ڇا مورن جو نسل جلد ختم ٿي ويندو؟ ڀڳوان داس لوهاڻو مورن جي خوبصورتي ئي مورن جي دشمن آهي، ٿر ۾ مورن جي نسل ڪشي سبب نانگن ۽ بلائن جي انگ ۾ واڌ اچي وئي، گذريل اٺن مهينن دوران 995 ماڻهو ٿر ۾ نانگن ۽ بلائن جو شڪار ٿيا، وائيلڊ لائيف کاتو وسيلن جي نه هجڻ ڪري مورن جي بچاءَ ۽ ان جي واڌ ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ کان لاپرواهه بڻيل آهي، مقامي سماجي تنظيم مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مورن جو نسل بچائڻ ۽ ان جي واڌاري لاءِ گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ، مور بچايو نانگ ڀڄايو مهم ۽ سروي جاري آهي، ٿر ۾ مورن جا فارم قائم ڪيا آهن، ٿري ماروئڙن جو مورن سان رشتو به ڪمزور ٿي ويو، مور بي يارو مددگار پنهنجي منهن گهمڻ لڳا، بي رحم شڪارين پاران هٿيارن سان شڪار ڪرڻ توڙي جو لالچي ماڻهن پاران خريد ۽ وڪري سبب مورن جي نسل ۾ گهٽتائي آئي آهي، مورن جا ٽهوڪا ٿر جو اهڃاڻ بڻيل آهن ۽ ٿر مورن جو ديس پڻ ليکيو ويندو آهي، جڏهن ته مورن جي خوبصورتي ئي مورن جي دشمن بڻجي وئي آهي، مورن جي اهميت بابت مذهبي ڪتابن ۾ ذڪر شد مد سان ڪيل آهي، مسلمانن توڙي هندن وٽ مور جي مذهبي لحاظ سان وڏي اهميت هجڻ ڪري انسان صدين کان مور سان دوستاڻو تعلق رکندا پيا اچن، ٿر ۾ نانگن ۽ بلائن جا دشمن سمجهيا ويندڙ مور به بي رحم شڪارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ٿر جا ماڻهو طاقتور ڌرين پاران جاري مور مار مهم اڳيان بيوس بڻجي ويا آهن، عرب شڪارين ۽ بااثر نان سولين ۽ سولين ادارن جي ڪامورن طرفان مورن جو شڪار جاري آهي، معاشري تي اثر انداز ٿيندڙ مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن جي عدم دلچسپي سبب ٿر مان مورن جو نسل ختم ٿيڻ لڳو آهي ۽ نانگن، بلائن جي تعداد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ٻئي طرف وائيلڊ لائيف کاتو وسيلن جي اڻ هوند سبب مورن جي نسل کي بچائڻ ۽ واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ قانون تي عمل در آمد ڪرائڻ ۾ بيوس بنيل آهي ۽ مورن جو وڪرو سر عام ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ٿر ۾ مورن جي بچاءَ واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي سماجي تنظيم مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ”مور دوست“ ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ مور بچايو نانگ ڀڄايو مهم جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿر ۾ مارئي، ٻاگهل ٻائي، مائي بختاور شهيد، مائي ڀاڳي، سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، مومل راڻو، ليلان چنيسر، مرکان شيخڻ، فوزيا سومرو، نماڻو شاهه، گجو راڻي ۽ ٻين سنڌ جي امر ڪردارن جي نالن سان منسوب 25 پيڪاڪس پوائنٽس قائم ڪيون ويون آهن. جتي مورن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ان کان سواءِ پهريون ڀيرو ٿر ۾ مورن جي سروي پڻ شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا ڊسمبر 2010 جي آخر ڌاري مڪمل ڪئي ويندي، مورن جي بچاءَ ۽ واڌ ويجهه واري پروگرام جي پروجيڪٽ مئنيجر نامياري ليکڪ ارباب نيڪ محمد ٻڌايو ته مورن جي نسل ڪشي اسان جي مرده ضمير جي نشاني آهي، زندهه دل انسان قدرت طرفان موڪليل تحفي جو قدر ڪندي ان جو تحفظ ڪندا آهن. مور دنيا جو خوبصورت پکي آهي، جيڪو فطري حسن ۾ وڌيڪ رنگ نکاري ٿو، جنهن جو شڪار ڪرڻ غير قانوني ۽ غير اخلاقي آهي، هن ٻڌايو ته مورن جي نسل ۾ ڪمي سبب ٿر ۾ نانگن ۽ بلائن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي، نانگن ۽ بلائن جي خاتمي لاءِ مورن جو تحفظ ڪرڻو پوندو ۽ مورن جو وجود ٿر جي حسن کي وڌائيندو، هن چيو ته اسان ٿر ۾ مورن جا فارم قائم ڪيا آهن، انهن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف نامياري زرعي ماهر ۽ ليکڪ، مير امان الله ٽالپر ٻڌايو ته مور ٻين پکين کان بلڪل مختلف مزاج وارو پکي آهي، ان کي پنهنجي پسند جو ماحولو ملڻ سان ئي هو زندهه رهي سگهي ٿو، مورن جي نسل ڪشي ۾ اسان سڀني جو قصور آهي، معاشري جا ذميوار باشعور ماڻهو مورن جي تحفظ لاءِ اڳتي اچن، هن چيو ته مور داڻي ۽ کاڌ خوراڪ بدران جيتن، ماڪوڙن، نانگن، بلائن، اڏوهي وغيره کي خوراڪ لاءِ پسند ڪن ٿا ۽ سياسي ۾ مڪئي جو داڻو سندن صحت لاءِ بهتر ثابت ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته مڪئي ۾ موجود آنل مور جي جسماني واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ان ڪري مور ٻيلي ۽ جهنگ واري علائقي کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، مور آزاد پکي آهي ۽ آزاد فضا ۾ ئي خوش رهي سگهي ٿو کيس ڪوٽن قلعن ۽ بند ماحول وارين جاين م قيد نه ٿو ڪري سگهجي، اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته جيئن شڪارين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي روڪيو وڃي ته مورن جو نسل بچي سگهي. روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: ڇا مورن جو نسل جلد ختم ٿي ويندو؟ تمام ڀلي ونڊ ڪئي آهي توهان پر اسان ته مورن کي ڏسڻ کان سڪي رهيا آهيو پر جتي هي آهن اتي هنن جو شڪار پيو ٿئي