• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا، ڏٺا سنڌ ڌرتي۔ ”مست“

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
قسم آهي مون کي اباڻي وطن جو،
بچيو ڪونه آهي، سڄڻ هن چمن جو۔

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا، ڏٺا سنڌ ڌرتي۔
ڇا اچڻو نه آهي، پهر ڪو سُکن جو۔

هي خودغرض پنهنجا، هي ظالم پراوا،
لٽي پيو چمن کي، هي ٽولو مِرُن جو۔

وڃي باهه وڌندي، ٿي ظلم و ستم جي،
اچي ڪو مسيحا، کڻي گل امن جو۔

ويا سنڌ کائي، هي ماڪڙ ماڪوڙا،
الله واهي آهي، سنڌو جي ٻچن جو۔

هُو مظلوم کي ڏِس، پيا رولي روئارن،
ڪري ڪوڙ واعدو، لٽن ۽ اجهن جو۔

ڪنهن نازڪ بدن کي، حوس جي رهنڊ ڏئي،
کسيو نور آهه ڪنهن؟ پويتر گلن جو۔۔

پِيا سنڌ آهي، پرين سنڌ آهي،
آهي مست شاعر، سنڌوءَ جي ڏکن جو۔

اسد علي ”مست“ ميرجت

جواب: ڏکيا ڏينهن ڏاڍا، ڏٺا سنڌ ڌرتي۔ ”مست“

ادا عاشق مجبور۔۔۔۔ مست جي دل جي درد کي سمجهيو اٿوَ ۽ ان کي وڌيڪ دوستن تائين پڄائڻ‌جي ڪوشش ڪئي اٿوَ، ان جي مهرباني۔۔۔ ڊزائين به تمام بهترين آهي، رنگ برنگي ڊزائين ۾ مست جي شاعري کي رنگڻ‌جي مهرباني۔۔ اهي توهان جا قرب اسان کي مستي ۾ نه آڻيندا ته ٻيو؟؟؟
 
مست عاشق تنهنجي مستي کي هر وقت سلام ڪندو آهي۔
سهڻا هن ناچيز جي اوهان کي ڊزائين وڻي۔ان لا مهرباني
مانجي ڪوشش آهي اڃان وڌيڪ گرافڪ سکان سو منهنجي ڪوشش جاري آهي۔صرف اوهان مستن فقيرن نثارن سمعن گلالن درويشن ديشين همانگيرن طاهرن وقارن ممتازن جي دعا کپي۔
 
سٺي ڳالهه آهي دوست۔۔۔ اهڙيون ڪوششون جاري رکو، جلدي سکي ويندو
 
Back
Top