر الطاف حسين کي هن وقت مارشل لا ۽ انقلاب جو خيال ڪيئن آيو؟ اصل ۾ اندرون سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثرين ماڻهن جڏهن ڪراچي طرف رخ ڪيو ته همراهن سان مسئلو شروع ٿي ويو، ان ڪري ٻوڏ جهڙي اهم مسئلي کان ماڻهن جي ڌيان کي هٽائڻ لاءِ مارشل لا ۽ انقلاب جو شوشو ڇڏيو ويو.
    اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين آئين کان مٿانهون ٿي ڪري مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. الطاف حسين کي خبر هئڻ گهرجي ته انقلاب آڻڻ لاءِ پارٽي جو پروگرام ۽ منشور به انقلابي هئڻ کپي، باقي ٻاهر ۾ ويهي شاهي زندگي گذاريندڙ ۽ فوجي جنرلن جي جهولي ۾ پرورش وٺندڙ ڪهڙي منهن سان انقلاب آڻڻ جي ڳالهه پيا ڪن. ايم ڪيو ايم جنرل ضياءَ جنرل مشرف جي ساٿاري رهي آهي. جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف پاڪستاني عوام سان جيڪي زيادتيون ڪيون، اهي خدا جي ڪتابن ۾ لکيل آهن
    . جنرل ضياءَ جنرل مشرف جي تمام زيادتين ظلم ۽ بربريت ۾ ايم ڪيو ايم مڪمل طور ڀاڱي ڀائيوار آهي. ان زيادتين ۽ ظلمن ۾ شهيد ڀٽي کان وٺي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تائين، نواب اڪبر خان بگٽي کان وٺي حبيب جالب بلوچ تائين قتلن ۽ شهادتن جو وڏو داستان موجود آهي، ان کان علاوه آئين کي معطل ڪرڻ، سياسي ڪارڪنن کي سرعام ڪوڙا هئڻ، اعليٰ عدالت جي ججن کي گرفتار ڪرڻ ۽ بلوچستان اندر فوجي آپريشن سميت ٻيا کوڙ سارا جرم آهن، جيڪي جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيا. ان ٻنهي جرنيلن جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم حصيدار رهي آهي. اهڙي طرح الطاف ڀائي جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف جي هر ڏوهه ۾ شريڪ جرم آهي. جنرل ايوب خان کان وٺي جنرل مشرف تائين فوجي آمرن جي دور ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو. جنرل ايوب خان جي دور ۾ 1965ع واري جنگ لڳي، ان ڪري ملڪ جي معيشت کي نقصان پهتو. ان کان جنرل ايوب ملڪ جي دريائن جو پاڻي وڪرو ڪيو. جنرل يحيٰ خان پنهنجي عياشين ۽ غلط ڪارين جي ڪري ملڪ کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر، هيروئن ڪلچر ۾ اضافو ٿيو ۽ جنرل ضيا اسلامي نظام نافذ ڪرڻ جو ڪوڙو نعرو هڻي ملڪ مٿان يارنهن سال حڪومت ڪئي ۽ ملڪ اندر انساني حقن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ظلم ۽ زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي. ملڪ جي چوٿين فوجي آمر جنرل پرويز مشرف پنهنجي 9 سالا دور ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، اهي سڀ دنيا آڏو عالم آشڪار آهن. جنرل مشرف جي ظالمانه دور کان جان ڇڏائي اڃا مس ٻه سال به نه گذريا آهن ته الطاف حسين وري مارشل لا ۽ انقلاب جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو آهي. الطاف حسين کي خبر هئڻ گهرجي ته ملڪ کي جيترو نقصان فوجي آمرن ڏنو آهي، ٻئي ڪنهن به نه ڏنو آهي. اصل ۾ الطاف حسين جي بيانن ۽ تقريرن پٺيان ڪانه ڪا خفيه طاقت ضرور آهي. هڪ اردو اخبار مطابق موجوده جمهوري حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنوڪريٽ ۽ بنگلاديشي ٽائپ حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پلاننگ ۽ لابنگ شروع ٿي چڪي آهي. اردو اخبار وڌيڪ لکيو ته رچرڊ هالبروڪ هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ اصل طاقتور شخصيت جنرل ڪياني آهي، بقول رچرڊ هالبروڪ جي ته جنرل اشرف پرويز ڪياني هر فيصلي تي عمل ڪرائي سگهي ٿو. ان ڳالهين مان صاف صاف اهو لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم قائد هڪ مهري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو