اڄ نه اوطاقن ۾ دُونهين، ڌُنڌُ نه لاٽ ليکڪ : پروانو ڀٽي ڍول فقير جڏهن به اهڙا قرب ڀريا انسان ياد اچن، جن جي مٺڙن ٻولن سان محفل گرم ٿي ويندي هئي ته سائين ڍول فقير ڪٿي ٿو وسري سگهي. اڌ صدي اڳ هن فقير سان ملاقات ٿي هئي، جيڪا پوءِ سمورو عرصو سندس جدائي تائين برقرار رهي. سنڌي ڪافي جي گائڪي ۾ جن به ناميارن فنڪارن کي ٻڌڻ جي سعادت حاصل ٿي، تن ۾ ڍول فقير جو پنهنجو منفرد انداز هو. يڪتاري تي سر ملائي ”ها… ها“ ”هون … هون“ ”ڀلو ڙي“ يا جيئن آکاڻي جي صورت ۾ بيان ٻڌائبي آهي تيئن سسئي ۽ مارئي جي داستانن مان شاهه سائين جا بيت انهيءَ رڌم، انهيءَ لئي ۾ اهڙي ريت ادا ڪندو هو جو ٻڌندڙ جي دل ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. اهو ڍول فقير جو پنهنجو انداز هو جيڪو نه هن کان اڳ ڪنهن فقير صوفياڻي ڪلام ڳائيندي اختيار ڪيو ۽ هاڻي به ڪو اهڙو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪچهرين جو مور، وٽس وڃبو ته هميشه پياري گفتگو ٻڌبي هئي. نه آڪڙ نه وڏائي، هاڻي ته اهڙا فنڪار به ڏسون پيا، جيڪي ڪاٽن جي ڪپڙن، موبائيل سان ائين آڪڙ سان هلندا آهن ڄڻ سو ڏاچين جا سر ڏنا هجن پر جڏهن کين ٻڌبو ته بي سُرن جا بادشاهه پيا لڳندا. http://www.youtube.com/watch?v=teCBxx70qws&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=IzFakJ-cmvg&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=5Snzb-vUJew&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=TfcPIdHUXE4&feature=related اسحاق راهي مون لاءِ اهڙي ڏکي گهڙي به آئي جڏهن اسحاق راهي کي مرحوم لکڻو پيو. اسحاق راهي سنڌي زبان جي اهڙن شاعرن مان هڪ هو جن سنڌي غزل ۾ پنهنجو منفرد انداز قائم رکيو ۽ غزل جي ٻولي، غزل جي لهجي کي برقرار رکڻ لاءِ جتن ڪيائين. غزل لکڻ ۾ جن نوجوان دوستن ۽ خاص ڪري دادو ضلعي ۾ پنهنجي قلم جون جولائيون ڏيکاريون تن ۾ جتي محسن ڪڪڙائي، استاد بخاري، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي جهڙا مرحوم ۽ پيارا يار موجود هئا اتي اسحاق راهي جو پنهنجو انداز هو. گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو چوي ڪو نا ٿو چوي. سندس شاهڪار غزل آهي جنهن ۾ شاندار منظر چٽيا اٿس. ميهڙ ۾ جڏهن به ادبي رهاڻ ڪرايائين ته مون کي حيدرآباد کان ڇڪي وٺي ويندو هو. ڪڪول واري ڪپ تي سندس اوطاق منهنجو مسڪن هئي. نه رهيا اهي مٺڙا ۽ محبوب دوست نه رهيون اهي ڪچهريون، بس رهي نالو ڌڻي جو! حافظ محمد احسن چنه منهنجو اباڻو ضلع دادو آهي. ان