السلام عليڪم منهنجي سالگراهه تي توهان سڀني دوستن لاءِ ڪيڪ تيار آهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انٽرنيٽ اتي تمام فائيدو ڏنو آهي صرف ڪيڪ ڏيکاري مبارڪ وٺڻ واه سائين واه
جواب: سالگراهه ادا علي اڪبر شر صاحب توهان کي مون جي پاران ۽ سنڌ سلامت سٿ پاران دل جي گهراين سان سالگره مبارڪ هجي ۽ اميد ٿو ڪريان ته توهان جي لا۽ هي سال خوشين جو سال ثابت ٿيندو سدائين گڏ
جواب: سالگراهه ادا علي اڪبر۔۔ توهان کي توهان جي جنم ڏينهن جي موقعي تي دل جي گهراين سان اڻڳڻت مبارڪون هجن۔۔ ڌڻي در دعا آهي ته اوهان سدائين خوش هجو۔۔۔ هر ڏينهن توهان لاءِ خوشيون کڻي اچي ۽ ڏک اوهان کان سدائين دور رهن۔۔۔
جواب: سالگراهه پيارا علي اڪبر شر يار معاف ڪجائين، هميشه دوستن جي جنم ڏينهن تي سنڌسلامت جي انتظاميه وارا جن ۾ مون وڏي پٽڪي واري نثار ناز کان وٺي، منتظم اعلى جادوگر رشيد سمون تائين مبارڪون ۽ واڌايون ڏيندا آهن پر هن دفعي اسان سڀ ستا پيا هُئاسين ته اسان جي پرين پيار ي محترم علي اڪبر جو جنم ڏينهن آهي، چلو اسان کي پنهنجي سالگره تي تو خود واڌايون ڏئي هڪڙي نواڻ سنڌ سلامت کي ڏني، ۽ پيارا علي اڪبر شر خير مُبارڪون الله سائين توهان کي سدائين پنهنجي پيارن سان آبادرکي ڪو ڪوسو ڏينهن نه ڏسو، توهان جي جنم ڏينهن تي توهان پاران خود ڏنل مُبارڪن جو اهو انداز دل کي وڻيو۔ قسم سان ڏاڍو وڻيو۔
جواب: سالگراهه ڀا علي اڪبر مون پاران به اوهان کي جنم ڏينهن جون لکين واڌايون۔ دعا آهي ته رب پاڪ اوهان کي شاد ۽ آباد رکي۔
جواب: سالگراهه ادا علي اڪبر شر صاحب توهان کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي ۽دعا آهي ته الله پاڪ اوهانکي زندگي جون تمام خوشيون نسيب ڪري جن سان اوهان سدا مرڪندا رهو۔۔۔
جواب: سالگرهه ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انسان جا لکين پل هجن ٿا، انهن پلن ۾ ڪهڙو اهڙو پل آهي جنهن ۾ انسان مبارڪ جي لائق آهي، اها خبر ته ڪير ڪير ئي رکندو آهي، جيتوڻيڪ ڄم ڏهاڙو اهم ضرور آهي ۽ يادگار به آهي پر ان ڄمڻ کانپو هر گهڙي ًگذرندي وڃي ٿي ۽ ان گهڙي کي موٽائڻ ته انسان جي وس جي ڳالهه به ناهي ۔۔۔۽ جي اها گهڙي ايمان سان گذري ته مبارڪ ۽ جي ڀل ۾ گذري ته افسوس ۔۔۔!!! مبارڪ يا هو جمالو ان شئي تي ڳائبو آهي جيڪا پنهنجي ٻل تي ڪئي وئي هجي ۔۔۔ پنهنجي ڪنهن صلاحيت مان ڪا تخليق ڪئي وئي هجي، پنهنجي طاقت سان ڪا شئي حاصل ڪئي وئي هجي يا وري پنهنجي اندر جي انسان کي جاڳائي ڪو چڱائي جو عمل ڪيو ويو هجي ۔۔۔ پر دوستو! ڇا ڄمڻ ۽ مرڻ اسانجي وس جي ڳالهه آهي، يا اسانجي مرضي جي مطابق آهي ۔۔۔؟ اسانجي ڄمڻ ۾ اسانجو ڪو ڪارنامو ناهي، فطرت جو ڪارنامو آهي ۽ رب جي ذات جو ڪمال آهي، پو ان ڄمڻ واري ڏهاڙي جون مبارڪون ڇو؟ ادي اڪبر شر کي مبارڪون هجن! سنڌ سان محبت ڪرڻ تي، سنڌين سان ساٿ نڀائڻ تي، سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستي رکڻ تي ۔۔۔ ۽ مبارڪون ته اسانجي هِنَ ڀا زندگي جا گذريل سال ڪاميابي سان گذاريا آهن ۔۔۔ رب جي ذات کان دعا آهي ته ادي اڪبر شر سان گڏ اسان سڀني جا باقي بچيل ڏينهن به ايمان سان ٽمٽار گذرن ۽ ڪاميابي سان ختم ٿين ۔۔۔ آمين
جواب: سالگرهه ادا علي اڪبر شر صاحب توهان کي مون جي پاران ۽ سنڌ سلامت سٿ پاران دل جي گهراين سان سالگره مبارڪ هجي
جواب: سالگرهه ڀائو علي اڪبر اوهان کي جنم ڏينهن جو وڌايون۔ الله سائين شل اوهان کي ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري آمين۔ باقي اوهان جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ مانکي نصيب ئي ڪان ٿيو با