تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    منير سولنگي
    تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،
    تون ساٿ اچي ڏيندين سڀ وهم اجايا ها.

    آخر ته چري دل آ، جو تنهنجي مٿان هرڪي،
    برسات اُٺي غم جي، ته به نيڻ اجاياها.

    معراج ڏسي ڪوئي ها، منهنجي مسرت جو،
    جنهن وقت پرينءِ منهنجي گھر پير گھمايا ها.

    جذبن جي گلستان ۾ هڪ وار نهار آئي،
    سيني تي پٽا جڏهن تو نانگ نمايا ها.

    آباد رهي ساقي، شل تنهنجو هي ميخانو،
    ڪڏهن ته اسان ڀي هت، ڪجھ جام لٽايا ها.

    تڙپيس ۽ رنس ليڪن هن خونه مٽي پنهنجي،
    پٿر جي خدا آڏو سجدا مون گنوايا ها.

    هر وقت مٺا ماندو، توڪاڻ ”منير“ آهي،
    تو جنهن کي صنم جلون جا چنڊ چمايا ها۔​



    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،

    آخر ته چري دل آ، جو تنهنجي مٿان هرڪي،
    برسات اُٺي غم جي، ته به نيڻ اڃاياها.

    بهترين شآعري ونڊ ڪئي آهي اوهان۔ هتي عاشق پنهنجي ڪيفيتن کي ڪيئن ٿو واضح ڪري سو صاف ظاهر آهي۔ ادا عاشق اوهان عاشقن جو ذڪر ڪيو آهي، هنن ڪهڙا جتن ڪيا آهن ان کي به ٻڌايو آهي۔

    مهرباني 
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،

    ادا عاشق بهترين شاعريءَ جو ونڊ ۽ ڊزائين ۾ به بهترين ڪوشش آهي، توهان ڪوشش ڪري ڦوٽوشاپ جي ڊزائين ۾ اڃان بهترين آڻيو۔۔۔ رنگن جو امتزاج ۽‌ اکرن جي سائيز ۽ آئوٽ لائين کي ٿورو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔ تمام بهترين ڪوشش آهي۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،

    ادا لاجواب.......
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،

    ها ادا مست بلڪل مان اڃان سکان ٿو۔ اوهان جي دعا کپي۔
    مهرباني ادا مست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو