نوري ڄام تماچي جي ماڳ ڪينجھر کي عالمي معياري تفريح گاهه بڻائڻ لاءِ کنيل قدم

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نوري ڄام تماچي جي ماڳ ڪينجھر کي عالمي معياري تفريح گاهه بڻائڻ لاءِ کنيل قدم
    [​IMG]
    شاهه محمد مغل
    هونئن ته سڄي سنڌ ڌرتي تاريخ جي نه وسرندڙ ڪردارن، داستانن، ماڳن ۽ مڪانن سان بهار جي مند جان ٽڙندڙ آهي، پر ضلعي ٺٽي جي تاريخي حيثيت کي گذريل ڪيترن ئي سالن کان برقرار رکندڙ ڪينجهر ڍنڍ جي اهميت ڄڻ ته ڪنوار جي مٿي جي جهومر هجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي لاکيڻي لطيف پنهنجي سدا بهار شاعري ۾ ڪينجهر جي حسن ۽ سونهن کي جيڪا ڀيٽا ڏني آهي، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي قدرت جي فطرت، سونهن ۽ سوڀيا جو انمول تحفو آهي، جنهن جي سار سنڀال لهڻ نه صرف حڪومت بلڪ اسان سڀني ساڃاهه وندن جو قومي ۽ اخلاقي فرض پڻ آهي. ڪينجهر جي سيني ۾ هندوري جيان لڏندڙ لهرن جي دلفريب ۽ دلڪش مستي ۾ نوري ۽ ڄام تماچي جي لوڪ داستانن جون هن مهل به يادون ذهن تي تري اچن ٿيون. اٽڪل 48 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي هم چورس ڊگهي پکيڙ جي چئن ئي پاسن تي جتي پهاڙن جون قطارون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون اتي وري ڀرسان وهندڙ سنڌو درياهه جي اوج ۽ ٽئين پاسي بئراج ۽ چوٿين پاسي زرعي زمينون توڙي مڪامي ماڻهن جون قديم وسنديون پڻ وڏي رونق جو نظارو ڏئي رهيون آهن. ماضي جي حڪومتن پاران ڪينجهر ڍنڍ کي ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن جي وڌندڙ دلچسپي توڙي انهن جي ڍنڍ تي اچ وڃ کي سامهون رکندي مختلف ترقياتي رٿائن جا اعلان ته ڪيا ويا پر عملي طرح ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا، جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي ته هن ملڪ جي ترقي سلامتي، خوشحالي، ادارن جي مضبوطي، بيروزگاري جي خاتمي ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ سميت ٻيا عوامي ڀلائي جا ڪم ڪري ملڪ ۽ قوم ۾ خوشحالي آندي آهي. هن ڀيري به جڏهن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ان ڏينهن کان وٺي ملڪ جي سمورن شعبن کان علاوه تاريخي ماڳن ۽ قديمي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ توڙي ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن کي تفريح جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا آهن. صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري، وزير اعظم جناب سيد يوسف رضا گيلاني، وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين وزيرن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن ۽ خواب کي پورو ڪرڻ ۽ سندس ڪيل واعدن کي سندن درن تي بنيادي حق ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي هڪ عوامي جمهوري ۽ غريب عوام جي پارٽي آهي، جنهن ۾ هاري مزدور ۽ غريب عوام جو ساهه سانڍيل آهي، جن هر مشڪل دور جي گهڙي ۾ پارٽي سان ساٿ نڀائي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن وقت به ملڪ جا همدرد ۽ سچا ماڻهو هن عوامي پارٽي سان گڏ آهن ۽ انهن ئي غريب ماڻهن گذريل عام چونڊن دوران پيپلز پارٽي جي قيادت تي جيڪو پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو هو موجوده حڪومت سندن ان سچي محبت ۽ ساٿ جا ٿورا مڃڻ ۽ انهن جي بهتري لاءِ ملڪ ۽ صوبي ۾ سوين مختلف منصوبا جوڙي انهن تي ڪم شروع ڪيو آهي ته جيئن اهو انهن منصوبن سان ڀرپور فائدو حاصل ڪري پنهنجو مستقبل روشن ڪري سگهن. گذريل ٻن سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ آيل عوامي جمهوري حڪومت سنڌ جي سر زمين جي تاريخ، قديمي ۽ ثقافتي ماڳن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جيڪي تڪڙا ۽ جٽادار قدم کنيا آهن انهن کي هرگز وساري نٿو