• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

مان آهيان غلام مرتضى وساڻ

منهنجو تعلق ڪوٽڏجي ضلع خيرپور سان آهي. هن وقت منهنجي رهائش ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ آهي.

مان هن وقت تاج گروپ آف پيٽروليم ۾ مئنيجر طور ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جي اڱڻ تي دوستن کان ڪجه سکبو ۽ اميد آهي ته دوست هر قدم تي ساٿ ڏيندا .

ها آواره ماڻهون آهيــــون
پر دل وارا ماڻهون آهيون

ظاهر ڪيڏو خوش ٿا ڏسجون
پـــــــر ڏکيـــــــارا ماڻهون آهيون

لوڪ سمورو ڪيئن به سـمجهي
ڏاڍا پيــــــــارا مــــــاڻهون آهيـــــــون

پاڻ سمــــوري جڳ ۾ جاني
بلڪل نيارا ماڻهون آهيون

تنهنجي ڀاڪر ۾ آيا سين
ڀاڳن وارا ماڻهون آهيــــون

سنڌ سلامت جي ڀاڪر ۾ آهيون دوست پيار وارو ڀاڪر پائي پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيندا.
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

ادا غلام مرتضى وساڻ، اوهان کي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار ٿو چئجي۔۔ خيرپور جي ڇا ڳالهه ڪجي، ادا سليمان وساڻ جا لک ٿورا مڃون ٿا جن اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ جي باري ۾‌واقف ڪيو۔۔ اوهان جي ونڊ ڪيل شاعري مان محسوس ٿئي پيو ته يا ته اوهان پاڻ شاعر آهيو يا وري شاعريءَ جو شوق ۽‌ چاهه رکندڙ‌آهيو۔۔۔ اوهان جي تحريرن ۽ شاعريءَ جو انتظار رهندو
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا
توهان جي تعارف جو انداز نرالو آهي ادا مان اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀاڪر پايان ٿو سنڌ سلامت فورم جو ميبر ٿيڻ جي خوشي ۾ فقير طرفان هي آندل تحفو قبول ڪندا

basket14.jpg


passionate-red-flowers-799592.jpg

اميد ته فقير جا غريباڻا تحفو قبول پوندو


ادا اسان کي فورم تي توهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

ادا توهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد اميد ٿا ڪريون ته ڪجه توهان هتان سکندا .
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

مان غلام مرتضي وساڻ کي هن اڱڻ تي ڀليڪار پيو چوان۔ مرتضي وساڻ منهنجو مامو آهي ۽ سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي۔ ادب ۽ سياست جي سٺي ڄاڻ رکندڙ ۽ سٺو سماجي شخص آهي۔ اميد ته هو به سنڌ سلامت تي اسان کي ڪجه سيکاريندو ۽ ڪجه سکندو۔

ادا نثار ابڙي جي دوستن مان هڪ ۽ سندس ئي دعوت تي سنڌ سلامت جو ساٿي بڻيو آهي۔ اسان ۽ سنڌ سلامت سندس ٻانهن ٻيلي آهيون

سڻيم تنھنجو سڏ، پھتس پھتس او پرين،
ھيڻون اٿم ھڏ، پر سگھ ڏسين ٿو ساھ جي
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا
توهان جي تعارف جو انداز نرالو آهي ادا مان اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀاڪر پايان ٿو سنڌ سلامت فورم جو ميبر ٿيڻ جي خوشي ۾ فقير طرفان هي آندل تحفو قبول ڪندا

basket14.jpg


passionate-red-flowers-799592.jpg

اميد ته فقير جا غريباڻا تحفو قبول پوندا

ادا اسان کي فورم تي توهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
سدائين گڏ
فقير سائين اوهان جا گل يقينا سائين جن کي پسند ايندا هي عاجز پڻ سائين جن کي هن اڱڻ تي دل جي گهراين سان خوش آمديد چئي ٿو اميد ته سائين جن هن فورم جا هڪ بهترين رڪن ثابت ٿيندا.
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

سموري سٿ جي مهرباني جن مونکي پنهنجن کان وڌيڪ چاه ڏنو۔ خاص مهرباني ڦلپوٽي فقير جي جنهن گلدستو پيش ڪري دل خوش ڪري سنڌ سلامت لاء چاه وڌائي ڇڏيو

نوان آهيون غلطيون ٿينديون ، دير سوير ٿيندي پر دوستن سان گڏ آهيون
 
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام

اڄ جڏهن انٽرنيٽ جي ڪنيڪشن ساٿ ڏنو آهي ته دل چيو ته سنڌ سلامت جي دوستن سان سلام ڪلام ڪجي پر جڏهن ادي مرتضى وساڻ جي دوستي وارو هٿ نظر آيو ته سڀ ڪم ڪار ڇڏي کيس آدرڀا چوندي يقين پڇو ته خوشي :)) جي ڪا حد ناهي ۔۔۔

سهڻن دوستن جو ميلو مچندو ته نه فقط اڱڻ کي فائدو ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ٿيندي پر اسانکي شخصي دوست به سهڻا ۽ ڪارائتا نصيب ٿيندا ۔۔۔ جيئن ته دوست رب جي رحمت هوندا آهن انڪري اها رحمت جيتري وسيع ۽ گهري هوندي اوترو ڀلو ۔۔۔

ڀا مرتضى ڀاڪرن جي ڳالهه ڪئي آهي اسانجا ڳل ۽ دليون اوهان لئه کليل آهن ۔۔۔ لطيف چواڻي ته
دوست سڏائي سڀ ڪو، جاني زبانـي،
ٿئي آساني ڪم پوي ته، ڪل پوي۔
بيشڪ سچن دوستن جي ملڻ سان زندگي جي منزل جون هيٺايون ۽ مٿاهيون هموار ٿي وينديون آهن ۔۔۔

مرتضى وساڻ جي اچڻ سان اميد ته سنڌ سلامت جو سفر اڃان سڻائون ۽ سوڀارو ٿيندو ۔۔۔

دوست مرتضى! منهنجي طرفان اوهانکي پيار ۽ پاٻوهه مان ڀليڪار ٿي چئجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته اوهان جي هن اوطاق جي دوستن سان خوب گذرندي ۔۔۔

سلام دوست
 
Back
Top