جواب: استاد بخاريءَ کي سندس 18 ورسي جي موقعي تي سنڌ سلامت پاران سلام
ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن۔۔۔۔ سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ” استاد“ چوي ٿو ته؛
سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا،
منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا
مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن
اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا
استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛
مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن
تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن
مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن
استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛
جو قوم جياري جئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جئندو رهندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو
استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين.
جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر
ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر
مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي . سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ عوامي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا۔
ادبياتِ سنڌ تان ورتل