حوالي سان به سائين حافظ محمد احسن سان منهنجي نيازمندي 1952ع کان ٿي جڏهن هڪ شاندار محفل مشاعري ۾ جيڪو دادو ۾ سندس ئي ميزباني ۾ ٿيو هو مون کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي. قرآن شريف جي حفظ ڪرڻ سبب حافظ محمد سندن نالو هو. احسن تخلص ۽ چنه ذات. سڄو نالو ٿي ويو حافظ محمد احسن چنه!! استاد الشعراءِ جو اعزاز حاصل ڪندڙ استاد شاعر مرزا قليچ بيگ جهڙي نامور عالم، شاعر، سنڌي ادب جي محسن کان ڪلام جي اصلاح حاصل ڪندڙ سائين احسن چنه پاڻ به سوين نوجوانن کي شعر و سخن جي تربيت ڏني. جيڪي اڄ به سنڌي علم و ادب جا چمڪندڙ ستارا آهن. دادو شهر ۾ پنهنجي پريس ۽ هفتيوار اخبار به هئس. ڪچهرين ۾ سندن ٽهڪ ۽ برمهل شعر ٻڌڻ جهڙا هوندا هئا. منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪيائين. قلندر سائين جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس هجي يا جمعيت الشعراءِ يا انجمن آفتاب ادب طرفان مشاعرو هميشه ڏاڍي محبت ۽ سڪ سان سڏ موڪليندو هو. پيرن تي هٿ رکي اچي حاضري ۾ شريڪ ٿبو هو. سچ پڇو ته دادو جهڙي علمي ادبي شهر ۾ وري اهڙيون محفلون گرم ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. سائين حافظ احسن جي اڳيان ڪير ڪچو ڦڪو شعر پڙهندو هو ته کيس ٽوڪيندو نه هو پر پنهنجي ڀر ۾ ويهاري کيس سمجهائيندو هو ته هن کان ڪهڙي سَهوَ ٿي آهي. ڪيڏا نه عظيم مرتبي جا انسان هئا. ورنه اڄ ڪلهه ته هر شاعر پاڻ کي استاد سمجهي پيو. اها دعويٰ ته وٽس شاگردن جي فوج موجود آهي پر اهڙا اعليٰ ظرف انسان استاد وري ڪٿي ڏسبا. ”ساريو سنگهارن کي رئان رت ڦڙا“ گل محمد مغل مون کي هڪ ڀيرو سنڌالاجي ڄامشوري جي لائبرري ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. سهڻي رسالي ۾ ٽيهارو سال اڳ منهنجو ڪلام شايع ٿيو هو، جيڪو نه مون وٽ ڪلام موجود هو ۽ نه سهڻي جو پرچو. ڪنهن دوست ٻڌايو ته سنڌالاجي جي لائبرري ۾ توهان کي اهو پرچو ملي ويندو. سنڌالاجي ته ويندو رهندو هوس پر لائبرري طرف وڃڻ گهٽ هو. پهريون ڀيرو مون شاندار عمارت ۾ پير پاتم. لائبررين محترم گل محمد مغل صاحب جيڪو سفيد ريش بزرگ ڪرسي تي موجود هو. منهنجي اڳ ۾ ڪا به ملاقات نه هئي پر مليو نهايت محبت ۽ عزت سان!! مون رڳو مدعا بيان ڪئي. يڪدم سهڻي رسالي جا ڍير لڳي ويا. پرچو هٿ آيو، فوٽو اسٽيٽ ڪرائي مون کي شاعري وارو حصو هٿ ۾ ڏنائين، ٻيو حڪم چئي کلي ڏنائين. نهايت قربائتو انسان هو. سنڌالاجي واري ڪتب خاني جو ديدار ڪرايائين، جتي نهايت شاندار علمي خزانو موجود هو، جنهن جي نهايت عمدي طريقي سان سنڀال ڪري رهيو هو. جُون جي ئي مهيني ۾ موڪلايائين پر اها حسرت دل ۾ رهجي وئي ته وري ڪا ملاقات ۽ گهڙي نصيب ٿئي ها ته هن عالم ۽ اڪابر انسان کان مون جهڙو بي سمجهه ۽ اڻ ڄاڻ انسان ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها. دل ته گهڻي ئي ٿي چاهيو ته رهي اچجي راتڙي تن واڍوڙين وٽ، پر اهڙي تمنا دل ۾ ئي رهجي وئي. عبدالرزاق سومرو ٽنڊي آدم شهر جي سڃاڻپ ٻي ڪا هجي ته ڀلي پر سٺ واري ڏهاڪي ۾ مزدور اڳواڻ عبدالرزاق سومرو به ٽنڊي آدم جي سڃاڻپ هو. قدآور انسان، ڳالهائڻ ۾ کرو. فقير طبع، دوستن سان دوستي نڀائڻ وارو. عبرت سان ساري زندگي نباهه ڪندڙ عبدالرزاق سومرو ائين وساري ڇڏڻ جهڙي شخصيت ته ڪانه هئي پر اڄ ڪير به کيس ياد نٿو ڪري. ٽنڊي آدم مان جڏهن استاد منظور علي خان، عبدالرزاق سومرو، محمد بچل يوسفاڻي، استاد وزير علي خان، شاهه اسد، عبدالله ورياه ۽ محمد شريف طالب جهڙا دلبر دوست موسيقي جي دنيا جا بي تاج بادشاهه، ڪچهرين جا مور، ادبي محفلن جا سينگار هليا ويا ته پوءِ باقي: ”منهنجو هاڻ ڇا آهي شهر ڀنڀور ۾“ هاڻي اتي رهيو ڇا آهي! سائين علي اڪبر شاهه جڏهن به تلڪ چاڙهي وٽ جامع عربيه هاءِ اسڪول کي ڏسندو آهيان ته سائين علي اڪبر شاهه ميهڙ وارو ياد اچي ويندو آهي. جامع عربيه کي قائم ڪرڻ ۾ سائين علي اڪبر شاهه جي خدمتن جو اندازو ڪرڻ کان اڳ اسان کي انهيءَ وقت ۽ زماني جو احساس ڪرڻو پوندو، ته جتي انگريزي اسڪول کلي رهيا هجن اتي سائين عربي جي تعليم کي اهم سمجهندي عربي تعليم واسطي هڙان وڙان خرچ ڪري هڪ شاندار عمارت تعمير ڪرائي. اها ڳالهه نظر انداز نٿي ڪري سگهجي. نهايت قدآور شخصيت، ڳالهائڻ ۾ تيز، سنڌ اسيمبلي جو ان وقت ميمبر رهيو جڏهن انهن کي ايم ايل اي سڏيو ويندو هو ته سندس اعزاز ۾ فقيرن ۽ غريبن جي حوالي هوندو هو. مون کي اهو اعزاز آهي ته مون هن سنڌ جي خدمتگار، عالم ۽ معلم، انتهائي قربدار ۽ ملنسار بزرگ سان ڪي گهڙيون رهاڻ به ڪئي. گوڏا ڀڃي اهڙن بزرگن کان ڪجهه حاصل ڪرڻ واسطي هيٺ پٽ تي به ويٺاسين ته جيئن سندس علمي تجربي مان ڪجهه حاصل ڪري سگهان. سنڌي ادب تي سندن اهو احسان جو هڪ نامياري اديب، عالم، بزرگ مولانا غلام محمد گرامي کي ڳوٺان وٺي اچي جامع عربيه ۾ عربي جو استاد مقرر ڪيائين. جتان پوءِ سائين گرامي صاحب ٽريننگ ڪاليج فار مين به ويو ۽ ان بعد سڄي ڄمار حيدرآباد ۾ رهيو. ادبي بورڊ ۾ زندگي ڀر خدمت ڪندي وڃي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري ڀرسان آرامي ٿيو. سائين علي اڪبر شاهه جهڙي باهمت ۽ تعليم جي ڦهلاءُ لاءِ جاکوڙيندڙ بزرگ کي وسارڻ احسان فراموشي ٿيندي. محمد خان لغاري جُون مهينو پوري ٿيڻ کان اڳ هڪ پياري دوست کي جدا ڪري ويو. مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1955 کان پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا. ٿورن سالن کان پوءِ هڪ نوجوان به اچي ڊرامن جي پروگرامن ۾ شامل ٿيو. اهو محمد خان لغاري هو جنهن جو آواز گونج دار هو. انهيءَ دور ۾ مشتاق مغل، صالح محمد شاهه، مصطفيٰ قريشي، اي آر بلوچ جهڙا گرج دار آواز موجود هئا. اهڙي وقت ۾ هن سدا بهار آواز جي مالڪ پوءِ ريڊيو جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ اتائين رٽائرڊ ڪيائين. آخري وقت تائين به ريڊيو سان پنهنجي وابستگي قائم رکيائين ۽ فتح خان جي اوطاق پروگرام ۾ مسلسل سندس آواز ڪنن ۾ پهچندو رهندو هو. نهايت قربائتو ۽ نماڻو انسان هو. مون سان هو هميشه سرائيڪي ۾ ڳالهائيندو هو. بيماري سبب ڪجهه ڪمزور ٿيو پر سندس آواز ۾ کڙڪو موجود رهيوس. وڃڻ وارن کي ڪير روڪي ٿو سگهي ۽ اهو به اهڙي طرف وڃڻ جتان وري ڪير به نه موٽيو آهي. وڃڻ واري جون ڳالهيون، رهاڻيون سدائين ياد رهنديون ۽ رهن ٿيون. عبدالحميد ”امن وارو“جيئن مٿي عرض ڪيم ته جُون مهيني ويندي ويندي ڌڪ هڻندي دير نه ڪئي. سينئر صحافي دوست عبدالحميد جنهن سان اڌ صدي جيترو عرصو گڏ گذاريو ان کي بيماري ته بهانو هئي. کيس دوستن، احبابن، مائٽن کي ڇڏي وڃڻو هو سو به موڪلائي ويو. امن اخبار سان سندس تعلق ايترو ته پراڻو هو جو نالي وٺڻ سان گڏ اخبار جو نالو به ضرور وٺبو هو. پريس ڪلب ۾ ڪچهريون يا سندس آفيس جيڪا گاڏي کاتي ۾ هئي ان ۾ ساڻس رهاڻيون سندس ڪو به ساٿي وساري نه سگهندو. ڪو به حاجت مند کيس ڪنهن آفيسر ۾ ڪم لاءِ چوندو هو ته جلدي ٽيليفون هٿ ۾ کڻي ان آفيسر کي ڪم پورو ڪرڻ لاءِ چوندي دير نه ڪندو هو. عبدالحميد به مٽي ۾ ائين الک ٿي ويو جيئن ٻيا پيارا موڪلائي ويا. آءٌ مضمون لکندي، يارن ۽ پيارن کي ياد ڪندي ڪڏهن روئي ڏيندو آهيان. منهنجا پوٽا ازان گل ۽ سنان گل پڇندا آهن ته توهين ڇو ٿا روئو. ٻارڙن کي ته ٻيو جواب ڏئي واپس ڪندو آهيان پر سچ ته مون کان ڪو دوست اهڙو سوال اگر ڪري ته هيڏا ڌڪ کاڌا اٿئي، هيڏن محبوب انسانن جي وڇوڙي جو داغ سيني تي کنيو پيو هلين اڃا به تون زنده آهين ته يقينن آءٌ شايد اهوئي جواب ڏيان ته آءٌ انهن مٺڙن محبوبن جي يادگيرين کي سيني ۾ سمائي زنده آهيان ۽ اهي يادگيريون ئي مون کي زنده رکنديون پيون اچن. بشڪريه سنڌ ميل