دادو ضلعي جي تاريخي ماڳن جي بگڙجندڙ صورتحال خالد معظم شاه سنڌ اندر ڪيترائي ماڳ آهن جن سان اسان جي تاريخ جا واقعا لاڳاپيل آهن. انهن مان ڪيترائي ماڳ مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اڄ به ڪيترائي ماڳ حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب پنهنجي اصلي خوبصورتي ۽ حيثيت وڃائي رهيا آهن. جيڪي اڄ به ڌيان طلب آهن. انهن قديمي ماڳن ۾ ماڻڪٽاري جو دڙو، لوهم جو دڙو، انگريزن جي دؤر جا بنگلا، پاٽ جو دڙو، گل شاهه نور شاهه ۽ سخي بادشاهه جا مقبرا شامل آهن. ماڻڪٽاري جو دڙو دادو شهر کان اٽڪل ٻارنهن ڪلو ميٽر اتر طرف ۽ ڦلجي اسٽيشن جي اوڀر ۾ هڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي آهي. ماڻڪٽاري جي دڙي بابت تاريخ خاموش آهي. هن دڙي جي پکيڙ تقريبن ٻاويهه ايڪڙ ٿيندي. پر ڀر پاسي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هي دڙو موجوده پکيڙ کان گهٽبو رهي ٿو. دڙي جي اوچائي ڪٿي پنج فوٽ ڪٿي وري 40 فوٽ ٿيندي. ماڻڪٽاري دڙي جي ڪجهه حصي کي مقامي رهواسين قبرستان طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. لوهم جو دڙو دادو ضلعي ۾ پيارو اسٽيشن جي اتر ۾ ريلوي لائين کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع آهي. هي دڙو شگر مل پيارو ڳوٺ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ صحيح سلامت هو. شگر مل جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ آهستي آهستي شرف آباد ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو. دڙي جي بربادي ۾ شگر مل انتظاميه، ريلوي جي عملي ۽ تر جي جاهل ۽ نادان ماڻهن جو هٿ هو. بر وقت انتظاميه قدم کڻي ها ته هي دڙو ائين برباد ۽ تباهه نه ٿئي ها. ڪن ساڃاهه وند شخصيتن آواز بلند ڪيو پر افسوس جو ان طرف ڪنهن به توجهه نه ڏني آهي. انگريزن جي دؤر جا قديمي بنگلا جيڪي دادو ضلعي جي ڳوٺ ڦڪا کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهن، جتي انگريزن جي دؤر جو ايئر پورٽ به تعمير ٿيل آهي. بنگلن ۾ انگريزن جي دؤر جو سازو سامان رکيل آهي. پر ڳوٺ جي ماڻهن انهن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. جيڪي بنگلا سياحن جو مرڪز بڻيل هوندا هئا، سي هن وقت ويران پيل آهن. پاٽ جو دڙو دادو شهر کان اتر اوڀر ڪنڊ تي تقريباً 30 ڪلوميٽر تي موجود آهي. هن دڙي بابت صحيح معلومات نه ملي سگهي آهي ته ڪڏهن وجود ۾ آيو، ڪنهن آباد ڪيو ۽ ڪهڙي طرح اجڙي ويو. پاٽ جي دڙي جي ايراضي اٺن ايڪڙن کان مٿي ٿيندي. ڪٿي دڙي جي اونچائي چار فوٽ تي ڪٿي وري چاليهن فوٽن کان مٿي ٿيندي. هن دڙي تي پير اسماعيل جو مقبرو به آهي. جيڪو زبون حالي جو شڪار آهي. ان کان علاوه گل شاهه نور شاهه ۽ سخي بادشاهه جا مقبرا دادو کان سيوهڻ روڊ تي خدا آباد کان اولهه طرف اٽڪل 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهن ۽ انهن سان گڏوگڏ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي درگاهه جي ٻاهران اتر پاسي مسجد اڏيل آهي. جنهن جا چاپڙ ڪري پيا آهن، جيڪا ڪيڏي مهل به ڪري سگهي ٿي. درگاهه جي چوڌاري دادو ضلعي جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي انهيءَ ۾ به ڪيترائي مقبرا ۽ قبرون آهن. جن ۾ منگهو فقير جتوئي ۽ شهداد فقير لانگاهه جا مقبرا مشهور آهن. انهن لاءِ اهو به مشهور آهي ته اهي ڪلهوڙا دؤر جا سپهه سالار آهن. گل شاهه نورشاهه کي ياد ڪرڻ لاءِ هر سال 7،8 ۽ 9 ذوالحج تي ميلو لڳايو ويندو آهي. ڪيترن ئي صدين کان درگاهه جا متولي چنا، ميمڻ، ڪوريجا ۽ سيد آهن. 1972ع ۾ جڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو گورنر ٿي خدا آباد آيو ته هتان جا ڳوٺاڻا کيس درگاهه تي وٺي آيا. ان وقت جڏهن درگاهه تائين رستو ڪچو هو. وڏي تڪليف کان پوءِ ممتاز علي ڀٽو اتي پهتو ته هن روڊ کي پڪي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف سخي بادشاهه جو مقبرو حڪومت جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب هنڌان هنڌان ٽٽي پيو آهي هن مقبري کي وڏا وڏا ڏار پئجي چڪا آهن. ڪيترن ئي سالن کان هن مقبري کي شٽرنگ تي بيهاريو ويو آهي. ڪيترائي سال اڳ هن مقبري جي مرمت لاءِ لکين روپين جو سامان آيو پر وقت گذرڻ سان پيل سامان ختم ٿي چڪو آهي. پر هن مقبري جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، درگاهه جي ڪجهه پنڌ تي کوهه به موجود آهي، پر ڪيترن ئي سالن کان جَر جو پاڻي هيٺ لهڻ ڪري کوهه به سُڪي خشڪ ٿي ويو آهي. اسان کي هنن تاريخي ماڳن جي مالڪي ڪرڻ کپي. آرڪيالاجي وارن جي بي ڌياني سبب هي ماڳ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن، اڄ به اسان اک نه پٽي ته هي ماڳ مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويندا، سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گذارش ٿي ڪجي ته تاريخي ماڳ بچايو ائين نه ٿئي ته اسان انهن تاريخي ماڳن کان محروم رهجي وڃون.* بشڪريه روشني ڊاٽ ڪام