سگهجي، خاص طور تي ٺٽي ضلعي مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊجي سنڌ اسيمبلي ۾ پهچندڙ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو جي اڻ ٿڪ ڪوششن ۽ قدمن کي پڻ وساري نٿو سگهجي، جيتوڻيڪ هاڻي وٽس سياحت کاتي جو قلمدان نه رهيو آهي پر ان جي باوجود پنهنجي ٻن سالن جي وزارتي دور ۾ سنڌ جي تاريخي ورثي ڪينجهر ڍنڍ جي سونهن ۽ حسن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ لاءِ هن جيڪي ڏينهن رات محنتون ۽ ڪوششون ورتيون آهن اهي قابل تعرف آهن. محترمه سسئي پليجو سنڌ جي هن تاريخي ورثي ڪينجهر ڍنڍ جي اهميت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ 2009ع ۾ ڍنڍ جي ڪناري تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪينجهر ميلو منعقد ڪرايو جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ هٿ جي تيار ڪيل شين سميت سياحن کي وڌ کان وڌ تفريح جا سٺا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مٽڪن ۽ پيڙين تي مهاڻن جي ترڻ جا مقابلا، اسڪولي ٻارن جي چٽا ڀيٽي جا مقابلا، گيت، ٽيبلوز ۽ خاڪن سان گڏ سنڌ جي ڀلوڙ فنڪارن احمد مغل، ضامن علي ۽ ٻين فنڪارن جمن فقير جي سازن تي سرن جي سنگيت ڄڻ ته ڪينجهر جي ستل هرڻ کي جاڳائي ڇڏيو. ان محفل موسيقي جي پروگرام جي سٺي سنڌ مان ڪهي آيل مردن، عورتن، معصوم ٻارن ۽ اسڪولي شاگردن رقص ۽ جهومريون هڻي رهيا هئا. اتي کين سنڌ جي مزاحيه فنڪار قادر بخش مٺو کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو هو. محترمه سسئي پليجو جي ٻي تاريخ ساز ڪوشش اها پڻ ڏسڻ ۾ آئي ته هن ثقافت ۽ سياحت کاتي سان لاڳاپيل وفاقي توڙي ملڪ جي چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي صوبائي وزيرن کي جنوري 2010ع تي ڪينجهر ڍنڍ جو دورو پڻ ڪرايو ته جيئن ثقافتي ۽ سياحتي سرگرمين کي سڄي ملڪ ۾ هٿي ڏياري اجاگر ڪري سگهجي. ان موقعي تي ثقافت ۽ سياحت جي وفاقي وزير عطاءُ الرحمان جو چوڻ هو ته تاريخي ماڳ ۽ مڪان نه صرف اسان جي سڃاڻپ آهن بلڪ اسان جو تاريخي ۽ ثقافتي ورثو پڻ آهن، جن کي ترقي ۽ هٿي ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان هزارين سياح گهمڻ ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا، جنهن جي ڪري هي ڍنڍ خاص طور تي ٺٽي ضلعي جي معيشت ۾ وڏي حيثيت رکي ٿي. هن ڍنڍ مان ٺٽي ضلعي اندر موجود زرعي زمينن کي پاڻي جي فراهمي سان گڏ ڪراچي جي ڏيڍ ڪروڙ انساني آبادي کي پڻ پيئڻ جو اضافو پاڻي هن ڍنڍ مان فراهم ڪيو وڃي ٿو. لطيف سرڪار جي سرن ۾ سونهن سڻ ڪينجهر ڍنڍ تي عالمي معيار جون رنقون ڏيارڻ لاءِ جيڪڏهن پ پ جي موجوده عوامي جمهوري حڪومت جا کنيل جٽادار قدم ۽ ڪوششون جڏهن حقيقي روپ اختيار ڪري وٺندا ته پوءِ سنڌ جو هي تفريح گاهه دنيا جي مشهور سياحتي ماڳن ۾ شامل ٿي ويندو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهون ٿا ته هي ڍنڍ جتي سياحن لاءِ تفريحي جو تاريخي ۽ خوبصورت ماڳ آهي اتي هزارين مهاڻن کي روزگار پڻ فراهم ڪري ٿو. ڍنڍ مان مڇي مارڻ سان پڻ حڪومت کي ٽيڪس ملي ٿو تنهن ڪري ڍنڍ ۾ ٻيجارو ڇڏڻ نه صرف مهاڻن جي روزگار جي بقا هوندي بلڪ مهاڻن کي تحفظ پڻ ملندو. سنڌ جي هاڻوڪي ثقافت کاتي واري وزير ۽ جمهوريت لاءِ بهادري، همٿ جرئت سان جدوجهد ڪندڙ محترمه سسئي پليجو وٽ جيتوڻيڪ هن وقت سياحت کاتي جو قلمدان نه رهيو آهي پر سندس هم منصب موجوده سياحت کاتي جي صوبائي وزير محترمه شازيا عطا مري پڻ هن وانگر ئي جدوجهد جاکوڙ ۽ نه ٿڪجڻ واري وزير آهي تنهن ڪري پوري صوبي سميت ضلعي ٺٽي جي عوام کي اها اميد آهي ته هو پنهنجي وزارت واري منصب ۾ سنڌ جي سمورن تاريخي ماڳن ۽ قديمي ورثي سميت ڪنيجهر ڍنڍ جي ترقي ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳڀرا قدم کڻندي.
    بشڪريه عوامي آواز
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو