روماني تحريڪ ۽ ان جو فڪري پسمنظر اڪبر لغاري ادبي تنقيد به تقريباً اوتري ئي پراڻي آهي جيترو خود ادب. يونان ــ جي ها يونان. علم جي تقريباً هر شاخ وانگر ادبي تنقيد جون پاڙون پڻ يونان جي زرخيز عقلي ذهن ۾ کتل آهن. جڏهن شاعري ٿيڻ لڳي ۽ جڏهن ڊراما پيش ٿيڻ لڳا ته انهن جي ڀلي ۽ ڍلي هجڻ جون ڳالهيون پڻ ٿيڻ لڳيون. قديم يوناني هڪ بيحد سوچيندڙ قوم هئي. هو هر شئي متعلق ڏاڍا سوال پڇندا هئا ۽ سڄو سڄو ڏينهن ويٺا انهن سوالن ۽ انهن جي جوابن تي بحث ڪندا هئا. شاعري ڇا آهي؟ ان جا ڪيترا قسم آهن؟ شاعريءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا اها خوشي ڏئي ٿي يا ڏک؟ شاعريءَ جا اثرات ڪهڙا ٿين ٿا؟ اخلاقيات جو ڪيتروپرچار ٿيڻ کپي؟ جماليات ڪيتري هجي؟ وغيره وغيره. ارسٽوفينز، ايشلس ۽ يوريپائيڊ وارن وٽ مسئلو اهو هو ته ادب (شاعري ۽ ڊرامي) کي اخلاقي قدرن جي پرچار ۽ ابلاغ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي يا حقيقت کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ گهرجي؟ افلاطون چيو ته شاعرن کي منهنجي رياست (Utopia) مان ڏيهه نيڪالي ملڻ گهرجي، ڇو ته اهي رڳو جذبات کي اڀاريندا آهن. ان کان پوءِ ارسطو، سيسرو، هوريس ۽ لانجائينس ادبي تنقيد کي اڳڀرو ڪيو. بوڪيشو، ڊانٽي، ابنِ رشد، فلپ سڊني، جان ڊرائڊن، اليگزينڊر پوپ، سيموئل جانسن وغيره تنقيدي ادب ۾ بي بها اضافو ڪيو. هن رسالي جي محدود گنجائش کي نظر ۾ رکندي، غير ضروري طوالت کان بچون ٿا ۽ اچون ٿا موجوده موضوع يعني روماني تحريڪ تي. ادب ۽ سياست کان ويندي سماج جي هر شعبي ۾ وقتاً فوقتاً تحريڪون ته هلنديون ئي رهنديون آهن، پر ڪي ڪي تحريڪون طوفان بنجي اينديون آهن ۽ ان جي زد ۾ ايندڙ هر شئي کي ڪک پن ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙو ئي طوفان هئي روماني تحريڪ. ورڊس ورٿ، ڪولرج، شيلي، بائرن، ڪيٽس ۽ بليڪ وغيره وارن وٽ زندگيءَ جو مفهوم صرف ۽ صرف رومانيت بنجي ويو. ڇا رومانيت جو مطلب صرف پيار، محبت هو؟ بلڪل نه. پيار و محبت، رومانيت جو صرف هڪ جز يا هڪ رخ هو. ڪابه تحريڪ نه ته خلا ۾ پيدا ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ختم ٿيڻ کان پوءِ هوا ۾ تحليل ٿي ويندي آهي. روماني تحريڪ جا به يقيناً ڪي طاقتور سبب هئا. جيئن هڪ دور جي سائنس (ٽيڪنالاجي) ٻئي دؤر ۾ ثقافت بنجي ويندي آهي تيئن هڪ دور جو فلسفو ٻئي دور ۾ ادب بنجي ويندو آهي. روماني ادب جي پاڙ به ان کان اڳ واري فلسفي يعني روسو، ڪانٽ ۽ ٻين مفڪرن جي فلسفي ۾ کتل آهي. تنهنڪري رومانيت کي سمجهڻ کان پهرين روسو کي ڪجهه سمجهڻو پوندو ۽ روسو کي سمجهڻ لاءِ وري اهو بيحد ضروري آهي ته ”عهدِ روشن خيالي“ (Age of enlightenment) بابت ٻه اکر چئجن. سترهين صديءَ جي اڌ کان پوري ارڙهين صديءَ واري دؤر کي روشن خياليءَ جو دؤر سڏجي ٿو. هي دؤر عقل جو دؤر هو ۽ عقل جي بنياد تي حاصل ڪيل سائنس جو دؤر هو. هي دؤر علم جي بالادستي ۽ تعليم ذريعي ذهنن کي منور ڪرڻ جو دؤر هو. هن دؤر ۾ چيو ويو ته فطرت عقل جي تابع آهي. مذهب ۽ اخلاقيات به عقل جي ڪسوٽي تي پرکجڻ لڳا. قرونِ وسطيٰ جي اونداهي دؤر ۾ غربت ۽ جبر کي لکيي جو ليک سمجهيو ويندو هو، پر هن دؤر ۾ ان کي جهالت جو نتيجو سمجهيو ويو، جنهن جو حل هو علم ۽ عقل. عقل ۽ علم جو ماخذ فطرت کي سمجهيو ويو نه ڪه مذهب کي. خدا کي سمجهڻ جو ذريعو به عقل کي قرار ڏنو ويو. ڊيوڊ هيوم، لاڪ، مونٽيسڪيو، نيوٽن، ايڊم سمٿ، والٽيئر ۽ ٽام پين وغيره وارن تجربي ۽ مشاهدي کي بنيادي حيثيت ڏيندي، انهن کي علم جو بنيادي ماخوذ سمجهيو ۽ مذهب ۽ تصوف کي بطور ”علم جي ماخذ“ جي رد ڪيو. جتي عهدِ روشن خيالي اڳتي هلي جديد مغربي سائنس ۽ تهذيب جو روپ ورتو، اتي روشن خياليءَ جي مخالفت ۾ چيلهه کي سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيو جي جي روسو. روسو (1778-1712) تهذيب ۽ تمدن کان سخت بيزار هو. هو سائنس جي مخالفت، عقل جي مخالفت ۽ ان جي ذريعي جنم وٺندڙ تهذيب ۽ ثقافت جي مخالفت ڪرڻ لڳو. سندس خيال هو ته عقل ۽ سائنس انسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، انسان جو سڪون برباد ٿي ويو آهي ۽ انسان جي نجات انهيءَ ۾ آهي ته هو شهري تهذيب ۽ تمدن کي الوداع چئي، جهرجهنگ جو رخ ڪري. سندس مشهور نعرو هو، ”فطرت ڏانهن واپس وڃو.“ (Go back to nature) سندس خيال هو ته فطرت جي ڪٺن مگر سادي زندگي ئي انسان کي خوشي ۽ اطمينان ڏيئي سگهي ٿي. عقل ۽ سائنس تي ٻڌل زندگي انسان کي سواءِ ذهني عذاب ۽ ڏکن سورن جي ٻيو ڪجهه نه ڏيئي سگهندي. خدا کي سڃاڻڻ لاءِ عقل جي بجاءِ ايمان کي ڪم آڻجي. انسان جي رهبريءَ لاءِ عقل جي بجاءِ وجدان کي ذريعو بنائجي ۽ طرزِ زندگي توڙي ذاتي خوشيءَ جي حاصلات لاءِ فڪر جي بجاءِ احساسات کي اوليت ۽ اهميت ڏجي. روسو جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ڪانٽ (1804-1724) به خدا کي سڃاڻڻ لاءِ عقل بجاءِ ايمان کي ترجيح ڏني ۽ چيو ته جماليات خالص دل جو معاملوآهي ۽ عقل کي پنهنجي ٽنگ اڙائڻ نه گهرجي. ڪانٽ جي فلسفي کي شيلنگ (1854-1775) اڳتي وڌايو. جنهن فطرت ۾ روحِ عالم کي ڏٺو، جيڪو فطرت سان گڏوگڏ انسان جي جسم ۽ ذهن ۾ به جاري و ساري آهي. روشن خيالي جو مخالف ۽ ارڙهين صديءَ جو اهو خرد دشمن فلسفو، اوڻيهين صديءَ ۾ روماني ادب جو روپ وٺي، پنهنجي زور و شور سان نمودار ٿيو. رومانيت هڪ ادبي ۽ فني تحريڪ هجڻ سان گڏ طرزِ زندگي ۽ طرزِ عمل پڻ بنجي ويئي. رومانيت جي تحريڪ پهرين جرمني کان شروع ٿي ۽ پوءِ اها فرانس ۽ انگلستان کان ٿيندي، پوري يورپ ۽ آمريڪا تائين پهچي ويئي. رومانيت جا ترڪيبي جزا: بنيادي طور رومانيت هڪ خرد دشمن تحريڪ هئي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ احساسات ۽ جذبات کي غور ۽ فڪر تي فوقيت ڏيڻ جي قائل هئي. هيءَ تحريڪ جيئن ته گهڻ پاسائين هئي، تنهنڪري ان جي هر پهلو جو مختصر جائزو ضروري آهي. (1) فطرت: شيلنگ فطرت ۾ روحِ عالم کي جاري و ساري ڏٺو هو. ان کان پهرين اسپائنوزا چئي چڪو هو ته فطرت خدا جو هڪ روپ يا صفت آهي. روماني شاعرن به فطرت کي هڪ بي جان مادو سمجهڻ بجاءِ ان کي هڪ جيئري جاڳندي روپ ۾ ڏٺو. انهن وٽ فطرت هڪ نامياتي جسم (organic body) هئي. فطرت تهذيب جي تباه شده ۽ معذور معاشري لاءِ هڪ جاءِ پناه ۽ زخمي روحن جي لاءِ هڪ مرهم هئي. فطرت جي حسن روماني شاعرن کي ديوانو بنائي ڇڏيو. بلند قامت پهاڙ، برق رفتار جابلو نديون، طوفاني برساتون، برفاني راتيون، چنڊ جي چانڊوڪي، گهاٽا ٻيلا، جهنگلي جيوت جا ٽولا، پکين جا ولر، کنوڻين جا تجلا، ڪڪرن جي گجگوڙ، صحرائن جا پنڌ، بيابانن جا گس، تاريخي عمارتن بلڪه عمارتن جي کنڊرن ۾ حسن جي تلاش وغيره وغيره روماني شاعرن جا نه صرف موضوع هئا بلڪه انهن جي تلاش ۾ روماني شاعر سياح بنجي سفر به ڪندا رهيا. روماني نوجوان برفاني راتين ۾ چانڊوڪيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ نڪري پوندا هئا، جن مان ڪي ته ڪڏهن به موٽي نه سگهيا. (2) تخيل: تخيل جيئن ته ادب جو هڪ لازمي عنصر آهي تنهنڪري روماني تحريڪ جو گهڻو دارومدار تخيل تي هوندو هو. تخيل جنم ڏيندو آهي تخليق کي ۽ تخليق ڪرڻ هڪ خدائي ڪم آهي ــ تنهنڪري تخيل ۽ تخليق کي انساني ذهن جو سڀ کان اعليٰ ۽ افضل فعل قرارڏنو ويو، جڏهن ته عهدِ روشن خياليءَ ۾ ذهن جو افضل ڪارنامو ”عقل“ هو جنهن جنم ٿي ڏنو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي. (3) وجدان: عهدِ روشن خيالي جو انداز مدلل ۽ منطقي هو، پر رومانيت راهه ورتي وجداني ولولي، جوشيلي جذباتيت ۽ جنوني جبلت جي ۽ بيحد اهميت ڏني احساسات کي. ورڊس ورٿ اعليٰ شاعريءَ جي وصف هيئن بيان ڪئي: ”اعليٰ شاعري اها آهي جنهن ۾ پُرزور احساسات بي ساختگيءَ سان ڇلڪي پون.“ يعني شاعري هڪ داخلي هيجاني ڪيفيت آهي ۽ ان جو ڪم اهو نه آهي ته خارجي دنيا جي عڪاسي ڪندي وتي. داخلي هيجاني ڪيفيت سان وجدان کي بيدار ڪندي جڏهن جذبا اٿل کائين ٿا ته شاعر اندر جي اونهائين ۾ وڌيڪ پيهي وڃن ٿا ۽ ائين هو پنهنجي ”خودي“ سان نه صرف متعارف ٿين ٿا، پر سندن خودي به ارتقا پذير ٿئي ٿي. (4) انفراديت: رومانيت جو دؤر ۽ صنعتي انقلاب جو دؤر گڏ گڏ هلي رهيا هئا. معاشرو تبديل ٿي رهيو هو، ڇو ته پئداوار جا اوزار تبديل ٿي رهيا هئا ۽ اجتماعيت جي جڳهه انفراديت والاري رهي هئي. روماني شاعرن خصوصي طور بائرن انفراديت کي تمام گهڻو فروغ ڏنو. فرد پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ هيرو هو، جيڪو بهادر، بي خوف، بي لوث، آزاد، بي پرواهه ۽ باغي هو. هن کي سماجي رسمن، رواجن، قانونن ۽ نظامن کان نفرت هئي، پوءِ نظام چاهي ملڪي ۽ مذهبي هجن يا سماجي ۽ سياسي. انفراديت پسند آرٽسٽ ته ادبي اصولن سان به بغاوت ڪري ٿو ۽ رواجي گهاڙيٽن ۽ هيئتن (forms) جي ڪا پرواهه نٿو ڪري. هن وٽ اهميت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته بي ساخته، اڇل کائي نڪرندڙ احساسن کي ڪنهن به طريقي سان قلمبند ڪري. سياسي ميدان ۾ به انفراديت کي هٿي ملي. روماني باغي سماجي، قانوني، رياستي، ۽ مذهبي ريتن، رسمن ۽ قانونن کي نٿو مڃي. هو انفراديت جي راهه وٺي ٿو ۽ بقول رومانيت پسندن جي ته سندس ملاقات ”خود“ سان ئي ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي خود دريافت ڪري ٿو. (جيڪو گهڻو ڪري نيپولين، هٽلر ۽ مسوليني جو روپ وٺي فاشسٽ يا نازي بنجي، نظامن کي تباهه، رياستن کي تهس نهس ۽ عالمي امن کي برباد ڪريو ڇڏي). (5) هيبت ناڪ شين ڏانهن ڪشش: رومانيت جو هڪ عنصر هيبت به هو. قديم قلعا جيڪي کنڊر بنجي چڪا هجن، پراسرار پهاڙي رستا، جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون، ڏائڻيون، جادوگر، ديو، پريون، جادوگر جي قبضي ۾ شهزاديون وغيره وغيره ڪافي اهم روماني موضوع هئا، جن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هو ــ پر انهن فضوليات ۾ رومانيت پسندن کي پرلطف رومان نظر ايندو هو. قديم شيون ۽ قرونِ وسطيٰ جي دؤر سان وابسته شين سان انهن کي بي پناهه محبت هئي. (ساڳيو جنون ڪجهه سنڌي رومانيت پرستن کي به آهي). (6) لوڪ ادب: اوائلي روماني دؤر ۾ جرمنيءَ ۾ لوڪ ادب تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو. گِرم ۽ جيڪب ڪانبو ٻڌي ڳوٺن ۽ وسندين ۾ ڪاهي پيا ۽ اتان لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ شاعري وغيره گڏ ڪندا ويا. ساڳيءَ ريت موسيقي ۾ لوڪ ڌنن کي وڌيڪ اهميت ملڻ لڳي. دراصل اهو ردِ عمل هو صنعتي شهري زندگيءَ جو جنهن ۾ پڙهيل ماڻهو خصوصاً مڊل ڪلاس جو ماڻهو منافقي واري زندگي گذاري رهيو هو جنهن تي رومانيت پسندن ترجيح ڏني سادن، سٻاجهڙن ۽ سچن ٻهراڙي واسين کي ۽ انهن جي ادب ۽ موسيقيءَ کي. (7) حسن کي ڪارج تي ترجيح: حسن ۽ حسن پرستي، رومانيت جو بيحد اهم جز آهي. حسن چاهي انسان جو هجي، فطرت جو هجي يا فن جو هجي، رومانيت پسند ان کي حد کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿو، بلڪ حسن کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي