ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪمپيوٽر ۽ سنڌ جا ماڻهو

ڪيئي سال اڳ هڪ ڪچهريءَ ۾ ڪمپيوٽر جي ذڪر تي سائين جي ايم سيد مون کان پڇيو هو ته، ”اهو ڪمپيوٽر اصل ۾ آهي ڇا؟“ مون سائين کي پنهنجي ڄاڻ ۽ سمجهه موجب ٻڌايو هو ته، بابا! ڪمپيوٽر فلاڻي طرح سان ٺهيل هڪ مشين آهي، فلاڻا فلاڻا ڪم ان تي ڪري سگهجن ٿا وغيره وغيره. پر سچ اهو ئي آهي ته مان سائينءَ کي مطمئن ڪندڙ ڳالهه نه ٻڌائي سگهيو هيس ته ڪمپيوٽر آهي ڇا؟ ۽ اڄ به مون کي صحيح معنيٰ ۾ خبر ناهي ته ڪمپيوٽر آهي ڇا؟ پر سنڌ کان ٻاهر نڪرڻ، خاص ڪري آمريڪا ۾ پهچڻ تي خبر پئي ته زندگي جي وهنوار ۾ ڪمپيوٽر گهڻو ڪجهه کان به وڌيڪ شئي آهي. ڪمپيوٽر ڪتاب آهي، لائبريري آهي، اسڪول آهي، يونيورسٽي آهي. بلڪه ڪمپيوٽر هڪ پورو علم جو سمنڊ آهي. ڪمپيوٽر خط آهي، ڪمپيوٽر پوسٽ آفيس آهي، فون آهي، ٽي وي آهي، سينيما آهي، ڪمپيوٽر دوست آهي، ساٿي آهي، مهربان آهي، مددگار آهي. ڪمپيوٽر استاد آهي، رهنما آهي، چوڪيدار آهي. ڪمپيوٽر الائي ڇا جو ڇا آهي!! ٻين ملڪن جي خبر ناهي، پر آمريڪا سڄو ڪمپيوٽر تي ٿو هلي. جنگ ۽ جاسوسيءَ کان ويندي هوائي جهاز، ريل ۽ روڊ کان وٺي سامونڊي سفر تائين، پزاهٽ، ميڪڊونلڊ ۽ ڪي ايف سي جي ننڍڙن ننڍڙن ريسٽورنٽس کان وٺي وال مارٽ، ڪي مارٽ، سيئرس مارشل ۽ ٽارگيٽ وغيره جهڙن وڏن سپر اسٽورن تائين، بيمارين جي ٽيسٽن ۽ علاج کان وٺي آپريشن ٿيٽر تائين، ٻنيءَ ۾ دوائن جي ڦوهاري کان ويندي زمين کي پاڻي ڏيڻ، هر هلائڻ، فصل لڻڻ تائين، ڏوهارين کي ڳولهڻ ۽ ڏوهه ثابت ڪرڻ کان وٺي سزائون ڏيڻ تائين، سمنڊ جي پاتال ۾ لڪيل رازن کان وٺي ڪائنات جي نظام ۽ مريخ تي زندگيءَ جي ڳولا تائين هتي سڀ ڪجهه ڪمپيوٽر آهي. ڪمپيوٽر دنيا ۾ هر جاءِ تي پهچي چڪو آهي.
آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جو ننڍڙو شهر ايلڪيمپو هجي يا سنڌ جو ٽنڊو الهيار، مصر جو سوئيز هجي، يا آئيسلينڊ جو ريڪجيوڪ، ڪمپيوٽر هر هنڌ موجود آهي، پر پوءِ ڇا سبب آهي جو ڪمپيوٽر مان جيڪي فائدا ترقي يافته ملڪن جو عوام وٺي رهيو آهي، اهي سنڌ جا ماڻهو باوجود سهولت ميسر هجڻ جي نٿا وٺن. ان جو سڌو سنئون جواب اهو آهي ته فرق ڪمپيوٽر جي استعمال جو آهي. جيڪو ڪمپيوٽر کي جنهن طريقي سان، جنهن مقصد لاءِ استعمال ڪندو، اهو اهڙو ئي فائدو حاصل ڪندو. ڪمپيوٽر سنڌ جي نوجوانن کي ميرو خان، ڏوڪري، جنگشاهي ۽ روهڙيءَ کان ويندي ڪئماڙي ۽ ڪشمور تائين هر شهر، هر ڳوٺ ۾، سندن گهرن ۾ آڪسفورڊ، ڪئمبرج ۽ هارورڊ يونيورسٽي آڻي ڏني آهي. بٽڻ دٻايو ۽ انهن يونيورسٽين ۾ گهڙي وڃو. دنيا جي ڪنهن به معاملي تي توهان کي ڪا به معلومات، ڪو به سوال پڇڻ لاءِ ڪنهن کي به منٿ ميڙ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. بنا دير جي ۽ بنا ناراضگي يا خفت جي توهان پنهنجي گهربل معلومات گهر ويٺي حاصل ڪري سگهو ٿا. پر وري به سوال اهو ئي ساڳيو آهي. يعني ڪمپيوٽر جي صحيح استعمال جو. ڪمپيوٽر سرحدون ٽوڙي ڇڏيون آهن، هاڻي ڪنهن به ٻئي ملڪ يا نظريي جو ڪتاب پاڻ وٽ رکڻ سان ڪو به حڪومتي عتابن جو شڪار نٿو ٿي سگهي. ڪمپيوٽر سڄي دنيا جا ڪتاب توهان جي گهر ۾ آڻي رکيا آهن. دنيا جي ڪهڙي اخبار پڙهڻ چاهيو ٿا؟ نيويارڪ ٽائيمس، شڪاگو ٽريبيون يا هيوسٽن ڪرونيڪل؟ بس ڪلڪ ڪريو، اها اخبار نيويارڪ جي ماڻهن تائين پوءِ پڄندي پهريان توهان جوهيءَ ۾ ويهي پڙهي سگهو ٿا. ڪمپيوٽر تي چيٽنگ به سٺي ڳالهه آهي، پر ڪمپيوٽر رڳو چيٽنگ لاءِ ناهي. نه ئي ڪمپيوٽر ڪا ڇوڪريون ڦاسائڻ جي مشين آهي. ڇوڪرين وارا نالا رکي پنج پنج ڪلاڪ انٽرنيٽ ڪيفي ۾ ويهي فضول ڪمن ۾ پئسو ۽ وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته ڪمپيوٽر جهڙي عظيم شيءِ مان ڪو عظيم فائدو وٺجي. آمريڪا جي ناري چيٽنگ ۾ سنگت رکي پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ ڄامشوري پهچي وئي، اهڙيون ڳالهيون ورلي ۽ سالن ۾ ڪي هڪ ٿينديون آهن. اها به حقيقت آهي ته اهي ڪم ڪمپيوٽر تي رڳو سنڌي نوجوان ئي نٿا ڪن، پر سڄي دنيا ۾ اهي ڪم ٿين پيا. پر قوم، قوم جي ذميوارين ۾ فرق آهي. جيڪڏهن آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ترقي يافته ملڪ جا ماڻهو اهي ڪم ڪن ٿا ته انهن تي ڪا ميار ئي ناهي. انهن کي اهي ڪم سونهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن قومن کي زندگيءَ جا ٻيا خفا ناهن. سنڌ وانگر نه هنن جي قومي وجود کي ڪو خطرو آهي، نه بيروزگاري سبب انهن قومن جا نوجوان پاڻ کي باهيون پيا ڏين، نه انهن جي ٻوليءَ کي ڪو تباهيءَ ڏانهن مسلسل ڌڪا ڏئي رهيو آهي. نه انهن جي جيئڻ جو واحد حل ڪنهن سنڌو درياهه تي ڪو ڪالاباغ ڊيم اڏي رهيو آهي. نه انهن قومن جو پئسو ڪي ٻيا ملڪ يا صوبا، وفاق جي نالي ۾ کنيو وڃن ٿا. نه ئي انهن قومن جي ماڻهن ڌاڙيلن جي خوف سبب سج لهڻ بعد گهرن مان نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي نوجوانن جون ذميواريون ترقي يافته قومن جي نوجوانن جي ذميواريءَ کان قطعي مختلف آهن. سنڌ جا نوجوان پهرين پنهنجي قوم کي ان ليول تي وٺي وڃن، جتي دنيا جون ترقي يافته قومون آهن. پوءِ ڀلي فارغ وقت ۾ جيئن وڻين تيئن ڪن. پر هن وقت جڏهن سنڌ تاريخ جي ڏکئي دور ۾ گذري رهي آهي، ان وقت سنڌ جي نوجوانن پاران فضول ڪمن ۾ پئسو، وقت ۽ صلاحيتون برباد ڪرڻ، باضمير لاءِ قومي ڏوهه تصور ٿئي ٿو.
بشڪريه ڪاوش اخبار