سچائي سمجهندي، ان کي هر چيز تي فوقيت ڏئي ٿو. نتيجي ۾ هو شين جي ڪارج جي بجاءِ انهن جي حسن کي ترجيح ڏئي ٿو. ڍڳو هر هلائي ٿو، تنهنڪري ڪارآمد آهي ئي ــ پر رومانيت پسند ڍڳي تي چيتي کي ترجيح ڏيندو ڇو ته چيتو ڏسڻ ۾ حسين آهي. مٿين جزن کان علاوه به رومانيت پسندن، ادب ۽ فن تخليق ڪيو. جا به شئي عقل جي خلاف ۽ جذبات مطابق هئي، ان کي پسند ڪيو ويو. جا به شئي حسين هئي، ان کي ترجيح ڏني ويئي، پوءِ اها چاهي فضول ۽ تباهه ڪن ڇو نه هجي. رومانيت جا اثرات: رومانيت جي دؤر ۾ سٺو ادب ۽ فن تخليق ٿيو. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته اهو بهترين ادب هو. ڇو ته وڏا نقاد شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي ادب کي عظيم ادب ۽ روماني ادب کان بهتر ادب سمجهن ٿا. بهرحال هن دؤر ۾ ورڊس ورٿ، بائرن، شيلي، ڪيٽس ۽ ڪالرج بيحد مقبول شاعر هئا، جن فطرت، محبت ۽ ٻين روماني موضوعن تي جاندار ۽ زوردار شاعري ڪئي. هر طرف روماني ادب، شاعري، مصوري ۽ موسيقي گونجڻ لڳي جيڪا نوجوانن کي ڏاڍو متاثر ڪرڻ لڳي ۽ رومانيت يورپ جي تقريباً هر نوجوان جي زندگيءَ جو طرزِ عمل بنجي وئي. عقل جي مخالفت، روماني نوجوانن کي جتي ڪيف ۽ سرور جا ليپ چاڙهي ڇڏيا، اتي انهن کي زندگي ۽ معاشري کان به پري ڪري ڇڏيو. فطرت جي محبت ۾ هو زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ حقيقتن کان منهن موڙڻ لڳا. خوابن کي حقيقي زندگيءَ تي ترجيح ملڻ لڳي. حال جي حقيقتن کان مفرور ٿي، ماضي پرستي جا مزا وٺجڻ لڳا. احساسن ۽ جذبن، عقل ۽ فهم جي جاءِ والاري. شهري زندگي سان نفرت ۽ ڳوٺاڻي زندگي سان محبت وڌڻ لڳي. هر قسم جي روايت، قانون ۽ رسم رواج خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ٿيڻ لڳو. روايتي لباس، روايتي طور طريقا، فن جون روايتي بندشون نفرت جي نگاهه سان ڏٺيون وڃڻ لڳيون. اخلاقي اصولن سان بغاوت، امن ۽ سڪون سان بغاوت، معاشري جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي پابندين سان بغاوت، جديد معيشت ۽ صنعتي گوڙ شور سان نفرت، جوش و جذبي، ولولي ۽ پرخطر زندگيءَ سان محبت، انفرادي زندگي سان محبت، اجتماعي زندگيءَ سان نفرت، قوم پرستي عروج تي، انقلاب زنده باد، حقيقي تاريخي ۽ سائنسي حقيقتن کان لاپرواهي، ڪوڙن قصن ۽ ديومالائي داستانن لاءِ ديوانگي. غير اهم، فضول، تباهه ڪن ۽ پرتشدد شين ۾ حسن جي تلاش ڪرڻ رومانيت پسندن جو دلچسپ مشغلو هو. برٽرينڊ رسل لکي ٿو، ”رومانيت پسند شديد جذبات جا قائل هوندا آهن، پوءِ نتيجو خواه ڪجهه به نڪري. روماني محبت خصوصاً جڏهن اها ناڪام هجي، رومانيت پسندن کي ڏاڍي وڻندي آهي. شديد جذبات گهڻو ڪري تباه ڪن ٿين ٿا. نفرت، حسد ۽ ساڙ، غم ۽ اندوه، فخر ۽ وڏائي، فوجي قسم جي بهادري وغيره اهڙا جذبا آهن، جن جي شدت انسان کي سڪون جي بجاءِ تشدد پسند ٺاهيو ڇڏي. (سياسي) رومانيت پسند آخرڪار هڪ بدنظم باغي يا جابر فاتح بنجيو وڃي.“ رومانيت پسندن فلسفي تي تصوف کي ترجيح ڏني، علم۽ عقل تي احساسن کي ترجيح ڏني، سائنس ۽ تحقيق تي ايمان ۽ تخيل کي ترجيح ڏني. رومانيت جيئن ته حقيقت کان فرار جو هڪ پرلطف پيچرو هو، تنهنڪري هر ڪو ان راهه جو راهي ٿيڻ لڳو. سج جي تيز گرميءَ ۾ ٻني کيڙڻ بجاءِ، رات جي چانڊوڪي ۾ محبوب جي ذلفن جي تعريف ڪرڻ آسان به هئي ته مزيدار پڻ. ڪنهن ڪارخاني ۾ اٺ ڪلاڪ مشقت ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم هو، پر ڪنهن جلسي ۾ انقلاب انقلاب جا نعرا هڻڻ انتهائي ولوله انگيز تجربو هو. هر ان تحريڪ جو حتمي نتيجو ناڪاميءَ جي صورت ۾ نڪرندو آهي جيڪا عقلي بنيادن تي نه هجي. جنهن عمارت جي پيڙهه ۾ جذبات جي ڀُرڀُري ۽ ڪچي مٽي هجي، ان عمارت کي ڍير ٿيڻ کان ڪير به بچائي نٿو سگهي. روماني تحريڪ به ناڪام ٿي وئي. رومانيت پسندي جو تعلق نوجواني سان آهي. روماني طوفان جو اثر وڌ کان وڌ ٽيهن سالن واري ڄمار تائين هوندو آهي ۽ ان کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿيڻ لڳندو آهي. ڪالهه جا اهي رومان پسند، اڄ جا پڪا آلي عيالي ٿي ويهي رهن ٿا. سڄو ڏينهن سونهن سونهن ڪرڻ بجاءِ پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ صبح شام محنت ڪرڻ لڳن ٿا. حقيقت کان دوري انسان کي انسانيت کان دور ڪري ڇڏي ٿي. جيڪي رومانيت کان نڪري حقيقت جي دنيا ۾ موٽي آيا، اهي بچي ويا ۽ جيڪي نه موٽيا، اهي يا ته چريا ٿي ويا، يا خودڪشي ڪيائون يا بدنظم باغي بنجي انتشار ڦهلايائون. روسو جي پرستار انهن بدنظم باغين يا پاڻ کي ۽ ٻين کي تباهه ڪري ڇڏيو يا فاتح بنجي ظالم حڪمران ٿي ويا. روسو جي مداح ابيسپيري جڏهن فرينچ انقلاب کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو ته هن پهريون وار پنهنجي ساٿين تي ڪيو ۽ انهن جا سر قلم ڪرائي، پاڻ بادشاهه کان به بدترين حڪمران بنجي ويهي رهيو. رومانيت بطور تحريڪ جي ته اوڻيهين صديءَ جي آخر تائين ناڪام ٿي ويئي ليڪن ان جي باقيات اڄ تائين هلندي اچي. يورپ ۾ ته اها نالي ماتر آهي، پر غريب ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ زور شور سان جاري آهي. اسان وٽ به روماني ادب ۽ شاعري خوب سرجن پيا. ڇو ته جتي ماڻهن ۾ تلخ حقيقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ همت نه هجي، اتي روماني ادب فراريت لاءِ هڪ زور اثر گوري (Tablet) جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو مقصد ڪثيرالجهت مسئلن جو حل ڪونهي، پر صرف لمحاتي خوشي آهي. بشڪريه سارنگا۔